Home / ڪور افيئر / !بحران جو شڪار ملڪ ۽ مفاهمت جي مٺي ڇُري
above article banner

!بحران جو شڪار ملڪ ۽ مفاهمت جي مٺي ڇُري

1989ع ۾ شايع ٿيل پنهنجي ڪتاب ۾ بينظير ڀٽو لکيو هو ته “پاڪستان ۾ سياست فقط ذوالفقار علي ڀٽي ڏانهن رويي جو نالو آهي.” يعني پاڪستان جي سياست ۾ امڪاني طور ٻن قسمن جا ماڻهو موجود آهن، هڪڙا اهي جيڪي ڀٽي جا حامي آهن ۽ ٻيا اهي جيڪي سندس مخالف آهن.

هي رڳو هڪڙو سياسي بيان ڪونه هو پر پاڪستاني سياست جو ايبسٽريڪٽ هو جنهن، سياست جي سائنسدانن کي وڌيڪ تحقيقي ڪم لاءِ ميدان فراهم ڪيو. پالا آر نيوبرگ هجي يا اوون بينيٽ جونز، هرڪنهن پنهنجي خاص رخ ۾ ڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ ان ٿيوريءَ جي پرک لهڻ جي ضرور ڪوشش ڪئي. هڪ لحاظ کان 1969ع کان وٺي 1999ع تائين بينظير جي اها ٿيوري ڪافي حد تائين درست به ثابت ٿي هئي. پر اڳتي هلي مشرف جي مارشل لا وارن 9 ورهين ۾ اها ڌنڌلي ٿي ۽ بينظير جي قتل ۽ سندس پارٽيءَ جي پاور ۾ اچڻ کان پوءِ اها ذري گهٽ گم ٿي وئي. قاتل ليگ جي اقتدار ۾ شريڪ ٿيڻ کان پوءِ بينظير جي اها تاريخ ساز ڳالهه هاڻي هڪ ناقابل يقين ڏند ڪٿا بڻجي وئي آهي.

آئين اسٽائين جڏهن ٿيوري آف رليٽوٽي پيش ڪئي ته ان نظرئي هڪ ئي ڌڪ ۾ ان وقت تائين جا مستند، مڃيل ۽ مروج هزارين ڪتاب رد ڪري ڇڏيا هئا. مون کي ڊپ آهي ته آصف زرداريءَ جي مفاهمت واري تجربي کان پوءِ پاڪستان جي سياست جي موضوع تي لکيل هزارين ته نه پر ڪيترائي عزت وارا تحقيقي ڪتاب رد ٿي ويندا. هن جي “مفاهمت” جي پريڪٽس پاڪستان جي سياست جو نيوڪليس تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هن سياست مٿان لڳل چانديءَ جو ورق لاهي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي اها صحيح (يا غلط) معني ۾ ممڪنات جو فن ٿي پئي آهي.

لوئي پاسچر ڇتڪُتائي (Rabies) جي ويڪسين دريافت ڪئي ۽ سر اليگزينڊر فليمنگ (حادثاتي طور) پينسلين ڳولي ورتي. گراهم بيل ٽيليفون ايجاد ڪيو، ايڊيسن بلب ۽ ڀٽائي “مبينه طور” تنبورو يا دنبورو. پاڪستان ۾ خاص طور تي سندس مخالف مڃڻ لڳا آهن ته آصف زرداري سياست ايجاد ڪئي آهي.

حادثاتي طور قيادت سنڀالڻ کان پوءِ ۽ “معجزاتي” طور صدر مملڪت ٿيڻ کان وٺي هن وقت تائين آصف زرداريءَ جي اقتدار جي فلائيٽ “ناهموار” رهي آهي. شهري دانشورن جي نظر ۾ آصف زرداري “سروائيور” آهي. ساڳي ڳالهه چوندي منهنجا ٻهراڙيءَ جا دوست هن کي “چانسي” سڏيندا آهن. سال 2011ع اهڙو برمودا ٽرائينگل ٺاهيو بيٺو آهي جنهن ۾ هر فلائيٽ خطري ۾ نظر اچي ٿي. هن جي فلائيٽ ته خير لوڏن ۾ رهي ئي آهي پر هن سال ٿيندڙ واقعن جي ڪري آصف زرداريءَ جي اقتداري سسرال جو جهاز هن کان به وڌيڪ لوڏن ۾ اچي ويو آهي.

هن اڍائي سال ان ننڌڻڪيءَ ننهن وانگر گذاريا آهن جنهن جو سڄو سسرال گيندي جي گل جيان پاڻ ۾ ٻڌي ڪري کيس تنگ ڪندو رهيو آهي. هڪ غريب گهراڻي مان آندل ننهن، جنهن جي باري ۾ سڀنيءَ کي خدشو هو ته اها الائجي صحيح نموني پيش ايندي يا نه، ڪٿي پنهنجي خراب هلت سان اها اوچي خاندان جي وقار کي مٽيءَ ۾ نه ملائي ڇڏي. ايئن ٿو لڳي ته اتر پرديش جو هي لوڪ گيت ڄڻ هن جي باري ۾ ئي چيو ويو هجي :

سيان هين بيوپاري

چلي هين پرديس

موهي نند جھڙڪي ديوي

ديورجي سمجهاديوي اور

ساس گالي ديوي

سسرال گيندا ڦول!

پاڪستاني ميڊيا ته خاص طور تي ڪنهن بدتميز نڻان واري هلت هلندي رهي آهي. ان کان وڌيڪ ڪمينگي ڪنهن ٻئي سيڪٽر شايد ئي ڏيکاري هجي. بحث مباحثي جي معيار جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، اشوز جي فريمنگ ۽ پريزنٽيشن کان ويندي مهمانن جي چونڊ ڪرڻ تائين هر معاملي ۾ بي ايماني کي ڏسندي آصف زرداري اهو طئي ڪيو ته اهڙي اعلي پائي جي گهٽيا ميڊيا مان نه ته آسرو ڪجي ۽ نه ئي ڀئو. هو پاڻ نه پريس ڪانفرنس ڪري نه قوم کي خطاب. ميڊيا هن جي ترجيحن ۾ ڪٿي بيٺل آهي ان جو نياپو هن هڪ پريڪٽيڪل لطيفي وسيلي اهو ڏنو جو فردوس اعواڻ کي اطلاعاتي وزير مقرر ڪري ڇڏيائين. هن مقرريءَ جو سنڌي ترجمو آهي : جهڙو منهن تهڙو موچڙو.

جيئن تيئن ڪري چانس وٺندو وٺندو صدر صاحب پنهنجو وقت به ڪڍي آيو ۽ ڪجهه سٺا ڪم به ڪيائين. بلڪه ڪجهه دوستن مطابق هن ڪجهه ايڏا ته ڪمال جا ڪم ڪيا آهن جن جي باري ۾ پنهنجي دور حڪومت ۾ سندس گهرواري توڻي قانوني والد محترم سوچي به نٿي سگهيا. سڀنيءَ وٽ ان جا مثال هوندا پر مون کي هڪ ننڍڙي واقعي مان ان جو اندازو ٿيو. خوشگوار حيرت ٿي جڏهن رش جي باوجود اسلام آباد جي پاسپورٽ آفيس جي پشتون ڊپٽي ڊائريڪٽر اٿي هٿ ڏنو ۽ ڪرسي آفر ڪئي. مون کيس پاسپورٽ جلد اڪلائڻ لاءِ عرض ڪيو ته چيائين “آپ ڪا ڪام ڪيسي نهين ڪرين گي؟ آپ سنڌيون ني تو همين شناخت دي هي!” نه رڳو پشتون پر گلگت بلتستان وارا به آصف جا احسان مند آهن ۽ ويچارن سرائيڪين ۾ به ڪجهه ساهه پيو آهي.

خدا جي ڪرڻي ڦيٿي کي وٺي جو ڦيرايو آهي ته اسٽار پريوار کي اهڙو اچي نڀاڳ لڳو آهي جو هاڻي هو سون کي هٿ لائين ٿا ته اهو واري بڻجي ٿو وڃي. پنڊي پريشان آهي. امن جي آشا ۽ پاشا وارا پريشان آهن. اڄ سڄي سسرال جو ساهه آصف زرداريءَ جي مُٺ ۾ آهي. خانداني روايتون دنيا اڳيان پڌريون ٿي پيون آهن ۽ اوچا شمله ڌوڙ ٿي ويا آهن. کڻي ڪجهه عرصي لاءِ ئي سهي،گيندا ڦول پتي پتي ٿيل نظر اچي ٿو.

سنگت جو تجزيو هو ته فيصلي جو وقت اچي ويو آهي ۽ هي موقعو آهي ته هڪ هڪاڻي ڪجي. هي ئي وقت آهي ته هن ملڪ ۾ سويلين بالادستيءَ واري خواب کي حقيقت بنائجي. آصف زرداري اڪيلو ڪجهه نٿو ڪري سگهي تنهن ڪري سڀني کي گڏ ويهاري ڪم ڪڍڻو پوندو ۽ انهن کي گڏ ويهارڻ لاءِ “مفاهمت” واري مٺي ڇُري الاهي ڪم ڏيندي. ان کان علاوه، گيلاني کپندو، ڪائره کپندو، آمريڪي ڊالر به کپندا ته پٺڀرائي به کپندي. پر اها ريشمي خواهش حقيقت جي ڄاڱري ٻير ۾ ڦاسي پئي آهي.

تاريخ ثابت ڪيو آهي ته جڏهن ليفٽ رائيٽ ڪندڙ اونڌا ڪم ڪري ڦاسي پون، نه ليفٽ وڃي سگهن ۽ نه رائيٽ رستو ملي، تڏهن ٿوري عرصي لاءِ پاڻمرادو، غير اعلانيه طور تي، اندرواندر سويلين بالادستي قائم ٿي ويندي آهي. سويلين همراهه جيئن ئي مشڪل ڪشائي ڪري واندا ٿيندا آهن ته سندن بالادستي90 ڊگريءَ جي ڪلٽي کائي وري زير دستيءَ ۾ بدلجي ويندي آهي. احسان منديءَ جو احساس وڌڻ ڪري مرڳو سويلين همراهن جي جان خطري ۾ پئجي ويندي آهي.

آصف زرداريءَ جي سُهري 1971ع ۾ همراهن جي مشڪل ڪشائي ڪئي ۽ کين الف جي ب به ڪانه چيائين. احسان منديءَ جي جذبي سان سرشار جرنيلن 1977ع ۾ کيس تخت تان لاٿو ۽ ٻن سالن اندر سندس زندگيءَ جي گيم وڄائي ڇڏيائون. محمد خان جوڻيجو ڀٽي جي غلطين مان سکيو، تنهنڪري هن مارشل لا دور ۾ اوجهڙي ڪيمپ تي اڻ ــ ڌريو ڪميشن ٺاهي هنن جو احتساب ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي. رڌڻي ۾ رولو پئجي ويو ته هي همراهه احسان نٿو ڪرڻ چاهي. استادن کي گهڻي محنت ڪانه ڪرڻي پئي جو هن جي پٺيان عوام ڪونه هو. چين گهمائي کڻي لاٿائونس.

هاڻي هي وري بلنڊر ماريو بيٺا آهن ۽ شديد مشڪل ۾ آهن. آصف زرداريءَ لاءِ ٻه رستا هئا، هڪ احسان ڪرڻ وارو جيڪو سندس سُهري اختيار ڪيو هو ۽ ٻيو احتساب ڪرڻ وارو جيڪو محمد خان جوڻيجي ورتو هو. بدقسمتيءَ سان هن ذوالفقار علي ڀٽي وارو رستو وٺي نه رڳو هڪ تاريخي موقعو وڃائي ڇڏيو آهي پر پنهنجي لاءِ به خطرا پيدا ڪيا آهن. ٿيڻ ته ايئن کپندو هو ته ڪجهه صوبيدار سسپينڊ ٿين ها پر هن ننڌڻڪي ملڪ سان کيڏ ڪندڙ “جيدا جسوس”احتساب کان آجا آهن. سڄو ٽينشن زرداري پاڻ کڻي ورتو آهي.

پارليامينٽ ۾ تيرهن ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ ان ــ ڪيميرا ڪاميڊي شو ۾ شريڪ ڪيترن ميمبرن تصديق ڪئي ته پيپلز پارٽيءَ جي پارلياماني “چهبڪن” ذري گهٽ ميمبرن جي وات تي هٿ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. ۽ ايڏي دير رڳو ان تي لڳي ته ڪيئن لفظن کي گهمائي ڦيرائي لکجي، ڪيئن انهن ۾ محبت جي مٺاڻ ۽ چاهت جي چاشني وجهجي جو قرارداد پنڊيءَ وارن لاءِ ڪنهن عاشق جو لکيل خط بڻجي وڃي.

هي پنهنجي پير تي نه پر مٿي ۾ هنيل ڪهاڙو آهي. ايڏي قرباني ڏيڻ تي گيندا ڦول ۾ سرهائي پيدا ٿي آهن. فلائيٽ اڃا به لوڏن ۾ آهي تنهن ڪري هو آمريڪين کي هڪ ڏينهن اتر وزيرستان ۾ آپريشن ڪرڻ جو آسرو ڏين ٿا ۽ ٻئي ڏينهن ڦري وڃن ٿا. هڪ صحافيءَ جو چوڻ هو ته دير ان ڪري پئي لڳي جو اتي جن خلاف آپريشن ڪرڻو آهي تن کي پهريان محفوظ جاءِ تي منتقل ڪيو پيو وڃي. هاڻي ته اسلام آباد ۽ پنڊيءَ جي پسگردائيءَ ۾ خاردار تارن ۽ اوچين ديوارن سان الڳ ٿلڳ نطر ايندڙ هر گهر ماڻهن کي “ڪمپائونڊ” نظر اچي ٿو.

سينيئر صحافي ٻڌائين ٿا ته اتر وزيرستان ۾ بيدا ڏنل آهن، انهن مان ٻچا پيدا ٿيندا، وڏا ٿيندا، هلڻ ڦرڻ سکندا ۽ جڏهن ناٽو جا قافلا واپس ويندا ته اتي آرام پذير حقاني نيٽ ورڪ گهوڙن تي چڙهي وڃي ڪابل کي وري هنن سان ضم ڪري ڇڏيندو.

وڪي ليڪس بس “پڙهتا جا شرماتا جا” جهڙو بلبل هزار داستان آهي. اسفنديار وليءَ سان ٻه سال اڳ ٿيل ڪنهن ملاقات بعد آمريڪي سفير جو واشنگٽن موڪليل هڪ ڪيبل ڇپيو آهي جنهن ۾ هن جي حوالي سان چيو ويو آهي ته وٽس سربستا اطلاع آهن ته حقاني پاڻ پنهنجي خاندان سان پنڊي منتقل ٿي چڪو آهي. انگريزي اخبار پنهنجي ڏهاڙي کري ڪئي پر هن ڪيبل ڇپجڻ سان اسفنديار جي زندگيءَ لاءِ خطرا ويتر وڌي ويا آهن. ۽ هن کي خطرو ڪنهن ڪنهن مان آهي، ان لاءِ ٿورو لکيو گهڻو سمجهندا.

اوچي خاندان اندر پرڏيهي پاليسيءَ جا ٽي اصول آهن : نمبر هڪ، سعودي عرب ۽ اسان هڪ ئي لڏو بلڪه هڪ ئي ملڪ آهيون. نمبر ٻه، هندستان اسان جو دشمن آهي ۽ رهندو. نمبر ٽي، چين جيئن ته هندستان جو دشمن آهي تنهن ڪري اسان جو دوست آهي. حاضر سروس سپهه سالار کان ويندي لڪشمي چوڪ جي ڪنهن حلوائيءَ تائين هرڪنهن جي سياسي نظرئي کي انهن ٽن اصولن مان پاڻي ملي ٿو. جيڪڏهن ڏسجي ته هر پنجابي دفاعي تجزئي نگار آهي. هي سڀ تجزئي نگار اڄڪلهه هونئن به پريشان آهن ته سعودي عرب جي اتر، ڏکڻ، اولهه، اوڀر ۾ باهيون لڳل آهن. ان ملڪ اندر هزارين سياسي قيدي جيلن ۾ آهن، ملڪ جي تاريخ ۾ پهرين سياسي جماعت قائم ٿيڻ شرط بندش هيٺ اچي چڪي آهي پر ان هوندي به جلسا جلوس ٿي رهيا آهن. سعودي عرب تان سعود جي خاندان جي بدشاهت جو خاتمو ٿيڻ ۾ رڳو ڪجهه وقت لڳندو پر اهو اڻ ٽر نظر اچي رهيو آهي. هي بادشاهت اسان جي مالڪن جي طاقت جو اصل سرچشمو آهي. سرچشمو نمبر ٻه چين آهي پر هاڻي اهو هندستان جو ڪيترو دشمن رهجي ويو آهي، اهو سڀ ڄاڻن ٿا. ۽ سپر پاور آمريڪا هن پريوار کي اها حيثيت ڏيئي رهيو آهي جيڪا سڳ سوڌو پڪڙيل چور کي ڏبي آهي.

مائوزي تنگ چيو هو ته “هي هڪ عاليشان صورتحال آهي ڇاڪاڻ جو اها ان کان وڌيڪ بدتر ٿي نٿي سگهي.” هن صورتحال کي مسڪين ۽ ماريل ماڻهن لاءِ موقعي ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. پنهنجي سر فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آهي. چانسيءَ کي چانس مليو پر هن ان مان فائدو نه ورتو. فيصلي جي گهڙي گذري وئي. مڙني خيرخواهن کي هن لاءِ دعا ڪرڻ گهرجي، ڇو ته آصف زرداري پنهنجي سُهري واريون غلطيون دهرائي رهيو آهي.

 

مظهر لغاري

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو