Home / افيئر / !انقلاب: انسان ڪُتي جي وات ۾
above article banner

!انقلاب: انسان ڪُتي جي وات ۾

نارمل اها روش آهي جنهن کي گهڻائي اختيار ڪيو پئي هلي، رويو، جنهن کي
اڪثريت اڳتي هلي اپنائيندي. ڏاها تنهن کي حالتن ۽ واقعن جو منطقي نتيجو ڪوٺين ٿا. مون پارا ائبنارمل، منطق کان ڏور وقت جي ڌوڙ ۾ گم ٿي ويندا. هُو ايئن نٿا ڪن يا ڪندا جيئن خلق جي گهڻائي چاهي ٿي. سندي ڇت ڪتائيءَ ۾ مٿن سِرسَام جا دورا پوندا ۽ کين گدوءَ واڙيو ويندو. زماني جي ڪٺورتا مٿن مڙهي ويندي جنهن کي اصول، قائدو ۽ ڪٿي ڪٿي قانون ڪوٺجي. انسان، انسان سان ڏاڍي ٿو ڪري- اڄوڪي سمئه به.

لبيا مان ٻاهتر ڄڻن کي کڻي يورپ ڏانهن اُسهندڙ ٻيڙي. منجهس ٻه ابهم ٻارڙا، عورتون ۽ مرد. گهڻو ڪري غيرلبيائي شهري. قذافيءَ جي طاقت هيٺان چيڀاٽيل. سندس ڪرائي جا قاتل ٿيڻ کان انڪاري. پنهنجن پنهنجن ملڪن مان نسلي ۽ مذهبي بنيادن تي وڳوڙن مان جيئرا بچي نڪتل. پر سندن موت سمنڊ ۾ لکيل. نيٽو جي بحري ۽ هوائي جهازن پاران خبر هوندي به نٽاءَ جو سڪار. دنيا ڪن لاٽار ڪري کين وچ پاڻيءَ ۾ پورو ٿيڻ لاءِ ڇڏي ڏنو. فرانس، اٽلي ۽ مالٽا جا هڪٻئي تي لاپرواهيءَ جا الزام. سڌريل رياستن جا ذميواريءَ کان بچڻ لاءِ ڪوڙ بدوڙ. پيشاب پي ۽ ٽوٿ پيسٽ کائي زنده رهجي ويل نوجوان واتان سموري ڪٿا. شاهدي. عظيم الشان انسانيت جي مُنهن تي ڪارنهن.

نه ٿو لڳي ته اسان جا نوجوان بي ‘پناهه مصروفيتن’ مان وقت ڪڍي اها اسٽوري تفصيل سان پڙهندا. ايئن به نه ٿو لڳي ته قومي جبر ۽ ان خلاف جنگاڻ جا ترانا چوندڙ ساڃاهه وند نشن پتن مان ڪا مهل ڪڍي اها خبر ڏسندا. جنگ ڪيتري ظالم ڪيفيت آهي تنهن متعلق ويچاريندا. انڪار ڪو نه ٿو ڪجي ته ڏٻري اسٽيٽ جا رهواسي آهيون. ٻئي ۽ ٽئين درجي جا شهري آهيون. طاقتور ادارن جا چيڀاٽيل آهيون. ماريا ۽ ساڙيا پيا وڃئون. هيانءُ ٿو سڙي جڏهن ڍڍُ ڀريل ڏاها شيطاني مُرڪ چپن تي آڻي هڪ وڏي انساني الميي کي وقت ۽ حالتن جو منطقي انجام ٿا ڪوٺين. برابر اها عقل جي مٿڀرائپ واري صورتحال آهي. هو ڄاڻين ٿا تڏهن ئي ايئن چون ٿا. افسوس جو ڇهه ڏهاڪا اڳ به اهو ڄاڻين پيا ۽ ايئن ئي چوندا رهيا. ٽرئجڊيءَ کي روڪڻ لاءِ اُپاءَ نه اڄ ٻڌائين ٿا ۽ نه ڪالهه ٻڌايا هئائون. ڇاڪاڻ ته هو ڏاهپ سان سينگاريل آهن، تنهنڪري ايندڙ ڪنهن طوفان جي بُوءِ سنگهي اڳ ئي هتان هليا ويندا. ٻيڙيءَ ۾ ٻاهتر ڄڻا ۽ پاڻ عربي سمنڊ ۾ هونداسين.

چون ٿا ته سرد جنگ جو خاتمو ڪڏهوڪو ٿي چڪو آهي. ٻڌجي ٿو ته شيطان به اسان جي مدد ڪاڻ پهچي ته کانئس سهڪار وٺڻ ۾ حرج ڪونهي. ساڳيا دانشور جمال عبدالناصر ۽ قذافيءَ جي انقلابن تي ڀاشڻ ڏيندا رهيا. ٻڪريءَ جيترو ميڄالو رکندڙ مون پارا سندن ڄاڙيءَ کي آخري سچ سمجهي قبول ڪندا رهيا. “اصولي طرح” – “قاعدي موجب” – “سائنسي مول مطابق”- هڪ ڊگهي ويڙهه جا سبق ڏنا ويا. رياستي جبر سندن پيغام جو ٻارڻ ٿيو. چلهه ٻرندي رهي. اوچتو نئين باهه ٻري. اسٽالن ۽ ناصر جي حڪمرانيءَ جون اوڻايون ٻڌايون ويون. سي آءِ اي تبديليون آڻي ته حرج ڪهڙو آهي؟ جهڙا جملا ڪنن ۾ هُرڻ لڳا. فيل مست رياست سندا ڪلور جاري رکيا. هڪ وڏي ويڙهه ئي حالتن جو منطقي انجام آهي. تاريخ جي گهرج آهي. تاريخي ضرورتن جو مکيه پڙاءُ- ان طرح جي ڏيکاءَ ۾ آهيون. تنهن جنگ طرف پيا وڌئون. اوڙاهه جو کاڄ ٿيڻ پيا وڃئون. انساني الميو- جنهن کي اسان به جنم ڏينداسين. گهڻي دير نه لڳندي.

عالمي قوتون. نيٽو ۽ سندن جهاز. هٿيار پنهوار، پئسي جي ريل پيل، جاگرافيائي تبدلين جي اڳواٽ رٿابندي. ڏاها محفوظ هنڌن تي هوندا. خلق پاهه ٿي ڏانهن نهاريندي. “ايئن ئي ٿيڻو هو. اسان ته گهڻو پهريائين چئي چڪا آهيون”- ساڳي شيطاني مُرڪ چپن تي هوندن. عام ماڻهو بڇڙو ۽ ذليل ٿئي- اها تاريخ جي منشا ٿي سڏجي. ڏاڍ جي ادارن کي جوڙجي. سندن پُٺي ٺپرجي. لوڪ کي انهن خلاف مڇرائجي. جهيڙو ڪرائجي ۽ پوءِ پاهه ٿيل انسان کي سماجي ارتقا جا متا ٻڌائجن. واهه سياڻا، واهه!

صبح سوير اُٿي. تيار ٿي ، نوڪريءَ لاءِ وڃڻ لڳس. فوٽ پاٿ تان اخبار وٺي، بس جو انتظار ڪندي، لبيا مان نڪتل ٻاهتر ڄڻن جي ٻيڙيءَ ۾ چڙهڻ جي ڪٿا پڙهڻ لڳس. مون پارو ائبنارمل ماڻهو ڊيوٽي ادا ڪرڻ لاءِ نه وڃي سگهيو. روڊ ڪناري ويهي رانڀاٽ ڪري روئڻ لاءِ مَنَ جو زور ٿيو. ڀرسان ئي ڪٿي ٽي وي هلي رهي هئي. عورت اينڪر، مهمان مائيءَ کي ويهارو سال اڳ سندس ڳل جو چُگهه ۽ ريشمي وار ياد ڏياري رهي هئي. فون تي ايس ايم ايس هئو. منهنجي نوجوان دوست کيس ياد نه رکڻ جو ڏوراپو پئي ڏنو. بهرحال مان سندس گرل فرينڊ نه آهيان. هن کي ڪيئن سمجهائجي. ڪالهه شام جائي پائي حرامخوريءَ تي گذارو ڪيل ۽ ڪندڙ پراڻي سياسي ورڪر جا گفتا ياد آيا- اُصولي طرح هتي قومي جبر آهي يا نه!؟ ڪو جواب ڪو نه هئم. “ڌرتي رت گهرندي آهي، پيارا!” نهلزم کان اڻواقف ڏاهي جو جملو به ذهن تي تري آيو. “تون ڇُٽل ڪارتوس آهين، ماما!” لاسي کودي جهڙو بُت رکندڙ منهنجي انيڪ ڀاڻيجن مان هڪڙي چئي ڏنو. رائفلن جا نالا کڻندي، پُٽ سامهون آيم. سندس ڪمپيوٽر گيمز ۾ ساڳيا هٿيار استعمال ٿيندا آهن، جيڪي کڻي ايبٽ آباد ۾، آمريڪي اُسامه مارڻ آيا هئا. ڀنواٽي آيم ۽ ڪا وير پاتال ۾ هئس.

صبحاڻي اخبار ۾ خبر اچي ته آءٌ، عبدالهادي موروجو، واٽ ويندي دماغ جي رڳ ڦاٽڻ سبب مري ويس ته به اوهان جي ساڳي ئي ڪرت هوندي. هڪٻئي جي ڳلن جا چُگهه پيا ڳائيندئو. حساب ۾ هوندئو ته آفيس پهچي ڪهڙي فائيل کي چَورڻ جا ڪيترا پئسا وٺندئو. شام جو ڪنهن وٽ ويهي رياستي ڏاڍ جو ماتم ڪندئو. معشوق کي کلائڻ لاءِ لطيفن جي چونڊ. مان توهان کي پنهنجي ائبنارملٽيءَ جو پاڻ ٿو ٻڌايان. جنهن کي قومي جبر ٿو ڪوٺجي تنهن کان انڪاري نه آهيان. جهڙي ريت ويڙهه ڏانهن ڌڪيو پيو وڃان سو به سمجهان پيو. اهو به پتو اٿم ته هڪ وڏو انساني الميو اسان جي اوسيئڙي ۾ آهي. پر، اوهان جي انسان دوستيءَ تي ڀروسو نه اٿم. انقلاب هڪ ڪتي جي وات مان نڪري ٻئي جي ڏاٺ هيٺان اچڻ آهي. سڀ نظريا ماڻهوءَ جي قبضي گير ارادن جي پورائيءَ جا اوزار آهن. رتوڇاڻ، رتوڇاڻ.

ماڻهپي جا هوڪا ڏيندڙ ڌَرمَ پڻ ان طرح جائي ٽول آهن. خلق ائين ڪا نه ٿي سمجهي؟ – بلڪل. نارمل سوچ کان هٽيل آءٌ ڪلارڪ عبدالهادي برابر اختلافي پوزيشن ۾ آهيان. معصوميت جو ڳولائو. خون وهائڻ جي سخت خلاف. توهان جنهن کي تبديلي ٿا چئو ان جا اونداها پاسا نهاريندڙ. هڪٻئي جو ماس روڙي سماجي ترقي پائڻ کي ڪرڀ ڏياريندڙ ڀوڳ سمجهندڙ.

هي سٽون لکڻ دوران خواهش اٿم ته اوهان مان ڪي نوجوان ضرور لبيا جي ٻيڙيءَ واري آکاڻي پڙهن. ڪوڙي نه سچي پچي ڪٿا. ٻاهتر مان ٽيهٺ انسانن جي مارجي وڃڻ وارو قصو. سڌريل دنيا جي ڪٺورتا. دوکيبازي. ڪوڙ ۽ بشن گيري. تبديلي، انقلاب، بغاءَ برابر اوهان لاءِ دلڪش لقاءَ هجن، مون کي منجهائن رت جي بوءِ ٿي اچي. ڄاڻان ٿو ته پاڻ سڀ هڪ ڀونچال ۾ آهيون، ساڃاهه وند جيڪي ڪوٺجن ٿا تن کان بُڇان ٿي وٺي ته فقط رتوڇاڻ جي واٽ ئي ڏسي رهيا آهيون. سک ۽ سهنجايون ڪيتريون به حاصل ڪجن، خون جو ذائقو چکڻ جي عادت نه ويندي ته ترقي ڪهڙي ايندي؟ منهنجي شخصي انا جو خيال نه ڪريو. ائبنارمل ڪوٺيو يا ڍانڍو ڪارتوس. وڻيوَ ته گدوءَ موڪلي ڇڏيو. خون جو پيالو پيئڻو هجيوَ ته حاضر آهيان. پر پنهنجي مرضيل خواهشن جي پورائي لاءِ سڄي سماج کيمصيبت ۾ نه وجهو. اڻ ڳڻيا انساني الميا وجود ۾ آڻڻ لاءِ بضد ڇو آهيو؟

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو