Home / افيئر / !حماس ۽ پي ايل او اسرائيل خلاف گڏيل طور ميدان تي
above article banner

!حماس ۽ پي ايل او اسرائيل خلاف گڏيل طور ميدان تي

وچ اوڀر ۽ اتر آفريقا جي عربي ڳالهائيندڙ ماڻهن ۾ تبديليءَ جي جيڪا لهر هلي رهي آهي، ان خطي جي ڪيترين ئي مخالف قوتن ۽ ملڪن کي پنهنجي پاليسي جو نئين سر جائزو وٺڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. جنهن جو واضح مثال فلسطين پڻ آهي. ايئن ڏسندي ڏسندي فلسطيني گڏ ٿيڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. حالانڪه2006 جي چونڊن کانپوءِ وجود ۾ ايندڙ فلسطيني پارليامينٽ ۾ حماس- پي ايل او جي اٿارٽي جي تڏا ويڙهه ڪئي. اسرائيل جون ننڊون ڦٽي ويون، فلسطين تي مختلف قسم جون پابنديون مڙهيون ويون. اقتصادي ناڪابندي سخت ڪئي وئي، انهي حد تائين جو اچ وڃ جي واپار سان گڏ عام واهپي جي شين تي به پابندي هنئي وئي، اهڙين پابندين فلسطينين جي ڏٻري معيشت کي اڃا به ڏٻرو ڪيو، حالت وڃي اها بيٺي جو ملازمن کي پگهارون ڏيڻ لاءِ به خزاني ۾ پئسا نه بچيا هئا. اهو سمورو کيڏاڙ ان لاءِ ڪيو ويو ته جيئن حماس سرڪار اسرائيل جو وجود ۽ سلامتي کي تسليم ڪري. محمود عباس صدر هجڻ باوجود سرڪار سان سهڪار ڪرڻ کان انڪار ڪيو. ايئن پوءِ اڳتي هلي حماس جي چونڊيل حڪومت کي محمود عباس ختم ڪري ڇڏيو. اهڙي فيصلي فلسطينين جي گهر ۾ ڦيٽهاڙو اڃا به تيز ڪيو. پي ايل او ۽ حماس جي ڪارڪنن وچ ۾ ڳالهه گولين تائين وڃي پهتي، نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو موت جو کاڄ ٿي ويا. حڪومت جو عملي طرح وجود غزه تائين محدود ٿي ويو ۽ فسلطيني اٿارٽي ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي. ايئن فلسطيني پنهنجي گڏيل دشمن اسرائيل سان وڙهڻ بدران هڪٻئي جي رت جا پياسا ٿي ويا.

فلسطينين وچ ۾ اندروني خلفشار سبب فلسطيني اٿارٽي معاشي بدحالي جو شڪار ٿي وئي، بک ۽ بدحالي ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف اسرائيلي اولهه وارن ملڪن ۽ آمريڪا حڪمت عملي تحت محمود عباس سرڪار تي هلڪو هٿ رکيو ۽ حماس جي ماڻهن کي ٽارگيٽ بڻايو ويو ۽ غزه ۾ انساني ڪوس ٿيڻ لڳو. اسرائيلي پريشر سبب سامان جي اچ وڃ به سرنگهن ذريعي ڪئي وئي، جڏهن ته ترڪي طرفان بين الاقوامي اين جي اوز انساني همدردي خاطر اقتصادي پابندين جي پرواهه نه ڪندي سامان جو جهاز فلسطين اماڻيو، جنهن کي اسرائيل نشانو بنايو، نتيجي ۾ 9 ترڪ مارجي ويا. اهڙو واقعو سڄي دنيا ۾ اسرائيل لاءِ رسوائي جو سبب بڻيو ۽ شايد پهريون ڀيرو اولهه جي ملڪن ۽ آمريڪا جي عوام فلسطين مسئلي کي سمجهڻ شروع ڪيو. ليڪن حيرانگي جي ڳالهه اها آهي ته فلسطينين سان اسرائيل طرفان ٿيندڙ ان ظلم ۽ بيداد تي مسلمان ملڪن ۾ ڪٿي به ڪو اثرائتو احتجاج ٿيندي نظر نه آيو. عرب دنيا به لفاظي کانسواءِ عمل جي ميدان ۾ ڪا اڳڀرائي نه ڏيکاري. او آءِ سي کان وٺي عرب ليگ تائين ان جبر جو تماشو ته ڏسندا رهيا پر عملي طور ڪجهه به نه ڪري سگهيا ۽ انهن طرفان ٺلهي قرارداد پاس ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه به نه ڪيو ويو.

اهو به نه وسارڻ کپي ته حماس ۽ پي ايل او وچ ۾ وڇوٽيون گهٽائڻ لاءِ ڪافي ڌرين ڪوششون ڪيون ته اهي هڪ ميز تي ويهي پاڻ ۾ ڳالهائين ۽ ڳالهه ٻولهه ذريعي تلخيون گهٽائجن، خود اندروني طرح فلسطيني ماڻهن به ٻنهي ڌرين تي دٻاءُ وڌو ته اهي جنگاڻ بدران ڳالهه ٻولهه وارو رستو اختيار ڪن. ايئن پوءِ مختلف دٻائن جي نتيجي ۾ حماس جي خالد مشعل ۽ پي ايل او جي محمود عباس ڳالهين تي راضپو ڏيکاريو. مصر جي ٽياڪڙي ۾ حسن مبارڪ جي تڏا ويڙهه کانپوءِ قاهره ۾ مئي 2011ع جي منڍ ۾ ٻنهي ڌرين وچ ۾ معاهدو طئي ٿيو ته اهي ٻئي گڏجي فلسطيني رياست لاءِ جاکوڙ ڪندا ۽ غيرجانبدار ماڻهن تي ٻڌل عبوري حڪومت جوڙي ويندي، جنهن ۾ ڪنهن به ڌر سان واسطو رکندڙ ڪو ماڻهو شامل نه هوندو. غيرجانبدار ماڻهو چونڊون ڪرائيندا، جنهن ۾ جيڪا ڌر کٽي ايندي حڪومت ان حوالي ڪئي ويندي.

پي ايل او ۽ حماس ۾ ٿيل اهڙي معاهدي اسرائيل، اولهه جي ملڪن ۽ آمريڪا کي بتال ڪري ڇڏيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اهي ان معاهدي جي سخت مخالفت ڪري رهيا آهن. ويجهڙ ۾ ئي اسرائيلي وزيراعظم چيو آهي ته هاڻي فلسطينين سان ڳالهين ۾ ڏکيائيون پيش اينديون ۽ مسئلو وڌيڪ خراب ٿيندو، ٻئي طرف آمريڪا توڙي ٻين اسرائيل جي حمايتي ملڪن اهو سرتال ورتو آهي ته حماس اسرائيل جي بقا ۽ سلامتي کي تسليم ڪري ته ڳالهين کي اڳتي وڌائي سگهجي ٿو. جڏهن ته لاطيني آمريڪا جي ملڪن هڪٻئي پٺيان فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي. وينزويلا ۽ برازيل سيپٽمبر ۾ گڏيل قومن جي سالياني اجلاس ۾ فلسطيني رياست بابت ٺهراءُ پيش ڪندا. اهڙي ٺهراءَ جي ڪير مخالف ڪندو ۽ ڪير حمايت؟ اهو چوڻ وقت کان اڳ ٿيندو. باقي ڪامن سينس اهو ٿو چوي ته آمريڪا ۽ اولهه جي ملڪن لاءِ ان ٺهراءُ جي مخالفت نهايت ڏکيو هوندو.

ياد رهي ته 79-1978ع وارا سال وچ اوڀر لاءِ نهايت اهم هئا، انهي عرصي دوران ئي جيڪي قوتون اسرائيلي ۽ يورپ جي خلاف هيون، اهي وڃي سندن ساٿاري بڻيون. جيئن 1978ع ۾ مصر جي حاڪمن ڪئمپ ڊيوڊ وارو معاهدو ڪيو ۽ 1967ع واري جنگ دوران اسرائيل کان پنهنجو قبضو ڪيل علائقو سانائي واپس ڪيو. ساڳي وقت ان اسرائيل کي تسليم پڻ ڪيو. مصر دشمن مان ڦري اسرائيل جو دوست بڻيو. ان واقعي عرب دنيا کي ڌوڏي ڇڏيو. ساڳي وقت اهو فلسطينين لاءِ ڪنهن وڏي زلزلي کان گهٽ نه هو. جيتوڻيڪ 1981ع ۾ انور سادات هڪ فوجي پريڊ دوران قتل ٿي ويو، پر اسرائيل سان دوستي جو جوڙيل رشتو جاري رکيو ويو.

انقلاب جڏهن اچن ٿا ته ڪک پن به لوڙهي وڃن ٿا ۽ غيرمتوقع طور تي دوست دشمن ۽ دشمن دوست ٿي آمهون سامهون اچي ٿا بيهن. ان جو واضح مظهر 1979ع ۾ايران ۾ آيل اسلامي انقلاب پڻ هو، جنهن هڻي ته اسرائيل دوست شهنشاهه ايران جا ڌاڃوڙا ڪڍي ڇڏيا ۽ سندس حڪومت جو خاتمو اچي ويو. ايئن ايران دوست ملڪ مان اسرائيل جي دشمن ملڪ طور اڳيان آيو ۽ پي ايل او جا دفتر ان اسرائيلي عمارت ۾ کوليا ويا، جنهن ۾ ڪڏهن اسرائيلي دفتر هئا. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته ايران عراق جنگ دوران عراق جي حمايت ڪرڻ سبب ايران پي ايل او لاءِ دربند ڪري ڇڏيا ۽ کيس رعايتون نه ڏنيون ويون. 79-1978ع ۾ افغانستان ۾ به انقلاب آيو،صدر دائود جي حڪومت جو خاتمو اچي ويو نه رڳو اهو پر کيس قتل پڻ ڪيو ويو. مذڪوره انقلاب جي سرواڻي عبدالقادر ڊگروال ڪئي. ملڪ جو صدر نور محمد تاڪي کي بڻايو ويو ۽ جيڪي افغانستان ۾ ٿيو اهو جڳ جهان ڏٺو، ماسڪو لڙهي ويو ۽ 1917ع وارو سوويت انقلاب 1990ع ۾ دنيا مان چاراڻو ڪري چڪو هو.

1982ع ۾ پي ايل او جو هيڊ ڪوارٽر بيروت ۾ هيو، پي ايل او سربراهه ياسر عرفات 40 ڏينهن تائين اسرائيلي ناڪابندي هيٺ رهيو ۽ پوءِ هڪ معاهدي تحت تيونس جي تڏهوڪي صدر حبيب بورگيا جي دعوت تي تيونس پهتو. صابره ۽ شتيلا جي واقعن سبب پي ايل او جي سگهه کي ڌڪ رسيو. ان دوران اسرائيي ۽ حماس وچ ۾ اندروني طرح اختلاف شروع ٿي ويا. هونئن اسرائيل پي ايل او بابت حماس جي مدد سان فسلطيني عوام ۾ اهو تاثر ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهي مسلمان گهٽ پر ڪميونسٽ وڌيڪ آهن. اها حڪمت عملي بلڪل ايئن هئي جيئن اولهه وارن ملڪن جمال عبدالناصر جي قومپرستي کي منهن ڏيڻ لاءِ اخوان المسلمين جهڙي جماعت ميدان ۾ لاٿي. بلڪل ايئن ئي اسرائيل حماس جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ليڪن تاريخ جو به عجيب چرخو آهي، ڪڏهن ڪڏهن هٿ سان ٺاهيل قوتون به دوبدو اچي بيهنديون آهن، جنهن جو واضح مثال القاعده، مجاهدين، افغانستان جون جهادي تنظيمون پڻ آهن. انهن کي ٺاهڻ ۽ تاتڻ پالڻ جو ڪم آمريڪا ئي ڪيو پر اڄ اهي اُن جي مدمقابل آهن. ساڳي ريت حماس به اسرائيلي جي تيار ڪرايل تنظيم هئي، پر اڄ اها ان جي مدمقابل آهي.

دنيا جهان کان باخبر ماڻهو ٻڌائين ٿا ته حماس کي اسرائيلي انٽيليجنس اداري موساد جي تنظيم ڪاري بابت سڄي خبر آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو ڪوششن باوجود به اسرائيل حماس کي ختم ناهي ڪري سگهيو. هتي اهو به ياد ڏيارڻ ضروري آهي ته پي ايل او سربراهه ياسر عرفات هميشه يورپ ۽ آمريڪا تي زور ڀريندو هو ته حماس جي حمايت نه ڪريو، سڀاڻي انهن تي ڪنٽرول ڪرڻ توهان جي وس جي ڳالهه نه هوندي. اسان کي نقصان ٿيندو ئي ٿيندو پر توهان کي به ڳچي ۾ پئجي ويندا.” هاڻي لڳ ڀڳ اهو ئي ٿي رهيو آهي. جنهن جو سولائي سان مشاهدو ڪري سگهجي ٿو.

فلسطيني عوام جي اها خواهش آهي ته سڀ ڌريون ٿي وڃن ۽ اسرائيل خلاف گڏيل محاذ تان جنگ وڙهڻ گهرجي. نئين صورتحال ان ڳالهه جي نشاندهي ٿي ڪري ته فلسطيني هاڻي آزاد رياست جي قيام خاطر هڪٻئي کي برداشت ڪرڻ واري گس تي هلي پيا آهن. گڏيل حڪمت عملي سان اهي يقيني طور جنگ کٽي سگهن ٿا، حماس کي به پنهنجي روئي ۾ تبديلي آڻڻي پوندي، ڇو ته هاڻ فلسطينين جي پنهنجي آجپي ۽ ڌرتيءَ تي واپسي ۽ عزت سان زندگي گذارڻ جو سوال آهي.

 

عطا محمد شاهاڻي

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو