Home / افيئر / !فلوريڊا: چرچ ۾ اسامه لاءِ دعائيه تقريب تڪراري بڻجي وئي
above article banner

!فلوريڊا: چرچ ۾ اسامه لاءِ دعائيه تقريب تڪراري بڻجي وئي

آمريڪي جي رياست فلورڊا ۾ ويسٽ پام بيچ ويجهو موجود هڪ چرچ ايبٽ آباد ۾ آمريڪي آپريشن ۾ مارجي ويل اسامه بن لادن لاءِ دعائيه تقريب منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، چرچ جي اهڙي تجويز جي حوالي سان آمريڪا ۾ مثبت ۽ منفي رايا سامهون آيا آهن. ذڪر ڪيل چرچ طرفان اهڙو اعلان سامهون اچڻ کانپوءِ آمريڪي ميڊيا اُن اشو کي زوردار طريقي سان کنيو آهي، جنهن سبب اهو مامرو تڪراري بڻجي ويو آهي. ان سلسلي ۾ عيسائين جي ڪجهه مذهبي پيشوائن جو چوڻ هو ته اهي ڪنهن دهشتگرد لاءِ دعائيه تقريب منعقد ڪرڻ جي خلاف آهن. لاڳاپيل چرچ جي سيڪريٽري هينري بوگره موجب جيتوڻيڪ اُسامه کان ماڻهو نفرت ڪن ٿا، پر مري وڃڻ کانپوءِ معافي ۽ خدا طرفان بخشش جو مستحق آهي. بوگره چواڻي هن اُسامه جي موت کان ترت پوءِ چرچ جي اختيارين کي اهڙي تجويز ڏني هئي ته جهڙي ريت سندس موت تي شادمانا ڪيا ويا آهن، اهڙي ريت سندس لاءِ مغفرت جي دعا به ڪئي وڃي. واضح رهي ته چرچ جي سيڪريٽري جي پٽ پنهنجي پيءُ جي اهڙي تجويز تي حيرت جو اظهار ڪيو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو