Home / شوبز / !منداڪني ياد تازي: اِليانا ميدان ۾
above article banner

!منداڪني ياد تازي: اِليانا ميدان ۾

80ع واري ڏهاڪي جي شروع وارن سالن ۾ آيل “رام تيري گنگا ميلي” سڀني کي ياد هوندي، جي ها ته پوءِ ان فلم جي هيروئن منداڪني ڪنهن کان ڪيئن وسري هوندي. 80ع واري ڏهاڪي ۾ رليز ٿيل ان فلم ۾ منداڪني جسماني نمائش جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي سڀني کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو هو، پر 2011ع ۾ منداڪني جي ڇڏيل مشن (سڀئي حدون اورانگهڻ ) کي پورو ڪرڻ لاءِ ڀارت جي ڏاکڻي علائقي مان بالي ووڊ ۾ گهرائي وئي آهي سِرن اِليانا، جيڪا هونئن به اهڙن ڪردارن ڪري مشهور آهي. “ونس اپان اي ٽائيم اِن ممبئي” جي ٻئين پارٽ ۾ اِليانا “رام تيري گنگا” واري منداڪني جو رول ڪندي. هن فلم ۾ اڪشي ڪمار انڊر ورلڊ ڊان دائود ابراهيم جو ڪردار ادا ڪندو. ان کان اڳ ان رول لاءِ قطرينا ڪيف ۽ ڪرينا ڪپور کي ڪاسٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر پُکو اِليانا جي نالي جو نڪتو. هي فلم بالاجي موشن پڪچرس طرفان پروڊيوس ڪئي وئي آهي، جڏهن ته فلم جو ڊائريڪٽر ملن لٿريا آهي. جيتوڻيڪ اڃا تائين اهي خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته ان فلم جي هيروئن لاءِ اِليانا جو نالو پڪو ناهي ڪيو ويو، پر گهڻا امڪان آهن ته اِليانا ئي هن فلم جي هيروئن بڻبي. ڇاڪاڻ ته فلم جي پروڊيوسر ايڪتا ڪپور اِليانا جي ڪم مان تمام گهڻي متاثر آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو