Home / افيئر / !ڏونگر سي ڏورينديون ٻن معصومن جي گفتگو
above article banner

!ڏونگر سي ڏورينديون ٻن معصومن جي گفتگو

روايت کان پاسائتو، ٻن انسانن جا ڀالَ ضرور ڳڻائڻ کپن. مانواري همسفر گاڏهيءَ جا. جن هڪ مختصر جلد حوالي ڪندي تاڪيد ڪئي ته اهو ڪتاب لازمي طرح پڙهڻ کپي. ٻيو سائين ضياءَ شاهه. ڪاغذ اٿلائيندي سندس فوٽو پُڦي، جيجي دُرشهوار سان، آڌو آيو ته ستاويهه ورهيه اڳ جا ڏيهاڙا ياد اچي ويا. امڪان آهي ته واقعا مختلف هجن پر مَن جي ڳالهه آهي، تحرير ۾ اچي وڃي ته چڱو. چامشوري ۾ داخلا ملي. اسان مسڪينن جي اولاد وٽ چنتا ته چار اکر پڙهي غربت مان چاڙهو ڪجي. اُتي وري جيئي سنڌ وارن جو سڪو. معلوم ٿيو ته سائين جي ايم سيد جو پوٽو ضياءَ پڻ ڪلاسي آهي. ڏڍ محسوس ٿيو ته گهٽ ۾ هگٽ پاڻ واري بئچ جو حال ٻيءَ طرح هوندو. درس گاهن مٿان اها گرم لُڪَ واري مُندَ هئي. مارشل لا. اين ايس ايس او سان ويڙهاند. پنجابي ڇوڪرن ڪاڻ ڏٺي وائٺي فوجي سرڪاري امداد ۽ لڪ ڇپ ۾ سنڌي جوڌن خاطر ساڳيو سهاڪر. تعليم جو ٻيڙو هٿ وٺي ٻوڙيو ٿي ويو.

راوي، رواجي نموني لطيف سنگت مان تربيت ورتل قومي ڪارڪنن جي جُبي ۾، ڄامشوري ڪو نه پهتو، کوڙ شاگرد، سائين جي ايم سيد جي ويچارن کان ڀليءَ ڀت واقف هوندي به، سندس تحريڪ جوحصو نه هئا. ڪي، بعد ۾ قافلي جو ڀاڱو ٿيا. ٻنهي لقائن جا نهايت چٺا ڪارڻ هئا. ڏکويل دل جي دانهنآهي ته سائين محترم جهڙي صالح منش جي مڻيادار فڪر کي ڇڙواڳيءَ جو شڪار پوئلڳي نصيب ٿي ۽ اها ڪار اڃا به جاري آهي. عام اسٽوڊنٽ لاءِ مفلسيءَ ماريل مائٽنجا ڏوڪڙ ته پڙهي آئيندو سنوارجي. سياسي سماجي ڀونچال جو دٻاءُ ته ڪورس کان ٻاهر جا ڪتاب خريد ڪجن ۽ ڪڙم جي هدايتن جي اُبتڙ سرگرميون اختيار ڪري، وقت جي للڪار سامهون بيهجي. اهو هڪ وڏي ٽڪراءَ وارو دور هو. اوس، اهڙي ڪردار جي ادائگي جنهن منجهه مثالي شاگرد ٿي، تعليمي اداري مان لنگهي جياپي جي ويڙهاند سَندي ميدان تي سک جي گهڙين حاصل ڪارڻ، پختي بيهڪ پائڻ جا امڪان ورلي هئا. جڏهن ته معاشرتي جوابدارين جي پورائي خاطر رضاڪاراڻي انداز ۾ اڻ مَيي ارپنا وڌيڪ گهربل هئي.

ايئن اسان مان ڪيترائي پڙهيل ڳڙهيل مفلس سنڌ کي مليا. اچرج ورتو جو دروهه جوسبق ڏيندڙ سائين جي ايم سيد جو پوٽو ضياءَ شاهه، موچاري پهچ رکندڙ پيءُ جي ٽيڪ سان، ڄامشوري جي گهوٽالن مان جند ڇڏائي ڪراچيءَ ٽي سي (بدلي) ڪراچي ويو. وضاحت ته اها سهنجائي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ۽ بنهه وڏي اثر رسوخ پاليندڙ ڪٽنبن سان واسطو رکندڙ شاگردن ڪاڻ هئي، فقط. ظاهري طرح کيس ڀونچال واري صورتحال مان ڪڍي، مٿالي کٿابي رهڻ لاءِ موقعو ڏيارڻ خاطر ايئن ڪيو ويو. گهٽ ۾ گهٽ عام راءِ ان طرح جي هئي. سائين مانواري جي پونئير به سندس ئي دُکايل چڻنگ جي سيڪ کان محفوظ رهڻ ڪارڻي هٿ پير ٿي هنيا- عجب لڳو. اڪيلائي محسوس ٿي. گهڻا سال بعد، تنهن ننڍڙي ضياء شاهه، سائين وڏي ۽ سندن نياڻي دُرشهوار جي خطن کي سهِيڙي ڇپايو ته خوشي ٿي. سرهائي ٿي ته پاڻ رواجي گريجوئيٽ ثابت ڪو نه ٿيو. کوڙ سارو ذاتي ۽ خانداني تفصيل رکندڙ اهي پتر هونءَ شايد منظر تي نه اچن ها.

ويهارو ورهين جي عرصي دوران هڪ وڏي پيءُ جي نهايت معصوميت ڌيءُ سان خط و ڪتابت. ڪاڳر گڏ ڪري بُوڪ ٺاهيو ويو ته جيجي دُرشهاور جا پَتر گهڻا ۽ سائين جي ايم سيد جا ڏانهنس ايترا نه. پوءِ به بن پوتر آتمائن جي هڪٻئي سان گفتگو. صالح انسانن جي ويچار ونڊ. جنهن ۾ سرشٽي، گيان، ڌرم کان وي ڪٽنب جي ڪجهه فردن جون ننڍيون ننڍيون ڏاڍايون، زيادتيون بحث هيٺ آهن. لک پڙهه ڪراچي ۽ سن جي وچ ۾ ته ولايت ۽ ڪراچيءَ منجهه ۽ پڻ لنڊن ۽ مديني درميان به. روايتن سٽيل سنڌ جي سيد ڪڙم جي نياڻيءَ کي ڏاهپ جي واٽ تي وٺي هلڻ وارو ابل. ڀال همسفر گاڏهيءَ جا ته ان طرح جو ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏنائين. دريا دلي ضياء شاهه جي ته پُڦي ۽ ڏاڏي وچ ۾ خط و ڪتابت کي سهيڙي ڇپايائين. شاگرديءَ واري زماني کان دل ۾ چُڀندڙ ڪَنڊو نڪري ويو. ڏانهنس اسان کي باهه وچ ۾ ڇڏي ڪراچيءَ هليو وڃڻ سندو ڏوراپو هاڻ باقي نه رهيو. “ڏونگر سي ڏورينديون” پورو ڪرڻ بعد آشا آهي ته سائين محترم جي اولاد مان هر هڪ فرد اهڙو ڪو هڪڙو ڪم ڪري، ٿڌي گهڙي هئڻ جو احساس ڏياريندو. تمنا ته پاڻ هڙئي اهو ڪتاب ضرور پڙهون.

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو