Home / افيئر / !آئرلينڊ: جنگاڻ کان امن معاهدي تائين
above article banner

!آئرلينڊ: جنگاڻ کان امن معاهدي تائين

ڊگهي عرصي کان آئرلينڊ ۽ برطانوي حڪومت وچ ۾ امن معاهدي کانپوءِ برطانيا اجي راڻي پهريون ڀيرو ٽن ڏينهن جي دوري تي ڊبلن پهتي ته سندس سرڪاري طور شاندار آڌر ڀاءُ ڪيو ويو. اهڙي استقبال ۾ حڪومتي اهلڪار ۽ برطانوي سيٽلر ته شريڪ هئا، ليڪن آئرلينڊ جي عوام جي شرڪت نالي ماتر هئي. حقيقت اها آهي ته آئرلينڊ جا ماڻهو برطانوي راڄ ڀاڳ ۾ رهڻ نٿا چاهين، سندن خيال ۾ برطانوي حاڪم قبضا گير آهن.

جيتوڻيڪ آئرلينڊ جي ويڙهاڪن طرفان هٿيار ڦٽا ڪرڻ ۽ امن تي راضي ٿيڻ هڪ لحاظ کان وڏي تبديلي آهي، ان تبديلي کي سياسي نبض شناس ايئن پڻ ڏسي رهيا آهن ته جنگاڻ جو شڪار آئرلينڊ جو عوام سياسي عمل ۾ شامل ٿيندو ۽ سندن قسمت جو فيصلو بندوق نه پر ووٽ وسيلي ٿي سگهندو. اهو امن معاهدو ڪرائڻ جو ڪريڊٽ اڳوڻي آمريڪي صدر بل ڪلنٽن ڏانهن وڃي ٿو، جنهن ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪيو. ايئن ويڙهاڪ هٿيار ڦٽا ڪري امن جي ڪوششن ۾ شامل ٿي ويا. ذڪر ڪيل امن معاهدي موجب آزادي پسند ويڙهاڪ ويڙهه جي راهه ترڪ ڪري سياسي عمل جو حصو بڻبا. غيرجانبدار چونڊون ڪرايون وينديون. چونڊن وسيلي جيڪا به پارٽي کٽي ايندي، اقتدار ان حوالي ڪيو ويندو. ايئن انهن جا ڪجهه ٻيا مطالبا پڻ تسليم ڪيا ويا آهن.

آئرش لبريشن آرمي ڊگهي عرصي کان هٿياربند جدوجهد جي راهه تي نڪتل هئي. ڏٺو وڃي ته امن معاهدو ٿيڻ به سندن ڪاميابي جو مظهر آهي. ڇو ته اُن طويل جدوجهد جي ڪري ئي برطانيا کي گوڏا ٽيڪڻا پيا آهن. جيتوڻيڪ برطانيا جي راڻي وڏي طُم طراق سان سرڪاري پروگرامن ۾ شرڪت ڪئي، پر آئرلينڊ جي عوام جي اندر ۾ موجود ڪروڌ ۽ نفرت کين سڪون سان گهرن ۾ ويهڻ نه ڏنو. اهي راڻي جي دوري خلاف رستن تي نڪري آيا ۽ ڀرپور احتجاج ڪيائون. احتجاج ڪندڙن برطانيا کي سامراج ۽ غاصب قرار ڏيڻ سان گڏ آزاديءَ جو نعرو ورجايو ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته هاڻي اسان جي ڌرتي توهان کي گهڻو برداشت نه ڪندي، رت جي ڦڙي ڦڙي جو حساب ورتو ويندو.

آئرش لبريشن آرمي ۽ برطانوي حڪومت وچ ۾ معاهدو 1990ع واري ڏهاڪي ۾ ٿيو هو، پر ان معاهدي سبب آءِ آر اي ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي هئي، هڪ حصو اهو هيو جيڪو آزاديءَ کان هيٺ لهڻ لاءِ تيار نه هو، جنهن کي سخت گير سڏيو ٿي ويو، ليڪن آءِ آر اي جي سياسي ونگ شين فين برطانوي حڪومت سان ڳالهيون جاري رکيون، جيڪي تڏهوڪي جان ميجر حڪومت ۽ بل ڪلنٽن جي ڪوششن سان ڪامياب ٿيون. ايئن پوءِ جيڪي چونڊون ٿيون تن ۾ آئرش لبريشن آرمي جي حڪومت قائم ٿي.

پاڻ جيڪڏهن تاريخ جي ڳڙکيءَ ۾ جهاتي پائينداسين ته آئرلينڊ جو مسئلو ڪافي پراڻو ۽ گهرو آهي. پر ساڳي وقت ان جي سنڌ سان به مشابهت آهي. ڇو ته سندن حشر به سنڌ کان گهڻو مختلف ناهي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته وچئين دور ۾ آئرش خود بادشاهت هئي. هاڻوڪي برطانيا جي جاگرافي به ان جو حصو هئي، پر پوءِ وقت جي ڦيري هڻي ته آئرش تاريخ ۽ تهذيب جا ڌاڃوڙا ڪڍي ڇڏيا. مذهبي ڪٽرپڻو رکندڙ ڌرين هن ملڪ سان وڏو ويڌن ڪيو. نتيجو اهو ٿيو جو آئرش پنهنجي حاڪميت وڃائي گولا غلام ٿي ويا. پوءِ هنن سان اهو ئي ڪيو ويو جيڪو غلامن سان ڪيو ويندو آهي. ڇو ته غلامن جي ڪا به پنهنجي خواهش ۽ مرضي ناهي هلندي، سو هنن کي به سندن خواهشن جي ابتڙ برطانوي قبضي ۾ ٻن حصن ۾ ورهايو ويو. بلڪل ايئن جيئن ڪوريا سان ٿيو يا جيئن ويجهڙ ۾ سوڊان سان ٿيو آهي. هڪ حصي کي ڏکڻ ۽ ٻئي حصي کي اتر آئرلينڊ ۾ ورهايو ويو ۽ صوبائي حيثيت ۾ رکيو ويو. ڳالهه رڳو اتي ختم نه ٿي، پر هڪ سازش تحت اُتي وڏي پئماني تي ڌارين جي آبادڪاري ڪرائي وئي، اصلوڪن رهواسين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ ۾ وسان نه گهٽايو ويو، جنهن جو واضح مثال ڏکڻ جو آهي.

ڏٺو وڃي ته آئرلينڊ مسئلو دنيا جو قديم ترين مسئلو آهي، جنهن جي قدامت ٽن صدين تي ڦهليل آهي. ان دوران آئرش ماڻهن برطانيا خلاف ڊگهي ويڙهه ڪئي. ان ويڙهه ۾ لاها چاڙها ضرور ايندا رهيا، پر انهن هٿيار ڪڏهن ڦٽا نه ڪيا. ويهين صديءَ جي وچ ڌاري انهن باقاعده هٿياربند ويڙهه جي شروعات ڪئي. جيڪڏهن اوهان کي ياد هجي ته ڊبلن جيل ۾ بوپي سئنڊس 1980ع ۾ 56 ڏينهن جي ڊگهي مرڻ گهڙي تائين واري بک هڙتال ڪئي هئي، جنهن ۾ هو مري ويو هو. بوپي جي موت سڄي دنيا جي ماڻهن جو ڌيان ڇڪايو ته دنيا جهان ۾ جمهوريت جي ماءُ سڏائيندڙ حڪومت آئرش ماڻهن سان ڪهڙا ڪِيس ڪيا؟

هن وقت صورتحال اها آهي ته آئرلينڊ ۾ ڌارين جي آبادڪاري اصلوڪي آباديءَ جا بنياد لوڏي ڇڏيا آهن، 49-51 جو وڃي تناسب بيٺو آهي، مزي جي ڳالهه اها آهي ته برطانيا ۽ آئرش نسل جي ماڻهن جي ٻولي انگريزي يعني ساڳي آهي، فرق رڳو لهجي جو آهي. رنگ ۽ نسل به ساڳيو پر آئرش انتهائي قومپرست آهن. ٻنهي وچ ۾ فرق رڳو مذهب جو آهي. آئرش ڪيٿولڪ ۽ برطانوي گورا اينٿليڪل پورٽن آهن. ٻئي ڌريون عيسائي آهن، پر سندن فرقا الڳ الڳ آهن. ان هوندي به آئرش پنهنجي ڌرتيءَ سان تمام گهڻو پيار ڪن ٿا ۽ برطانيا کي قابض حاڪم سمجهندي ساڻن نفرت ڪن ٿا.

آئرش ڌرتي ڌڻي هر سال برطانوي سيٽلرن طرفان ارينج پريڊ کي به نفرت جي نگاهه سان ڏسن ٿا، سندن خيال ۾ اهي اهڙي پريڊ سندن لاشن مٿان ڪڍي جشن ٿا ملهائين. اهو ئي ڪارڻ آهي جو اهڙي پريڊ دوران هر سال خونريز هنگاما ٿيندا آهن. اها پريڊ آئرش ماڻهن لاءِ ڪيترو حساس مسئلو آهي، ان جو اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگهجي ٿو ته امن معاهدي ۾ به آئرش واسين اهو مطالبو ورجايو ته ان قسم جي پريڊ سندن مٿان چٿر آهي، ان کي ختم ڪرايو وڃي.

آزادي قرباني گهرندي آهي، آئرش آزادي پسند ان امتحان ۾ هميشه پورا لٿا، انهن ڌرتي خاطر هر قسم جي قرباني ڏني. انهن لاءِ مشهور آهي ته اهي ايترا ته چيڙها آهن، جو برطانوي سرڪار به کانئن ڪجهه اوڳاڇرائي نه سگهي. اهي گرفتار ٿيڻ مهل يا ان کانپوءِ زهريلو ڪئپسول کائي مرڻ ته پسند ڪندا هئا، پر پنهنجي جدوجهد ۽ تحريڪ بابت راز ٻڌائڻ سندن خمير ۾ شامل نه هو.

آئرش ماڻهو سنڌين وانگر نهايت ذهين، ملنسار، ادبي ۽ ثقافتي پسمنظر رکن ٿا. انهن جا هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو دنيا جي مختلف حصن خاص طور تي آمريڪا ۽ آسٽريليا ۾ آباد آهن.

ويڙهه وارن ڏينهن ۾ برطانوي حڪومت آئرش لبريشن آرمي تي الزام هڻندي هئي ته اهي ڪميونسٽ آهن. سندن سوويت يونين ۽ ڪيوبا نه رڳو مالي مدد ڪن ٿا، بلڪه کين تربيت ڏيڻ ۾ به اڳيان اڳيان آهن. ليڪن سچ اهو آهي ته اها سموري ويڙهه آئرش ماڻهن جي پنهنجي هئي. ڌرتيءَ لاءِ ٿيندڙ ان جدوجهد ۾ آئرش عورت به پهرئين مورچي تي رهي ۽ ڪيترين عورتن جانين جا نذرانا پڻ ڏنا.

هتي هڪ ڳالهه جي وضاحت ڪندا هلون ته يورپ جي ماڻهن کي پنهنجي ڌرتيءَ سان بي انتها محبت آهي، هو ٻي ٻولي ڄاڻيندي به پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڳالهائيندا آهن. آئرلينڊ وانگر اڄڪلهه سندن پاڙي ۾ اسپين جي ٻيٽ باسڪ جي به ساڳي صورتحال آهي، اتان جي آزادي پسند تنظيم ETA هٿياربند جدوجهد ڪري رهي آهي. اسپيني حڪومت جو مٿن الزام آهي ته کين آئرش لبريشن آرمي جي حمايت ۽ مدد حاصل آهي. ساڳي طرح ماضيءَ ۾ لبيا لاءِ چوندا هئا ته اهو آءِ آر اي جي مالي مدد ڪري رهيو آهي.

تازو برطانوي راڻي جي آئرلينڊ جي دوري کانپوءِ آمريڪا جي صدر بارڪ اوباما پنهنجي تڙڏاڏي جي ڳوٺ مني گال جو دورو ڪيو، اتان جي ماڻهن سندس شاندار آڌرڀاءُ ڪيو. ياد رهي ته اڳوڻي آمريڪي صدر ڪلنٽن جا وڏا به آئرش هئا.

جيتوڻيڪ ويجهڙ ۾ آئرلينڊ ۾ چونڊون ٿيون آهن، پر ڪا به ڌر واضح اڪثريت حاصل نه ڪري سگهي آهي. اهو ئي سبب آهي جو مخلوط حڪومت جوڙي وئي آهي. جيڪا مسئلن جو حل ناهي. حقيقت اها آهي ته جيستائين ان ملڪ کي آجپو نه ملندو، تيستائين ان جو مسئلو حل ٿيڻ مشڪل آهي. في الحال اهي سياسي عمل ۾ شريڪ ٿيا آهن، ضرور ان جا ڪي مثبت نتيجا به نڪري سگهن ٿا. پر آئرلينڊ جي هڪ حصي اڃا به آزادي تان هٿ ناهي کنيو. باقي ايندڙ ڏينهن ۾ اتي وڌيڪ سياسي تبديلين جي اميد ڪري سگهجي ٿي.

 


 

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو