Home / ويندي ويندي / !بجيٽ، بند ۽ ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ
above article banner

!بجيٽ، بند ۽ ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ

بجيٽ سان پنهنجي ايتري لڳي جيتري جاپانين جي واندڪائي سان ۽ منگلون جي امن سان- ان ڪري هر سال جڏهن به بجيٽ جو موسم ايندو آهي ته اسان ٻارن جون موڪلون ملهائڻ لاءِ يا ڪوهه مري هليا ويندا آهيون يا لسي پيو ڳوٺ ستا پيا هوندا آهيون. ڳالهه دراصل اها آهي ته بجيٽ انگن اکرن جو گورک ڌنڌو آهي. پاڻ صوفي ماڻهو حساب ڪتاب کان پري. بجيٽ ڪيئن ٺهندو، ڪنهن ڪيترا پيسا ڪمايا، ڪنهن کي ڪيترا مليا، ان تي نه اسان اڳ سوچيو هو، نه هاڻ سوچينداسين. اهو به مٿو اسان جي ڪجهه قوم پرستن جو خراب ٿيو جو ويٺا اين ايف سي ايوارڊ جو ڍير ڦلهورن ته سنڌ اين ايف سي ۾ ستر سيڪڙو ڏوڪڙ ڏئي ٿي ۽ موٽ ۾ کيس ويهه سيڪڙو مس ملن ٿا. هاڻ اوهان ئي ٻڌايو، ڀلا جي سنڌ ستر سيڪڙو ڏنو ته ڇا نه ڏنو ته ڇا، ان فضول بحث ۾ پوڻ جي آخر ضرورت ڇو آهي جو ملڻو ته اهو ئي آهي جيڪو ملي ٿو. هاڻ ڪنهن کي ڏيڻ وقت سهائبو به آهي ڇا؟ ملڪ موليٰ جو آهي، جيڏو ملي ٿو ان تي شڪر ڪجي. هروڀرو ڇو پنجاب جي ڀاڳ سان ريس ڪجي؟

بجيٽ ۾ هونئن به ڪهڙي ڪم شئي هوندي آهي؟ اسان ڄايا آهوين جو ڏسندا ٿا اچون ته بجيٽ جو وڏو حصو يا ته دفاع جي نالي تي اسٽيبلشمينٽ کي تاتڻ تي خچر ڪيو ويندو آهي يا دفاع جي نالي تي ورتل اوڌرون لاهڻ لاءِ خرچ ٿيندو آهي. رهيو ريزڪي خرچ ته، ريزڪي خرچ لاءِ ڪجهه ڏوڪڙ صوبن کي ملندا اهن، جيڪي ترقياتي رٿائن جي نالي تي ڪامورا ۽ سياستدان ملي ڀڳت ڪري ٺيڪيدارن معرفت کائيندا آهن. عوام کي هونئن به ٽيڪس نرڙ ۾ لڳندو آهي، جيڪو جيترو به گسايون، نرڙ تي لڳڻو آهي. هاڻ ڪو اهڙو هيلمٽ وٺجي جو وزير خزانو جو اڇلايل ٽيڪس اسان جو مٿو نه ڦاڙي، باقي سڀ خير آهي.

هونئن بڌڻ ۾ اچي ٿو ته هن سال بجيٽ ڪجه مزي جو ناهي ٺهيو جو آئي ايم ايف ۽ ورڊ بئنڪ سڌري تائين ڏوڪڙ ڏيڻ کان جواب ڏنو آهي. خير سڌرندو اسان جو آڱوٺو، اسان جهڙا آهوين تهڙا رهنداسين ۽ گورا به سمجهن ٿا ته اسان جي گپ ۾ ليٽي پياسين ته وڏو گند ٿينود، ان ڪري ان کان اڳ جو اسان گپ ۾ ليٽيون، گورا اسان ڏي وري ڏوڪڙا اڇلائيندا- هونئن به ارڙهن ڪروڙ جي آبادي جو ملڪ، سو به ايٽمي طاقت، مٿان سڀ سدائين ڪاوڙيا وتن ته اهڙي ملڪ کي ڪير ايترو سڃيو ٿيڻ ڏيندو جو سڀاڻي رستي تي اچي بيهي ۽ اوڙي پاڙي جا دڳ ئي ڦٽائي ڇڏي؟

پر سال سنڌ ۾ مهاٻوڏ آئي هئي، هيل لڳي ٿو ته مها جي به ماءُ ٻوڏ ايندي. نه رهندا بند، نه ڪئنال، نه رستا- سڄي سنڌ تلاءُ ٿي ويندي. سڄي سنڌ ۾ جتي وڻيو پنهنجو يا پرين جو پاڇو ۽ اولڙو ڏسندا وتو. اُن ٻوڏ سان ٻيو نه ٿئي گهٽ ۾ گهٽ آبپاشي کاتي جي وزير جي ڇُٽي ٿي ويندي. سنڌ منڇر ٿي ويندي. ايشيا مان ڦري هاڻ اسان دنيا جي وڏي ۾ وڏي مٺي پاڻيءَ جي ڍنڍ هونداسين. ٻيڙين تي ڳوٺ ۽ شهر آباد هوندا ۽ پاڻي ۾ ڏرو ۽ ڊي ڊي ٽي پائوڊر اڇلائي بنا گهڻي مٿي ماري جي مڇي مارينداسين.

هاڻ ڳالهه کٽائڻي ته اسان سنڌي نهايت ذهين، پر سست مخلوق آهيون. سمجهون سڀ ٿا، پر سڀ سمجهڻ جي بواجود يا اسلام آباد تان ڪرندڙ مصيبت کي روڪي نٿا سگهون، ان ڪري مست الست ٿي گهمندا وتون ٿا.

ڪيئي بجيٽ آيا، ڪيئي ويا، اسان جا حال ساڳيا ئي رهيا آهن. هيل سنڌ کي بندن جي مرمت لاءِ جيترو مليو سو ته وزيرن مشيرن ۽ ڪامورن جي گرڙي به نه ٿي. ان ڪري جي هيل ٻوڏ ائي ته پاڻ به ڪنهن Boat House ۾ سائي ٻوٽي کائي ستا پيا هونداسين، پر سوال اهو آهي ته سنڌ ۾ اهڙي سُڪي جاءِ بچندي ڪٿي جتي سائي ٻوٽي پوکينداسين؟

ڏٺوَ؟ آهيون نه اسان سنڌي ذهين؟ ڪهڙو سوال پڇي ويٺاسين- ميائون ميائون ڪردي ئي، چُلهه تي ڦردي اي؟ جواب، ڳڙدي لسي! جواب درست آهي!

 


below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو