Home / سياسي افيئر / !مفاهمت جي ميلي ۾ سنڌ جو چورايل رومال
above article banner

!مفاهمت جي ميلي ۾ سنڌ جو چورايل رومال

2008 ع ۾ چونڊن کان ڪجهه هفتا پوءِ مان ڪولمبو ۾ هوائي اڏي تي اميگريشن ڪائونٽر تي ويٺل سانوري رنگ جي سنهالي اميگريشن آفيسر آڏو پنهنجو پاسپورٽ رکيو ته مون کان خير خبر وٺندي پڇيائين ته پاڪستان جا ڪهڙا حال آهن؟ مون کيس وراڻيوته مس مس ڏهن سالن جي آمريت مان جان آجي ٿي آهي ۽ ملڪ ۾ جمهوريت موٽي آئي آهي، هاڻي چڱائيءَ جو آسرو آهي. سنهالي نوجوان پاسپورٽ تي انٽري جو ٺپو هڻندي هلڪي مسڪراهٽ سان مون کي چيو تون ڏاڍو Optimistic ٿو لڳين. اڄ ٽن سالن کان پوءِ سندس جملو ياد ڪيان ٿو ته سندس مسڪراهٽ ۾ اونهو مهڻو هنياوَ کي چيريندو محسوس ٿئي ٿو. ڄڻ مون کان پڇي رهيو هجي ته ڏي خبر تنهنجي اميدن سان آجيان ڪيل جمهوريت مان ڪجهه هڙ حاصل ٿيو يا موقعي پرستي جي مفاهمت ان کي آمريت کان به بدتر بڻائي ڇڏيو آهي.

ذوالفقار علي ڀٽي ۽ بينظير جو روح شايد پنهنجي شهادت وقت به ايترو نه لڇيو هوندو جيترو پيپلزپارٽي طرفان سندن قاتل قرار ڏنل پارٽي ۽ فردن سان اتحاد وقت تڙپيو هوندو. جيڪڏهن اقتدار خاطر اصولن ۽ قدرن جي لتاڙ جي ڪا انتها ممڪن ٿي سگهي پئي ته اها پيپلز پارٽي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪري ڏيکاري. هونئن ته پيپلز پارٽي جي سياسي تاريخ اهڙن مثالن سان ڀري پئي آهي، پر ڪجهه ماڻهن کي اها غلط فهمي هئي ته شايد تاريخ جي ٺوڪرن مان پيپلز پارٽي ڪجهه پرايو هوندو، ڀٽي جي قاتلن کي ماضيءَ ۾ به ايئن ئي مان ڏنو ويو هو جيئن اڄ بينظير جي قاتلن کي ملي رهيو آهي. برابر پارلياماني سياست جا لاها چاڙها اڻ ڳڻيا ڪمپرومائيز ڪرائيندا آهن، پر جيڪڏهن اهي مفاهمتون ڪنهن عظيم تر عوامي ڀلائيءَ واري مفاد بجاءِ رڳو اقتدار جا پنج سال پورا ڪرڻ لاءِ ٿيندا ته پوءِ جمهوريت لاءِ ڦٽڪا ۽ جيل ڪاٽيندڙن لاءِ به چڱو هوندو ته اهي به وقت جي آمرن سان ذاتي مفاهمتون ڪري گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي زندگين جا عذاب ته گهٽائين ها.

برابر سياست ۾ اهڙا مرحلا ايندا آهن، جڏهن دشمن سان به کلي هٿ ملائڻو پوندو آهي ۽ سالن جا سال جنگين وڙهڻ کان پوءِ به گڏجي سياست ڪرڻي هوندي آهي، اهو سڀ ڪجهه نيلسن منڊيلا ۽ ياسر عرفات ڪيو، پر انهن اتحادن ۽ مفاهمتن جو بنياد سکڻو اقتدار نه هو، پر ان جي پٺيان پرامن بقاءِ باهمي وسيلي قومي خودمختياريءَ جو بچاءُ ۽ انساني ترقيءَ ڏانهن وک وڌائڻ جا وچن هئا. جيڪڏهن ڪراچي توڙي اسلام آباد ۾ مفاهمتن جو بنياد ماڻهن جي ڀلي جي ايجنڊا تي هجي ها ته شايد اها ڪوڙي گوري هر ڪوئي هضم ڪري وڃا ها، پر ان جي ابتڙ ان سرچاءُ جو بنياد وزارتون، صلاحڪاريون ۽ ونڊي ورهائي کائڻ هجي ته پوءِ اها گوري زهر کان به ڪڙي ٿيو پوي. سنڌ جا ماڻهو گذريل ساڍن ٽن سالن کان ڏسن پيا ته اهو مفاهمتي ميلو رڳو سندن رومال چورائڻ لاءِ لڳايو ويو آهي. سنڌ جو امن امان، ترقي، انساني حقن، گورننس ۽ سنڌ واسين جا اجتماعي حق سڀ ان مفاهمت جي گهڻ منهين بلا جي پيٽ ۾ هڙپ ٿي رهيا آهن ۽ موٽ ۾ رڳو هڪ اهڙي اقتدار جو تسلسل حاصل ٿي رهيو آهي، جنهن جي اوليت سنڌ جا ماڻهو ۽ سندن ترقي نه پر مٺ جيترن ماڻهن جي اڻ کٽ خواهشن جو پورائو آهي. جتي اها مفاهت ڪرڻ وقت وزارتن ۽ صلاحڪارين جي ونڊ ورهاست تي بحث ٿيا ڇا ڪٿي اها به ڳالهه ٿي ته هن اتحاد کانپوءِ هي ڌريون گڏجي سنڌ جي شهرن ۾ دهشتگردي ۽ ٻهراڙين ۾ بدامني کي ختم ڪنديون؟ ڇا ڪنهن ان مفاهمت جي ايجندا تي اها ڳالهه رکرائڻ جي زحمت ڪئي ته هي ڌريون گڏجي سنڌ ۾ ڌاڙيلن ۽ قبائلي دهشتگردي خلاف گڏجي وک وڌائينديون يا سنڌ اندر بهتر حڪمراني فراهم ڪرڻ لاءِ سفارشي بدليون، مقرريون ۽ ٺيڪا ڏيڻ واري ڪڌي ڪاروبار کي ٻنجو ڏيارينديون يا ڪنهن اهو چيو ته هي مفاهمت ڪري سنڌ ۾ عوامي ترقيءَ لاءِ فلاڻا پنج قدم کنيا ويندا؟ انهن سڀني مان ڪا هڪ به ڳالهه نه ڪئي وئي، رڳو وزارتن ۽ صلاحڪارين جي ورهاست جا معاملا طئي ٿيا. ٻين لفطن ۾ اهو طئي ٿيو ته سنڌ جي ڀينگ گڏجي ونڊي ورهائي ڪئي ويندي. نوڪرين، بدلين، مقررين ۽ ٺيڪن ۾ مفاهمتي فارمولي هيٺ ونڊ ورهاست ڪئي ويندي. سوال اهو آهي ته اهڙي مفاهمت عام ماڻهوءَ جي زندگينءَ ۾ ڪهڙو انقلاب آڻڻ لاءِ ڪئي وئي؟

ان قسم جي قدمن کڻڻ سان پيپلز پارٽي مجموعي طور سڄي ملڪ ۽ خاص طور تي سنڌ جي ماڻهن کي هيٺيون پيغام ڏنو آهي.

· طاقت جو سرچشمو عوام سندن خواهشون ۽ اوليتون نه پر جڳاڙي سياسي اتحادن ۾ آهن. عوام جو ڪم رڳو شهيدن جي نالي تي ووٽ ڏيڻ آهي. باقي چونڊن کان پوءِ چور ۽ ساڌ سڀ برابر هوندا.

· عوام جمهوريت، شهيدن جي محبت ۾ پنهنجي زندگين ۾ تبديلين جي خوابن کي اکين ۾ سمائي سالن جا سال جيلن جون عقوبتون ۽ مقامي ڏاڍن مڙسن هٿان عذاب سهڻ واري مزاحمتي رويي کي ترڪ ڪري زندگيءَ جي هر موڙ تي شرمناڪ مفاهمتون ڪندو رهي. ڇو ته جن اصولن خاطر اهي پنهنجون زندگيون برباد ڪن ٿا، انهن جو ڇيهه اهڙي بدبودار اقتداري ڍانچي تي ٿئي ٿو جتي اصول نه پر شخصي مفاد ئي اهم هوندا آهن.

· سنڌ جا ماڻهو شهرن توڙي ٻهرارين ۾ دهشتگردن، قاتلن، چورن ۽ ڌاڙيلن سان مهاڏو اٽڪائڻ بجاءِ ساڻن هٿ ٻڌي، ڪنڌ جهڪائي زندگيءَ جا ڏينهن گذارين ڇو ته اڄ نه سڀاڻي اهي سڀ اقتدار جي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيڻا آهن ۽ ڪيترن جي هٿن ۾ ونجهه به هوندا.

· ووٽ ڏيڻ وقت پارٽي جي اڳواڻن جي ڪيل تقريرن ۽ جاري ڪيل بيانن تي ڪو به ويساهه نه ڪن ڇو ته اهي رڳو موسمي ضرورتن آهر جاري ڪيا ويندا آهن. اڳتي هلي اقتدار جي تسلسل خاطر انهن سمورن بيانن ۽ تقريرن کي ايئن ئي رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ ڦٽو ڪري سگهجي ٿو جيئن آمر حڪمران ملڪي آئين سان ڪندا آهن.

· جمهوري طور چونڊيل ۽ اڻ چونڊيل آمر حڪومتن ۾ عملي طور تمام گهٽ فرق هوندو آهي. ٻنهي قسم جا حڪمران پنهنجي اقتدار کي بچائڻ يا ڊيگهه ڏيڻ لاءِ هر طرح جا اتحاد قائم ڪري سگهن ٿا. اڻ چونڊيل حڪمرانن لاءِ اهو عمل شايد ايترو شرمناڪ نه هجي، پر عوام جي ووٽن سان چونڊجندڙ حڪومتن لاءِ اها ڳالهه ضرور شرمناڪ هجڻ گهرجي ته هو جن پارٽين ۽ فردن خلاف چونڊ مهم هلائي عوام کان ووٽ وٺي وري وڃي انهن سان ئي اتحاد ڪن. ان پسمنظر ۾ ڏسجي ته سنڌ جي ماڻهن لاءِ مشرف ۽ هن حڪومت ۾ عملي طور ڪهڙو فرق رهيو. شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ جن ماڻهن ڏهه سال عوام جي حقن ۽ مفادن جي لتاڙ ڪئي سي وري حڪومت جو حصو آهن. سنڌ جي شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ عملي طور اهي ٻئي حڪومت ڪري رهيا آهن ۽ جيڪڏهن حڪومت ڪندڙن ۾ ڪي مهانڊا انهن کان مختلف به آهن ته انهن جا عمل انهن کان ڪهڙي به طرح مختلف ناهن. سنڌ جي شهرن جون گهٽيون توڙي تعليمي ادارا اڄ به سنڌين لاءِ اڳ جهڙا ئي اوپرا آهن. وفاقي کاتن ۾ سندن نمائندگي ذري گهٽ اڳ جهڙي ئي آهي. ٻهراڙين ۾ ڌاڙيلن ۽ قبائلي سردارن جو ساڳيو راڄ برقرار آهي. نوڪرين، بدلين ۽ مقررين جي معاملي ۾ ته حال مشرف دور کان به بدتر آهي. ٻهراڙين ۾ ترقيءَ جو ڦيٿو اڳ جيان جام آهي. قتل، اغوا، عورتن جي تذليل جا واقعا اڳ جيان عام اهن. وڏيرڪي طبقي جا سماج مٿان چنبا ساڳي ريت کتل آهن. بدعنواني، ڪرپشن ۽ اقربا پروري اڳي کان اڳري آهي. هاڻي ته بلوچستان جيان سنڌ ۾ به نوجوانن جا چچريل ۽ سڙيل لاش ملڻ لڳا آهن. آخر ڪهڙو اهڙو ماپو آهي، جنهن تي ماپي سنڌ جا ماڻهو محسوس ڪن ته ڏهاڪن کان پنهنجوسڀ ڪجهه لٽائي هڪ پارٽيءَ کي ڪلهي تي کڻي نچڻ جو کين ڪو صلو مليو آهي.

پيپلز پارٽيءَ جي هاڻوڪي اقتداري دور اها ڳالهه بنهه چٽي ڪري ڇڏي آهي ته سنڌ ۾ فيوڊل طبقي جو فطري اتحاد هر صورت ۾ مٿن راڄ ڪندو رهندو ۽ جيستائين سنڌ اندر سماجي ڍانچي جي جوڙجڪ ۾ ڪا بنيادي تبديلي نه ايندي ته وڏيرڪو ڪينسر سنڌ جي رڳن ۾ جمهوريت جي رت کي به گدلو ڪري ڇڏيندو. پيپلز پارٽي وڏيرن ۽ موقعي پرست وچولي طبقي جي “اشرافيه” جي اهڙي ٽولي ۾ تبديل ٿي چڪي آهي، جيڪا سنڌ سان اهڙن ويڌن ڪري رهي آهي جو سنڌ جي ماڻهن جو جمهوريت تان ايئن ئي ويساهه کڄي ويندو جيئن اسلام ۽ وفاق جي نعرن تان کڄي ويو آهي. برابر ڪتابن ۾ لکيل جمهوريت نهايت احترام لائق شئي آهي، پر هي جيڪو ڪجهه جمهوريت جي نالي ۾ ٿي رهيو آهي، ان جو سياسي ڪتابن ۾ ڪٿي به حوالو نه ٿو ملي. جيڪڏهن ڪجهه سال ماضيءَ ۾ وڃي نهارجي ته هاڻوڪي حڪومت کي ووٽ ڏيڻ وقت سنڌ جي ماڻهن وٽ هن قسم جون اميدون موجود هيون.

· مشرف دور جي ڏهاڪو سالن جي اونداهي رات جي پڄاڻي ٿيندي ۽ شهرن توڙ ٻهرارين ۾ عاوم جون زندگيون حرام ڪندڙ نظام ۽ چهرن مان سنڌ واسين جي جان آجي ٿيندي.

· سنڌ جي شهرن مان دهشتگرديءَ ۽ ٻهراڙين مان قتل ۽ اغوا جي راڄ جو ايندو خاتمو ۽ سنڌ واسي سک جو ساهه کڻي ترقيءَ جي شاهراهه تي گامزن ٿيندا.

· بينظير ڀٽو جي خون سان انصاف ٿيندو. سندس قاتل پڌرا ٿيندا ۽ انجام کي پهچندا.

· ڏهن سالن تائين ترقيءَ جي ميدان ۾ نظرانداز ڪيل سنڌ جون ٻهراڙيون ڪجهه منهن ڏسڻ جهڙيون ٿينديون ۽ ٻهراڙين جي رهواسين کي روزگار ۽ ترقيءَ جا نوان موقعا مهيا ٿيندا.

· سنڌ دشمن ترقياتي رٿائن جو انت ايندو ۽ ترقياتي فنڊن مٿان علائقائي هڪ هٽي ختم ٿيندي.

· سنڌ جي شهرن ۾ سنڌ واسين کي روزگار ۽ تعليم جي ڪيل تالابنديءَ جو انت ايندو.

· ٻهراڙين ۾ بند ٿيل اسڪول ۽ صحت مرڪز ٻيهر سرگرم ٿيندا ۽ سنڌ واسين کي باعزت زندگي گذارڻ جا موقعا فراهم ٿيندا.

· سنڌ ۾ وچولي طبقي جي ماڻهن خاص طور نوجوانن کي تعليم ۽ روزگار جي وسيلن مان لاڀ ملندو ۽ سنڌي سماج مٿان وڏيرڪي نظام جا چنبا ڪجهه ڪمزور ٿيندا.

· اهي ۽ ان قسم جون انيڪ اميدون رکي سنڌ جي ماڻهن پيپلز پارٽيءَ کي ووٽ ڏئي اقتدار ۾ آندو ۽ اڄ ان جي صلي ۾ سنڌ واسين کي جيڪو ڪجهه ملي رهيو آهي، ان مان ته اهو ئي نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته اقتداري ڍانچو ۽ ان قسم جي وفاقي مفاهمتي سياست سنڌ کي حقيقي معنيٰ واري جمهوريت نه، پر اجتماعي تذليل جا تمغا پهرائيندو رهندو ۽ جمهوريت رڳو عوام جي پٺن تي لڳل ڪوڙن جي ملهه چڪائڻ جي کيڏ تي رهندي. سنڌ جي ماڻهن کي پيپلز پارٽي اهڙي چوواٽي تي آڻي بيهاريو آهي، جتان ڪو به رستو سندن اجتماعي خوشحالي ۽ آجپي ڏانهن ويندي نظر نه ٿو اچي.


 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو