Home / افيئر / ڪي اِي ايس سي: وزيرن ۽ مشيرن جا پٽ لکين رپيا پگهارن تي مقرر
above article banner

ڪي اِي ايس سي: وزيرن ۽ مشيرن جا پٽ لکين رپيا پگهارن تي مقرر

ڪراچي اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني لميٽيڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر (CEO) تابش گوهر چند ڏهاڙا پهرين پريس ڪانفرنس ۾ پنهنجون نوڪريون بچائڻ لاءِ بک هڙتال تي ويٺل ملازمن کي ڪم تي واپس اچڻ جي صلاح ڏيندي چيو هو ته ڪي اي ايس سي ۾ ميرٽ جي خلاف مقرريون نه ڪيون وينديون ۽ نه وري سفارشي ۽ نااهل ماڻهو برداشت ڪيا ويندا. تابش گوهر جي دعويٰ ته پنهنجي جاءِ تي پر ڪي اي ايس سي ۾ نون مقرر ڪيل ماڻهن تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته هڪ طرف 10 کان 30 هزار پگهار کڻڻ وارن مستقل ملازمن کي فارغ ڪرڻ لاءِ بيتاب ويٺل ڪي اي ايس سي انتظاميا 650 نوان ملازم ڀرتي ڪيا آهن. انهن 650 ماڻهن ۾ 500 اُهي آهن جن جون پگهارون ڏيڍ لک آهن جڏهن ته 150 ملازم اهڙا آهن جن جون پگهارون 5 لک رپيا آهن. ان کان علاوه 1600 ملازمن جي جاءِ تي شهري لساني ڌر جا ڪارڪن ڀرتي ڪيا ويا آهن. اهي ڪارڪن پنهنجي ساٿي ڪارڪنن جي مدد سان شهر ۾ ٿيندڙ ڪي اي ايس سي خلاف ٿيندڙ احتجاج کي روڪي رهيا آهن، شهر جي مختلف علائقن مان ملندڙ رپورٽن مطابق شهري جڏهن 2 کان 4 ڏينهن بجلي نه اچڻ يا ڪلاڪن جا ڪلاڪ لوڊشيڊنگ کان تنگ ٿي احتجاج لاءِ رستن تي نڪرن ٿا ته لساني ڌر جا ڪارڪن انهن تي تشدد ڪري کين واپس وڃڻ تي مجبور ڪن ٿا.

مليل ڄاڻ مطابق ڪمپني ۾ تازو ڀرتي ڪيلن ۾ آسر منظور جيڪو سنڌ مخالف طور شهرت رکي ٿو، کي بغير ڪنهن گهربل تجربي ۽ ڄاڻ جي گروپ هيڊ هيومن ريسورسز جي اهم جڳهه تي رکيو ويو آهي. آسر منظور لساني ڌر کي ڀتو پهچائڻ ۽ انهن جا چند ڪارڪن ڀرتي ڪرڻ کانپوءِ سموريون ڀرتيون پنجاب سان واسطو رکندڙ ماڻهن جون ڪري رهيو آهي. آسر منظور هن وڏي اداري جي اهم جڳهه تي مقرري کان اڳ ۾ ڪوڪا ڪولا ڪمپني ۾ مينيجر هو، جڏهن ان کان اڳ هو “اتفاق فائونڊري” ۾ به مينيجر طور تي ڪم ڪري چڪو آهي. آسر منظور پنهنجي مقرري جي چند ڏينهن اندر ڪمپنيءَ ۾ پنهنجي سالي ضرار ناصر خان کي مينيجر جي عهدي تي مقرر ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ضرار ناصر خان جي ان عهدي تي مقرري غيرقانوني آهي، ڇو جو هو صرف انٽرپاس آهي. ان ئي ضرار ناصر خان کي آسر منظور پنهنجي عهدي جو فائدو وٺندي هڪ سال جي دوران ٻه پروموشن ڏئي پهرين ڊپٽي جنرل مينيجر ۽ هاڻ تازو جنرل مينيجر مقرر ڪرايو آهي. ضرار ناصر خان جي هن مهل پگهار 5 لک رپيا آهي، جڏهن ته ٻيون سهولتون ان کان سواءِ آهن. انهن نين مقررين ۾ متحده سان لاڳاپيل عورت ايم اين اي (خوشبخت شجاعت) جنهن قومي اسيمبلي ۾ ڪي اي ايس سي جي ناقص ڪارڪردگي تي آواز اٿاريو ته KESC انتظاميه کيس ۽ سندس جماعت کي خوش ڪرڻ لاءِ سندس پٽ شهباز بيگ کي 8 لک رپيا پگهار عيوض ڊائريڪٽر ٽريننگ جي عهدي تي مقرر ڪيو. جڏهن ته سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير تعليم پير مظهر جي ننڍي پٽ پير دانش کي 9 لک رپيا پگهار عيوض ڊائريڪٽر حڪومتي معاملا (Government Affairs) مقرر ڪيو ويو. مسلم ليگ (ق) جي اڳواڻ۽ ايم اين اي همايون اختر جي ويجهي عزيز نويد حسين کي گروپ هيڊ رڪوري (وصولي) جي عهدي تي 20 لک رپيا پگهار عيوض مقرر ڪيو ويو. نويد حسين پي ايس او جو رٽائرڊ ملازم آهي، جڏهن ته ڪوڪاڪولا ڪمپني جي رٽائرڊ ملازم طيب ترين کي وري وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي سفارش تي 30 لک رپيا پگهار عيوض گروپ هيڊ فنانس مقرر ڪيو ويو آهي. متحده سان لاڳاپيل صوبائي وزير عادل صديقي جي ڀاءُ آصف صديقي کي 10 لک رپيا پگهار عيوض ڊائريڪٽر روينيو پروٽيڪشن مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته متحده جي ئي وزير بي محڪمه ۽ سنڌ اسيمبليءَ ۾ قائد سيد سردار حمد جي پٽ عابد حسين کي 8 لک رپيا پگهار عيوض ڊائريڪٽر پراجيڪٽس جي عهدي تي ۽ متحده جي سرگرم اڳواڻ ابرار حسين کي ڊائريڪٽر پراجيڪٽ 2 جي عهدي تي 5 لک رپيا پگهار عيوض مقرر ڪيو ويو آهي. انهن مقررين ۾ سڀ کان وڌيڪ دلچسپ مقرري يونائيٽيڊ بينڪ مان رٽائرڊ ٿيل ملازم 78 سالن جي عبدالغفور جي آهي جنهن کي 30 لک رپين عيوض گروپ هيڊ انڊسٽريز رليشن مقرر ڪيو ويو آهي. عبدالغفور جي حوالي سان چيو وڃي ٿو ته هو جسماني توڙي ذهني اعتبار کان مڪمل طرح ان فٽ آهي.

مختلف سياسي پارٽين ۽ شخصيتن کي خوش ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪي اي ايس سي ۾ وڏين پگهارن تي سگهارن ادارن جي اڳوڻن آفيسرن کي به بناجواز ڳرين پگهارن تي مقرر ڪيو ويو آهي. انهن آفيسرن لاءِ چيو وڃي ٿو ته انهن پنهنجي مقرريءَ دوران ۽ دوران حراست صدر آصف علي زرداري جو تمام گهڻو خيال رکيو هو ۽ جواب ۾ صدر صاحب سخاوت جا سڀ رڪارڊ ٽوڙيندي کين نوازيو آهي. انهن آفيسرن ۾ ٻه رٽائرڊ برگيڊيئر مظهر احمد ۽ مسعود احمد آهن، جيڪي گذريل دور حڪومت ۾ هڪ سگهاري اداري ۾ ڪراچي ۽ اسلام آباد جا انچارج هئا، کين 30، 30 لک رپيا پگهار عيوض ڪمپني جو سيڪيورٽي انچارج بڻايو ويو آهي. جڏهن ته ڪمپني جي سيڪيورتي جي شعبي ۾ فوج جي رٽائرڊ 18 ڪرنلن کي 5 لک رپيا في ملازم جي حساب سان ملازمتون ڏنيون ويون آهن. انهن ۾ ڪرنل (ر) واحد اصغر، ڪرنل (ر) عمران نديم خواجه، ڪرنل (ر) ساقي، ڪرنل (ر) عامر، ڪرنل (ر) رفيع احمد قريشي، ڪرنل (ر) حسن، ڪرنل (ر) فرحت ۽ ٻيا شامل آهن.

ياد رهي ته انهن مقرر ماڻهن ۾ ڪو به ملازم ٽيڪنيڪل عهدي تي مقرر نه ڪيو ويو آهي. سڀ نان ٽيڪنيڪل عهدن تي مقرريون ڪيون ويون آهن، جن جي ڪمپني کي ڪا به ضرورت نه هئي.

تمام گهٽ پگهار تي زندگي جا خوبصورت ڏهاڙا ڪمپنيءَ کي ارپيندڙ ملازمن کي نوڪرين مان ڪڍڻ لاءِ آتي ڪي اي ايس سي انتظاميا کي ته پرواهه نه آهي ڇو جو انهن کي ته عوامي عدالت ۾ وڃڻو ئي ناهي، پر ان ظلم تي خاموش ويٺل پيپلز پارٽي جي صوبائي ۽ مرڪزي قيادت کي سوچڻ گهرجي ته انهن برطرفي جي ڇُريءَ هيٺ آيل ملازمن مان 2000 جي ويجهو ملازم سنڌي آهن. جن مان 700 ملازم لارڪاڻي ۽ 400 جي لڳ ڀڳ نواب شاهه سان تعلق رکن ٿا.

imdad.soomro6@gmail.com

KESC: سنڌي اٽي ۾ لوڻ برابر!

سنڌ جي گادي واري شهر کي بجلي فراهم ڪندڙ ادار KESC ۾ آفيسرن کان ڪارڪنن تائين موجود ملازمن جي انگن اکرن تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي هن اداري ۾ اٽي ۾ لوڻ برابر آهن. 1913ع ۾ قائم ٿيل ڪي اي ايس سي ۾ هن مهل تائين 60 جي ويجهو سي اي او يا ايم ڊي مقرر ٿي چڪا آهن، جن ۾ سنڌي صرف 2 آهن، جن مان سيد غلام مصطفيٰ شاهه صرف 3 مهينن لاءِ ۽ سيد مظفر علي شاهه 7 مهينن جي ٿوري عرصي لاءِ مقرر ٿيا هئا. هن وقت ڪمپنيءَ جو سربراهه (سي اِي او) اردو ڳالهائيندر آهي.

- گروپ هيڊز: 13 مان 10 پنجابي، 3 اردو ڳالهائيندڙ

- ڊي سي او او (DCOO) ٽوٽل 4 جن مان 1 سنڌي ۽ 3 پنجابي

- ڊائريڪٽر 48 جن مان 2 سنڌي، 35 پنجابي ۽ 11 اردو ڳالهائيندڙ

- جنرل مينيجر 60 جن مان 9 سنڌي، 30 پنجابي ۽ 21 اردو ڳالهائيندڙ

- ڊپٽي جنرل مينيجر 200، 30 سنڌي ۽ 120 اردو ڳالهائيندڙ

- مينيجر ٽوٽل 300 جن مان 110 سنڌي، 60 پنجابي ۽ 130 اردو ڳالهائيندڙ

- اسٽنٽ مينيجر ٽوٽل 700، 20 سنڌي 500 پنجابي، 180 اردو ڳالهائيندڙ

- ننڍا آفسر 5000 سنڌي 500، پنجابي 1500 ۽ 2900 اردو ڳالهائيندر

- ننڍو اسٽاف 12000، سنڌي 2000، پنجابي 6000، اردو ڳالهائيندڙ 3000، پٺاڻ ۽ بلوچ 1000

جيتوڻيڪ ملڪ ۾ سنڌين جي ووٽ تي چونڊيل پ پ جو راڄ آهي، پر ان جمهوري حڪومت ۾ به سنڌين سان مذڪوره اداري ۾ ناانصافي جو سلسلو جاري آهي.

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو