Home / افيئر / !چانڊڪا اسپتال: سياست ۽ ڪرپشن گڏ گڏ هلن ٿا
above article banner

!چانڊڪا اسپتال: سياست ۽ ڪرپشن گڏ گڏ هلن ٿا

لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ ڪڏهن به ايترن ڏينهن لاءِ اسپتال ۾ پيرا ميڊيڪل عملي جي هڙتال نه رهي آهي. پر تازو ئي ٻرندڙ جبل مان، ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ چانڊڪا ڪاليج اسپتال ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن جي نون چونڊجي آيل عهديدارن ۾ هلندڙ اختلافن جو لائو ڦاٽي ٻاهر نڪتو ۽ ڏسندي ڏسندي چانڊڪا اسپتال سان لاڳاپيل مڙني طبي ادارن کي پنهنجي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو.

هڪ طرف اسپتال ۾ ڪم رڪجي ويو، ٻئي طرف پيرا ميڊيڪل عملي پاران اسپتال اندر ڪئمپ قائم ڪري چانڊڪا جي اديب ايم ايس خلاف جيڪو زهر اوڳاڇڻو هو، اُهو اوڳاڇيو ويو ۽ خبر ناهي ان ڪاوڙ ۾ ڪهڙا ڪهڙا عملدار لعنتون ملامتون کائيندا رهيا.

ڇا هيو سندس مطالبو اهو ته صرف ۽ صرف ايم ايس نه کپي ۽ ان کان گهٽ ڪجهه به قبول نه آهي، پر معاملا وڏي حيرت آهي ته وڃي اتي ٽٽا جتي ٺاهه واري 28 مطالبن واري ڊگهي لسٽ ۾ اهو مطالبو هيو ئي ڪو نه.

ڪهڙي جادو جي ڇڙي هئي جنهن جي ڦيرائڻ سان ذوالفقار سيال بچي ويو ۽ ذوالفقار سهتو (پيراميڊيڪل جو جنرل سيڪريٽري) اچي نوڪريءَ تي بحال ٿيو. چوڻ وارا چون ٿا ته ان هڙتال پٺيان سياسي هٿ هيو ۽ ڪٿي ڪٿي انتظامي معاملا به هيا، جيڪي صرف ۽ صرف صحت کاتي سان لاڳاپيل هيا.

آخر پيرا ميڊيڪل وارن جي هڙتال مريضن جي چيلهه (جيڪا اڳ ئي چٻي هئي) اڃا به وڌيڪ چٻي ڪري وڌي ۽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال سان لاڳاپيل شيخ زيد زناني اسپتال، چانڊڪا جي ٻارن واري اسپتال، چانڊڪا ٽيچنگ اسپتال ۽ سٽي بلاڪ بلڪل ڪم ڪار جي حساب کان ڄڻڪ بيهجي ويا.

ٿورڙو اندازو لڳايو ته 1250 بسترن واري اسپتال جيڪا پنجاب ۽ بلوچستان جي ڪجهه علائقن سان گڏ اپر سنڌ جي واحد اسپتال آهي ۽ اتان جون طبي گهرجون پوريون ڪري ٿي، جيڪڏهن اتي هر قسم جو ڪار وهنوار بيهجي وڃي ته اتي ڪهڙي حالت هوندي.

او پي ڊي بلڪل بند، آپريشن ٿيٽرز کي تالو، اسٽور (دوائن جي) کي تالو، ايڪسريز ۽الٽراسائونڊ يونٽن کي تالو، ٻيو ته ٺهيو اسپتال ۾ ٿيندڙ مختلف ٽيسٽن لاءِ قائم مرڪزي ليبارٽريز کي تالو، ته پوءِ مريض ڪاڏي ويندا. ٿيو ايئن ئي جو وڙهن سان ۽ لتاڙجن ٻوڙا. ڪوهن تان ڪهي آيل مريض جڏهن اسپتال ٿي پهتو ته هتي ڪاريءَ وارا ڪک. سون تي سهاڳو، پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر بدر جوڻيجي جو اعلان ته ڊاڪٽر او پي ڊي ۾ مريض نه ڏسندا، ويتر معاملن کي گنجرائي ڇڏيو. هاڻ اسپتال ته هئي، مريض به هئا، پر ڊاڪٽر نه وري هيٺيون عملو. مريض وڃي ته ڪاڏي وڃي.

ٻرنديءَ تي تيل، هر ڌر وڌ کان وڌ هئي ۽ پيرا ميڊيڪل ائسوسيئيشن جي سنڌ صوبي جي پوئين عهديدارن مداخلت ئي ۽ هتان جي عهديدارن جو من وڌايو. ٿيو ڇا اسپتال جتي روز صفائي ڪئي ويندي آهي ته بيماريون بڙيون ختم ٿين، اتي ڪي ايڪڙ ٻيڪر ڊاڪٽر (اسپيشلسٽ) ڊيوٽين تي آيا، ته ڌپ ڌپ ڪندا وارڊ کان ٻاهر نڪتا ۽ صفائي واري عملي جي صفائي کان کتو جواب ويتر حالتون خراب ڪري ڇڏيون.

چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي ايم ايس (جيڪو پس پرده ڳالهين لاءِ ڪوششون ڪري رهيو هو) ان نه ڪئي هم نه ڪئي تم. پيرا ميڊيڪل اسٽاف يونين جي صدر شاهي خان جاگيراڻيءَ کي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو. ايئن ويا ايم ايس خلاف نعرا وڌندا ۽ معاملا وچڙندا. نيٺ ضلعي حڪومت ايس ڊي او روينيو اسدالله ابڙي ۽ سٽي فدا حسين چانڊئي تي ٻڌل هڪ ڪاميٽي ٺاهي ته هنن سان ڳالهايو وڃي. هوڏانهن شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اڪبر حيدر پنهنجي رجسٽرار پروفيسر سڪندر مغل جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ ٽيم جوڙي ته معاملي جي حل لاءِ ڪي ڳالهيون ڪري.

پيرا ميڊيڪل وارا هڪ نڪتي ۽ ايم ايس کي هٽايو کان تر جيترو به پوئتي نه هٽيا ۽ ٻنهي ٽيمن کي صاف صاف جواب ڏنو ته صوبي جي باڊيءَ کانسواءِ اسان نه ڳالهائينداسين. اهڙي صورتحال ۾ اسپتالن ۾ سڃ واڪا ڪرڻ لڳي ۽ ٻئي طرف شهر جي گهڻ گهرن، ايم اين اي فريال ٽالپر کي اهڙي ڳنڀير صورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ ڪن وري صدارتي هائوس اسلام آباد ۾ اهڙا طلاع پهچايا ته حالتون بلڪل خراب ٿينديون ٿيون وڃن ۽ مريضن جو ڪو به حال ڀائي ڪونهي ۽ هيڏو سارو ادارو جنهن ۾ 1800 پيرا ميڊيڪل عملو ڪم ڪري ٿو ۽ هزارين ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽرياڻيون جهڙيون آهن تهڙيون ناهن، ان ڪري مداخلت ڪري معاملن کي سڌو ڪيو وڃي.

خبر ناهي اوچتو، اوچتو هر معاملي (ڳالهين سوڌو) ۾ تيزي اچي وئي ۽ پي ايم اي لاڙڪاڻي سان ڳالهيون ڪري بدين موٽندڙ پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن جو صدر نياز ڀٽو سان لاڙڪاڻي انتظاميا جي سرواڻ عبدالعليم لاشاريءَ کانسواءِ ان ڪم لاءِ جوڙيل ٽيم رابطو ڪري ڳالهين لاءِ راضي ڪري ورتو، پر اهي به تصديق ٿيل اطلاع آهن ته ايم ايس ٻيو ته ٺهيو پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ضلعي قيادت سان به اڻ سڌي طرح رابطو ڪيو ته معاملا حل ٿين. اهو عام تاثر آهي ته نون چونڊيل پيرا ميڊيڪل اسٽاف يونين ۽ پي ايم ايل (ن) جو اثر آهي. شايد ان ڪري ۽ ٻيو وري ڪرسي به ته پياري آهي، ان ڪري اهڙو سياسي رابطو شايد ضروري ٿي پيو هو. ايم ايس ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو پ پ سان واسطو ڪو ڳجهو ڪونهي، ڇو ته سندس آفيس ۾ پ پ جي پهرين صف جي اڳواڻن جون تصويرون لڳل آهن. سندس چاچو غلام سرور سيال باقراڻيءَ مان پ پ جي ٽڪيٽ تي چونڊيل ايم پي اي آهي ۽ سهيل سيال پ پ جي سرگرم ڪارڪنن مان آهي.

اهڙين حالتن ۾ جتي سياسي ڌريون، انتظاميا، پيرا ميڊيڪوز ۽ پي ايم اي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان رابطي ۾ هجن ته معاملا سلجهائڻ اتي وري حالتون عجيب رنگ اختيار ڪرڻ لڳيون ته معاملو وڃي صوبائي سطح تائين پهتو.

ايم ايس ته ان حد تائين هليو ويو ته هو سڀ مطالبا سواءِ سندس کي هٽائڻ جي مڃڻ لاءِ تيار ٿي ويو. نيٺ صوبائي صدر نياز ڀٽو بدين ۾ ٿيندڙ ڪنوينشن کانپوءِ لاڙڪاڻي وريو ۽ اچي انتظاميا، پنهنجن ساٿين سان ڳالهيون ڪيون ۽ اها ڪوشش ڪئي ته معاملن کي جيترو به جلد ٿي سگهي حل ڪجي.

هڪ ڳالهه ان دوران اها به ظاهر ٿي ته شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اڪبر حيدر سومري، سنڌجي گورنر کي خط لکي اها صلاح ڏني ته سنڌ ۾ جيڪي به ٽيچنگ اسپتالون آهن انهن ۾ هڪ پروفيسر سطح جي عملدار کي ئي ايم ايس مقرر ڪيو وڃي. جنهن ۾ اهڙي گڙ ٻڙ وڏي ماحول ۾ سنجيدگي بدران بحران کي ئي هٿي ڏني هروڀرو به VC ۽ ايم ايس هڪٻئي خلاف ٿيندي نظر آيا. آخر هن اسٽيج تي اهڙن خطن جي ضرورت به ڪهڙي آهي. هڪ طرف معاملا وڃن پيا خراب ٿيندا ۽ ٻئي طرف چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال سان لاڳاپيل ٻين اسپتالن جو نالو بدنام ٿي رهيو هو.

هن سڄي معاملي ۾ جيڪو نقصان ٿي رهيو هو ته اهو چانڊڪا ڪاليج اسپتال جو ۽ ٻيو وري مريضن جو، سوال اهو آهي ته جڏهن پيرا ميڊيڪل اسٽاف کي سڀ کان وڏي شڪايت اها هئي ته ايم ايس جو رويو ڏانهن خراب آهي ته ان لاءِ هيڏو سارو قدم کڻڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي ۽ اڳتي هلي ڪري پي ايم اي به ان ۾ شامل ٿي ۽ عجيب ڳالهه ته ٿورن ئي ڏينهن ۾ پي ايم اي جي صدر ڊاڪٽر افسر ڀٽي ۽ جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر بدر جوڻيجي جو موقف تبديل هيو.

نيٺ ڳالهيون ڪرڻ وارا چئنلز اتي وڃي پهتا ته يارنهن ڏينهن جي ڊگهي هڙتال ان وقت ختم ٿي جڏهن ڊي او لاڙڪاڻي عبدالعليم لاشاري، ڊي پي او مظهر نواز شيخ ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن وارن اکين واري شعبي اڳيان بيهي رات جو اعلان ڪيو ته هڙتال ختم ڪئي ٿي وڃي ۽ 28 مطالبا منظور ٿي ويا آهن. هنن مطالبن ۾ اهو اهم مطالبو ته ايم ايس نه کپي هيو ئي ڪو نه.

ٻئي ڏينهن يونين جا مرڪزي ۽ لوڪل عهديدار ايم ايس آفيس ۾ ويٺا رهيا ۽ پنهنجي مرضي سان بدليون ڪرائي رهيا هئا ۽ ايم ايس بنا روڪ ٽوڪ جي هر حڪم اکين تي رکي ڪري رهيو هو.

هاڻ اهو ڏسڻو آهي ته آئينده لاءِ حالتون ڪهڙو رخ ٿيون اختيار ڪن. ڇا وري ڪوئي امتحان، عوام، مريضن لاءِ رهيل آهي. آخر ٺاهه اتي ئي ٿيڻو هو ته پوءِ اهو اڳ ۾ ئي ڇو نه ڪيو ويو ۽ مريضن کي ايترو ڇو پريشان ڪيو ويو؟

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو