Home / ڪئپيٽل افيئر / !جان ڪيري جي پاڪستا ياترا ۽ بدلجندڙ منظرنامو
above article banner

!جان ڪيري جي پاڪستا ياترا ۽ بدلجندڙ منظرنامو

11/9 وارو سانحو، مشرف ۽ بينظير ڀٽو شهيد وچ ۾ ٿيل اين آر آو، نواز شريف پاران 10 سال جلاوطنيءَ واري معاهدي جي ڀڃڪڙي، بينظير ڀٽو جي شهادت، مسلم ليگ نواز جي 2008ع جي چونڊن ۾ وڃڻ جو اعلان ۽ هاڻ اُسامه بن لادن جي موت، هيءَ سڀ اهڙا واقعا آهن، جن پاڪستان جي اندروني سياست، علائقائي ڪردار ۽ بين الاقوامي اميج تي وڏا اثر وڌا آهن.

دلچسپ ڳالهه هيءَ آهي ته هن وقت عرب دنيا اندر تبديليءَ جي لهر کان وٺي اوڀر يورپ ۽ ڏکڻ آمريڪا ۾ وڌندڙ سوشلسٽ اثر تائين پوري دنيا ۾ پاڪستان اهڙو انوکو ملڪ آهي، جتي ٻن ڏهاڪن اندر ايتريون ته تيز تبديليون آيون آهن، جن پوري خطي ۽ ڏکڻ ايشيا اندر دهشتگرديءَ خلاف جوڙيل جنگ ۾ دلچسپي رکندڙ قوتن جي پرڏيهي پاليسين کي لوڏي ڇڏيو آهي.

اُسامه جي موت ته هڪ اهڙي نئين بحث جو آغاز ڪيو آهي، جنهن جا سوين رخ آهن ۽ ملڪ اندر روشن خيال۽ لبرل قوتن ۽ ذهنن جو بحث رڳو هڪڙي نقطي تي آهي ته ڇا اسان وٽ تاريخي موقعو آهي ته اسين ملڪ مٿان ڇهن ڏهاڪن کان عسڪري قوتن، خفيه ايجنسين ۽ سول ۽ ملٽري بيوروڪريسي جي ڳٺ جوڙ سان قائم سياسي اثر کي ٽوڙي ڇڏيون.

اڃا اهو بحث مقامي سطح تي هلندڙ آهي ته آمريڪي سينيٽر ڪيري لوگر پاڪستان اچڻ شرط ئي چيو ته هاڻ پاڪستان جي ارڙهن ڪروڙ شهرين کي اهو طئي ڪرڻو پوندو ته هو پاڪستان کي دهشتگرديءَ جي جنت بڻائڻ ٿا گهرن يا هن ملڪ کي جناح جي تصور وارو پاڪستان بنائڻ ٿا گهرن.

منهنجي نظر ۾ اسامه بن لادن جي موت هڪ اهڙي ايجنٽ جي موت آهي، جيڪو روس ۽ ڪميونزم خلاف ڀاڙي تي ڀرتي ٿيو ۽ سامراجي ۽ سرمائيدار دنيا جي پڇ تي جهاد جو هيرو بڻيو ۽ پوءِ پنهنجن ئي آقائن هٿان ختم ٿي ويو.

سڀ کان اهم سوال هي آهي ته اسامه کانپوءِ پاڪسان جو ڇا ٿيندو ۽ ان کي ڪيئن بچائي سگهجي ٿو.

اڄ سڄي دنيا چئي رهي آهي ته:

  • پاڪستان مذهبي انتهاپسندي، دهشتگردي ۽ رجعت پرستيءَ جي جنت گاهه آهي.
  • القاعده ۽ طالبان جي قيادت پاڪستان ۾ لڪل آهي.
  • پاڪستان مان پوري دنيا اندر دهشتگردي امپورٽ ٿي رهي آهي.
  • پاڪستان جون ايجنسيون ۽ سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ دهشتگردن جا ساٿاري آهن.
  • نيوڪليئر طاقت پاڪستان اڄ پوري خطي ۽ دنيا لاءِ خطرناڪ آهي.
  • هٿيارن، منشيات اسمگلنگ ۾ پاڪستان ملوث آهي. وغيره.

آمريڪا توڙي اولهه ڪيترائي سال انهن ثبوتن تاثر سان گڏوگڏ پاڪستان سان هلندو رهيو ۽ گڏوگڏ اهو بحث به هلندو رهيو ته اسامه بن لادن سميت القاعده توڙي طالبان جي مرڪزي قيادت جي ڳجهن ٺڪاڻن بابت آمريڪا کي پوري ڄاڻ آهي ۽ آمريڪا ”مناسب” وقت تي انهن مٿان حملي آور ٿيندو. انهيءَ تاثر تي ۽ آمريڪا جي خيالن کي گهڻي اهميت نه ڏيندڙ پاڪستان جي سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ اهڙي وقت جو تصور ئي نه ڪيو هو جيڪو اڄ پاڪستان تي آيل آهي. ان حوالي سان به سوين پاسا اهڙا آهن جن تي بحث هلندڙ آهي. هاڻ جائزو وٺون ٿا ته ان صورتحال مان ڪيئن نڪرون ۽ ڪڍندو ڪير؟”

مثال طور اسامه بن لادن جي موت کانپوءِ عام پاڪستاني شهرين کان وٺي آمريڪي صدر تائين هر شخص اهو مطالبو ڪري رهيو آهي ته ملڪ جا عسڪري ادارا سول حڪمراني هيٺ هجن، ڇاڪاڻ ته سول حڪومتون ڪنهن نه ڪنهن حد تائين عوام ڏانهن ذميوار آهن. ايبٽ آباد واري واقعي کانپوءِ اهو عوام ۽ چونڊيل ايوان ئي هيا جن فوج خفيه ادارن کي بيل آئوٽ ڪيو ۽ سڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ خوار ٿيڻ باوجود به ساهه کڻڻ جهڙي بڻي، پر اهو ايوانن جو گڏيل اجلاس اقتداري ڌرين يا اقتدار لاءِ خواهشمند قوتن پاران فوج کي آسرو ڏيڻ هو ته هو “سرڪار وڏي” سان گڏ آهن. نواز شريف جي جماعت جو جيڪو موقف گڏيل اجلاس ۾ هو يا هاڻ ميان نواز شريف جنهن لهجي ۾ ڳالهائي ٿو، اهو عوام کي وڻي ته ڏاڍو ٿو، پر عوام کي خبر آهي ته انهي سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جنهن مهل ريمنڊ ڊيوس ۾ هٿ وڌو ته پنجاب حڪومت اهڙي ئي طابع دار بڻيل هئي، جهڙي وفاقي حڪومت.

ايستائين جو سياسي معاملن ۾ فوج جي مداخلت ختم ڪرڻ واري نقطي تي پنهنجو اميج ٺاهيندڙ نواز شريف جنهن مهل سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس افتخار چوري جي بحاليءَ لاءِ لانگ مارچ ڪندي گهران نڪتوته کيس وفاقي حڪومت تائين اڳواڻن ۽ عوامي ووٽ رستي چونڊيل جماعتن جي واعدن تي ڀرسوسو نه ٿيو ۽ نيٺ آن دي ريڪارڊ به چيائين ته ڪياني کيس پڪ ڏني آهي ته چيف جسٽس بحال ٿيندو. جنهن جو مطلب اهو نڪتو ته سول حڪمراني جي ڳالهه ڪندي ميان صاحب کي جيستائين جي ايڇ ڪيو پڪ نه ڏني تيستائين لانگ مارچ ختم نه ٿيو. اهڙي صورتحال ۾ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته سياسي معاملن مان فوج جي مداخلت ختم ٿئي. اهو ڪيئن ۽ ڪير ممڪن بڻائيندو ته عوامي ووٽ رستي چونڊيل اسيمبلين ۽ حڪومت جو راڄ هوندو.

وري سون تي سهاڳو سينيٽر ڪيري لوگر پاڪستان لهڻ شرط ئي سڀ کان پهرين جنرل ڪياني سان ملاقات ڪئي. هو چونڊيل صدر، وزيراعظم ڏانهن پوءِ ويو، اسان کي سول حڪمراني ۽ جناح جي پاڪستان جي بحالي جا ڀاشڻ ڏيندڙ آمريڪي به نه رڳو سمجهن ٿا ته اقتدار ڪٿي آهي، طاقت ۽ فيصله سازي ڪهڙي اداري وٽ آهي ته پوءِ هو به عملن اهو ئي ڪن ٿا جيڪي اسان جو سياسي ڌريون ڪن ٿيون.

اهڙي صورتحال ۾ اهو چوڻ تمام سولو آهي ته فوج جو اختيارطاقت ۽ سياسي معاملن ۾ مداخلت گهٽجي پر اهو ممڪن نظر نٿو اچي. پاڪستاني طالبان پاران ڪشمي بدران ڪابل جي جنگ ڏانهن شفٽ ٿيڻ ڪري پهريون ڀيرو انهن انتهاپسندن، دهشتگردن ۽ رجعت پرست قوتن جي دشمنن جي قطار ۾ هندوستان بدران پنهنجا خفيه ادارا ۽ سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ اچي بيٺي ۽ اسان جي وڏي سرڪاري طرفان تيار ڪيل مجاهد ۽ غازي جڏهن افغانستان ۾ آمريڪي سامراج خلاف وڙهڻ لاءِ پهتا ته اتي کين آمريڪي فوجين سان گڏ پنهنجي سرڪار به اتحادي طور نظر آئي ۽ نتيجي ۾ پاڻ سڀني ڏٺو ته پنهنجا ئي تيار ڪيل مجاهد پاڻ کي ئي ڳچي ۾ پئجي ويا.

اهو بحران هڪ بهترين موقعو هو، پيپلز پارٽي جي قيادت لاءِ ته هو ڪمزور سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ کي سياسي ساڃاهه سان سوڙهو ڪري سول حڪمرانيءَ لاءِ مضبوط مورچا جوڙي ها، پهريون ڀيرو پنجاب سياسي طور ڪمزور طور ٿيو هو ۽ پيپلز پارٽي اهو تاريخي موقعو وڃائي ڇڏيو ته هو پنجاب جي هڪ هٽي کي تڙي ها جو نواز شريف جي پنجاب ۾ حڪومت عمران خان، تمام مذهبي ڌريون ۽ ٻين رجعت پسند قوتن لاءِ اها عام راءِ پوري دنيا ۾ موجود آهي ته هو طالبان، مذهبي انتهاپسندن ۽ مجاهدين جا حامي آهن. اهو بهترين موقعو هو ته پنهنجي ئي مجاهدين هٿان ڪمزور ٿيندڙ اسٽيبلشمينٽ کي ڪمزور ڪري هن ملڪ کي هڪ حقيقي، گهڻ قومي جمهوري وفاق بڻائجي ها.

پر بدقسمتيءَ سان اخلاقي ڏيوالپڻي ۽ ڪرپشن جي ڪوڙهه ۾ ورتل تنگ نظري ۽ غيرسياسي حڪمران انهي ڪمزور ٿيندڙ اسٽيبلشمينٽ کي رڳو پنهنجي اقتدار کي بچائڻ لاءِ منٿون ڪندا رهيا، نتيجي ۾ سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جو اختيار ۽ طاقت اڃا وڌي آهي.

ان سموري بحران ۾ بهترين موقعو آهي ته رياست جي بنيادي ڍانچي جي نئين سر جوڙجڪ تي زور ڏئي ڪيري لوگر چواڻي ته جناح وارو (11 آگسٽ 1947ع واري تقرير وارو) پاڪستان جوڙجي.

هن بحران مان نڪتل مثبت ڳالهيون هي آهن.

  • ڏهاڪن کان ملڪ جي روشن خيال ۽ قومپرست ماڻهن پاران سياسي معاملن مان فوج ۽ خفيه ادارن جي مداخلت جي خاتمي جو موقف اڄ سچ ثابت ٿيو جو اسٽيبلشمينٽ جون محبوب جماعتون به اهو مطالبو ڪري رهيون آهن.
  • سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جي غيرآئيني، غيرسياسي ڪردار تي ڳالهائڻ تي جتي غداريءَ جا الزام ۽ سزائون، ڪوڙا ڪيس ڦاسيون ملنديون هيون اڄ خود انهن ئي ادارن جا سربراه اهو اعتراف ڪن ٿا ته سياسي معاملن ۾ مداخلت جي ڪري صورتحال خراب ٿي آهي.
  • اڄ نواز شريف سوڌو هر اها جماعت جيڪا اسٽيبلشمينٽ جي ٽيسٽ ٽيوب بي بي پارٽي طور اڳيان اڀري آهي به سول حڪمراني جي معاملي تي واضح آهن.
  • ملڪ جي روشن خيال غريب ۽ سيڪيولر قومن پاران انتهاپسندن، مذهبي تنگ نظرن ۽ رجعت پرستي خلاف جوڙيل آواز اڄ پوري دنيا جو آواز آهي. سنڌي بلوچ، سرائيڪي، پٺاڻ ۽ پنجابي ڏهاڪن کان چوندا رهن ٿا ته هن ملڪ کي آڱرين تي ڳڻڻ جيتري رجعت پرست ڌرين کي يرغمال بنايو آهي ۽ حقيقي قومي آزادي هن ملڪ کي بچائي سگهي ٿي. اڄ هر ماڻهو اها ڳالهه ڪري رهيو آهي ته ملڪ جي بچاءُ جو اڪيلو حل زميني حقيقتن جو اعتراف ڪري سڀني جا حق تسليم ڪري اڳيان وڌائڻ آهي.

هن وقت پاڪستان سڃاڻپ جي شديد بحران جو شڪار آهي. هڪ پاسي اهو تاثر آهي ته آمريڪا پاڪستان سان سختي ڪندو پر آءٌ ان خيال جو آهيان ته پاڪستان مان آمريڪا هٿ نه ڪڍندو ۽ اسامه کان پوءِ آمريڪا ۽ سندس ساٿارين جو جيڪو مورال وڌيو آهي، آمريڪا ان کي اڃا وڌائڻ لاءِ پاڪستان سان سهڪار ڪندي وڌيڪ ٽارگٽ هٿ ڪرڻ چاهيندو.

اصل امتحان اسان کي چونڊيل ايوانن ۽ حڪومت جو آهي ۽ هو اهڙي بحران ۾ رياست جي بنيادي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪن ٿا يا مفادن لاءِ وقت ٽپائيندا.

سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جي سياسي ڪردار کي گهٽائڻ لاءِ هر روشن خيال ڌر ڏهاڪن کان ڪشٽ ڪٽيو آهي سياسي پارٽين کان وٺي سول سوسائٽي ۽ ڪنهن حد تائين ميڊيا جو ان ۾ وڏو ڪردار آهي. ايستائين جو بينظير ڀٽو شهيد به پنهنجي جان ڏئي ڇڏي.

جيڪڏهن هاڻ به اسان نظرياتي صف بندي کي مضبوط ڪندي ملڪ جي بنيادي شناخت کي ان رستي ڏانهن کڻي هلڻ جي ڪوشش نه ڪئي جيڪا ڪيري لوگر به ڪوشس ڪري ٿو ۽ ملڪ جو هر روشن خيال شهري چوي ٿو ته پوءِ پاڪستان هڪ اهڙي گيريزن اسٽيٽ بڻجي ويندو جنهن جو جمهوري سڃاڻپ رکندڙ ملڪن جي فهرست ۾ ڳڻپ ٿيڻ بدران ناڪام قومي رياستن ۾ شمار ٿيندو.

اسامه جهڙن ايجنٽ جي موت جتي وڏا بحران ڏنا آهن، اُتي تاريخي موقعا به ڏنا آهن ته ملڪ جي گهڻ قومي سڃاڻپ جو اعتراف ڪندي ان کي عسڪري طاقتن ۽ دهشتگردي جي ڪئمپ بڻجڻ بدران 18 ڪروڙ ماڻهن جي قومي ۽ ثقافتي سڃاڻپ رکندڙ ماڻهن جي حقيقي فيڊريشن بڻايو جتي هر قوم کي پنهنجي وطن ۽ وسيلن تي اختيار هجي. جتي جمهوريت ۽ انساني حقن جي عزت فيڊريشن جو بنيادي نعرو هجي.

جتي فوج جو ڪم رڳو سرحدن جي حفاظت هجي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو