Home / شوبز / !ديپيڪا بريٽ لي جي اک ۾
above article banner

!ديپيڪا بريٽ لي جي اک ۾

اڄڪلهه ڀارت ۾ هلندڙ آءِ پي ايل ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ کيڏڻ لاءِ جڳ جهان جا مشهور ڪرڪيٽ ڀارت لٿل آهن. آءِ پي ايل جو ڊگهي مدي وارو اهو ٽورنامينٽ پڄاڻيءَ تي پهچڻ تي آهي. هن ٽورنامينٽ ۾ بالي ووڊ جي بادشاهه شاهه رخ، اداڪاره پريٽي زنٽا، شلپا شيٺي جون ٽيمون ميدان تي لٿل آهن، جڏهن ته هڪ ٽيم ديپيڪا پڊوڪون جي بواءِ فرينڊ جي پڻ آهي، ان ٽيم جا مئچ ڏسڻ واسطي ديپيڪا پڊوڪون ٻيا سڀ ڪم ڪاريون ڇڏي ڪرڪيٽ مئچ ڏسڻ ۾ لڳي وئي آهي. انهن ٽيمن ۾ مقامي ۽ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن کانسواءِ آسٽريليا، ڏکڻ آفريڪا، انگلينڊ، نيوزلينڊ، بنگلاديش، ويسٽ انڊيز ۽ ٻين ملڪن جا جڳ مشهور رانديگر شين وارن، ڪرس گيل، بريٽ لي، وٽوري، ٽم سائوٿي ۽ ٻيا رانديگر ٽورنامينٽ کيڏي رهيا آهن. پوئين سال جي ابتڙ هن سال شاهه رخ خان جي ٽيم ڪوڪلٽا نائيٽ رائيڊرس جي پوزيشن چڱي آهي، جنهن هن دفعي پنهنجا اڪثر ميچ کٽيا آهن، ان ڪري شاهه رخ پڻ اڄڪلهه ڏاڍو خوش آهي. سندس خوشي اداڪارن ۽ رانديگرن جي مان ۾ ڏنل پارٽين ۾ ڏسجي سگهجي ٿي. شاهه رخ جي ئي هڪ پارٽي ۾ ديپيڪا پڊوڪون ۽ بريٽ لي به دعوتيل هئا، بريٽ لي جنهن کي ڀارت ۾ مزو مڙئي گهڻو ٿو اچي، تنهن جو ڏٺو دپيڪيا پڊوڪون کي همراهه اک ئي نه ڪڍي، نيٺ ديپيڪا کي جڏهن احساس ٿيو ته بريٽ لي کيس تڪي رهيو آهي ته مائي پهرين ته نٽايو، پر پوءِ اکين ئي اکين ۾ راضپو ظاهر ڪيائين ۽ پوءِ ڳالهه وڃي مرڪون ونڊڻ تائين پهتي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پارٽي ختم کانپوءِ بريٽ لي ديپيڪا پڊوڪون لاءِ گانا ڳائيندي ڏٺو ويو، ڏسجي ته هي نئون معاشقو آسٽريليا تائين ٿو پهچي يا ڀارت جي هوائن ۾ ئي اڏمي ٿو وڃي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو