Home / افيئر / !ڪڪا پير وليج جي سماجي ڪارڪنن جا قاتل پڪڙ کان آجا
above article banner

!ڪڪا پير وليج جي سماجي ڪارڪنن جا قاتل پڪڙ کان آجا

ڪجهه ڏهاڙا اڳ ڪراچي جي سينڊز پٽ واري علائقي ڪڪا پير وليج ۾ ٻن سماجي ڪارڪنن عبدالغني ۽ حاجي ابوبڪر کي گهران اغوا ڪري ماريو ويو، ٻنهي جا لاش شمس پير ٻيٽ وٽ سمند ڪناري مليا، ڪڪا پير ۾ موجود اکين ڏٺن شاهدن چواڻي ٻنهي ڄڻن کي پاڻي ۾ غوطا کارائي ۽ گهٽا ڏئي ماريو ويو. “اسان شروع کان ووٽر به پ پ جا رهيا آهيون، پر اڄ جڏهن پ پ حڪومت ۾ آهي تڏهن اسان کي پنهنجي ڳڀرو نوجوانن جا لاش تحفي ۾ ڏنا پيا وڃن.” هڪ بزرگ شخص حاجي صديق “افيئر” کي ٻڌايو.

ڳوٺاڻا ٻڌائين ٿا ته عبدالغني علائقي ۾ سماجي ڪم ڪار ڪرڻ جي حوالي سان سٺي ساک رکندو هو، هو ڪائونسلر پڻ رهي چڪو هو. هن هتي مختلف ادارن جي سهڪار سان ٻارڙن جو هڪ اسڪول به قائم ڪرايو ته هڪ ڊسپينسري به قائم ڪرائي، جڏهن ته علائقي ۾ پاڻي جي سهولت مهيا ڪرڻ لاءِ به هو هميشه ڪوشان رهندو هو. هن پنهنجي علائقي جي مهاڻن ۽ مهاڻين کي روزگار مهيا ڪرڻ جي سلسلي ۾ يو اين ڊي پي / جيف سمال گرانٽس جي سهڪار سان ايڪو ٽوئرزم تي ڪم ڪندي هڪ جيٽي پڻ تعمير ڪرائي هئي، جتي سياحن جي اچ وڃ شروع ٿي هئي، جڏهن ته هن تمر جي ٻيلن ۽ ماحوليات جي بچاءُ لاءِ به سرگرمي سان ڪم پئي ڪيو. اهو ئي سبب هو جو علائقي جي بااثر ماڻهن جي اک ۾ ڪنڊي جيان پيو چُڀندو هو، هن کي يونس آباد جي بااثر ۽ لينڊ مافيا سان واڳيل ماڻهن طرفان سرگرميون محدود ڪرڻ ۽ موت جون ڌمڪيون پڻ ملنديون رهنديون هيون. هن فشرفوڪ فورم سان به مهاڻن جي مسئلن ۽ تمر جي ٻيلن جي حوالي سان سرگرميءَ سان ڪم ٿي ڪيو، جنهن ڪري مافيا لاءِ تمر جا ٻيلا ڪٽي ڪمرشل پلاٽن طور کپائڻ مشڪل ٿي پيو هو. ان ڪري ٻنهي سماجي ڪارڪن کي رستي تان هٽائڻ لاءِ قتل ڪيو ويو.

عبدالغني ۽ حاجي ابوبڪر جي قتل کانپوءِ فشر فوڪ فورم طرفان آءِ سي آءِ پل تي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن ۾ سندن قاتلن خلاف ايف آءِ آر درج ڪرڻ ۽ کين گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، گهڻي ڊيگهه کانپوءِ ڪياماڙي ٽائون جي اڳوڻي ناظم ذوالفقار يونس ۽ سندس والد حاجي يونس خلاف پوليس قتل جي ايف آءِ آر نمبر: 93/2011 داخل ڪئي، ليڪن حيرانگي جي ڳالهه اها آهي ته قتلن کي ايترا سارا ڏينهن گذري وڃڻ کانپوءِ به قاتل آجا گهمي رهيا آهن، نه رڳو اهو پر اهو پڻ چيو پيو وڃي ته اهي ڪاڪا پير ويجهو بابا ڀٽ ٻيٽ ۾ اندر موجود آهن، ساڻن علائقي جو ايم اين اي قادر پٽيل پڻ رابطي ۾ آهي.

ياد رهي ته ذڪر ڪيل ٻنهي سماجي ڪارڪنن جا قاتل نه رڳو پ پ ۾ شامل آهن، بلڪه اهي ايترو اثر رسوخ رکن ٿا، جو ڪجهه وقت پهرين جڏهن هتان جي مقامي مهاڻن ۽ سول سوسائٽي سنڌ سرڪار کي دانهيو ته ٻيٽ جا سمورا تمر ڪٽي اُهي پلاٽ ڪري کپائي رهيا آهن، جيڪو ماحولياتي قانون تحت ڏوهه به آهي ۽ کين اهڙي ڪڌي ڪم کان روڪيو وڃي، تڏهن ان جو سدباب ڪرڻ بدران تڏهن سنڌ جي گهرو معاملن وارو صوبائي وزير ذوالفقار مرزا سندن چانهه پيئڻ يونس آباد پهچي ويو هو. “جڏهن وزير مشير دعوتون کائڻ ايندا هجن، تڏهن اسان غريبن جي ڪير ٻڌندو.” تڏي تي موجود هڪ مهاڻي چيو.

اهو به نه وسارڻ کپي ته ڪراچي ماحولياتي لحاظ کان ڊزازسٽر زون ۾ آهي، جتي ڪنهن به وقت سونامي جهڙي تباهي اچي سگهي ٿي، تمر جا ٻيلا اهڙي ڪنهن به سامونڊي طوفان کي روڪڻ لاءِ قدرتي ديوار آهن، پر اها ڳالهه دولت جي انڌ ۾ ٻڏل ماڻهن کي سمجهه ۾ نٿي اچي، ان ڪري اهي تمر جا ٻيلا بي درديءَ سان ڪپي زمين پلاٽ ڪري کپائي رهيا آهن، جيڪو وڏو جرم آهي ۽ اهڙي جرم جي ڪري هڪ وڏي تباهي ڦهلجي سگهي ٿي. اهري ڪڌي ڪم کي قانوني طرح عبدالغني ۽ حاجي ابوبڪر ملاح روڪڻ جي ڪوشش ڪري ڪو به جرم نه ڪيو هو، پر لينڊ مافيا کين ان جرم جي سزا ڏئي علائقي ۾ اهو خوف پئدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن اڳتي ڪو به سندن غيرقانوني ڪمن کي روڪڻ جي ڪوشش نه ڪري.“جيڪڏهن قاتلن حاجي يونس ۽ ذوالفقار يونس کي گرفتار نه ڪيو ويو ته اسان سڄي سنڌ جا مهاڻا چيف منسٽر هائوس آڏو ڌرڻو هڻنداسين.” فشر فوڪ فورم جو سربراهه محمد علي شاهه “افيئر” سان ڳالهائي رهيو هو.

حيرانگي جي ڳالهه اها آهي ته غريب مهاڻا جيڪي نسل در نسل پ پ جا ووٽر آهن، پر انهن کي پ پ سان لاڳاپيل لينڊ مافيا ايترو ته سوڙهو اچي ڪيو آهي جو هاڻي اهي ٻي ڪا واهه نه ڏسي اي اين پي ۾ وڃي شامل ٿيا آهن. “پٺاڻن جي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو شوق ناهي، پاڻ بچائڻ لاءِ شامل ٿيا آهيون.” ڪاڪا پير جو هڪ نوجوان مهاڻو ٻڌائي رهيو هو.

اوهان کي اهو پڙهندي حيرت نه ٿيڻ کپي ته هن سامونڊي پٽي ۾ قومپرست ڌرين جو ڪٿي به ڪو کُر پير نظر نٿو اچي، حالانڪه هي علائقا ڪافي حوالن کان وڏي اهميت رکن ٿا. اتي جيڪڏهن پ پ کان ماڻهو خائف آهن ته قومپرست خيال رکندڙ ڌريون ڇو نه ٿيون اڳتي اچن؟ اهو پنهنجي جاءِ تي هڪ سوال آهي. ڪاڪاپير مهاڻن جي وڏي آبادي آهي، پر اتي ڪنهن به قومپرست ڌر جو هڪ به جهنڊو ناهي لڳل، باقي اي اين پي جي نه رڳو مقامي ماڻهن يونٽ کولي آفيس کولي آهي، بلڪه ان جا جهنڊا به ڦڙڪندي ڏسي سگهجن ٿا.

حقيقت ۾ ڪاڪا پير ۾ نهايت غريب مهاڻا رهن ٿا، جيڪڏهن تمر جي انهن ٻن شهيدن جي وارثي / مالڪي فشر فورم نه ڪري ها ته انهن بااثر ماڻهن خلاف ايف آءِ آر ته ڇا اين سي به نه ڪٽجي ها ۽ انهن خونن کي پاڻي ۾ ٻڏي مرڻ جو رنگ ڏنو وڃي ها، هاڻي به گهڻا امڪان اهي آهن ته مذڪوره بااثر ماڻهو اهي خون ڪنهن طريقي سان لوڙهڻ چاهيندا. ليڪن سياسي ڌرين، سول سوسائٽي ۽ ساڃاهه وندن جو فرض ٿو ٿئي ته اهي انهن ننڌڻڪن ماڻهن جي وارثي ڪن ۽ بي گناهه قتل ٿيل سماجي ڪارڪنن جا خون تاري، متاثر خاندانن سان انصاف ڪيو وڃي. جيئن اڳتي ڪو به ظالم ڪنهن غريب کي ايئن غوطا کارائي مارڻ جي جرئت نه ڪري سگهي.

 

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو