Home / افيئر / !من موهن سنگهه جي بدعنوانين جي خاتمي لاءِ پوليس کي ٿڦڪي
above article banner

!من موهن سنگهه جي بدعنوانين جي خاتمي لاءِ پوليس کي ٿڦڪي

ڀارتي وزيراعظم من موهن سنگهه ڀارتي پوليس تي زور ڀريو آهي ته رشوت خلاف اسڪينڊلز جي تحقيقات بنا ڪنهن خوف خطري جي ڪئي وڃي. واضح رهي ته سندس حڪومت ڪرپشن جي ڪيترن ئي الزامن کي منهن ڏئي رهي آهي. هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته تحقيقات ڪندڙ ميڊيا کي نظرانداز ڪري ڇڏين. هن اهو پڻ چيو ته اعليٰ سطحي ڪيس سي بي آءِ لاءِ امتحان جو درجو رکن ٿا، واضح رهي ته ڪجهه ڏهاڙا اڳ ڀارتي اولمپڪ ايسوسيئيشن گذريل سال نئين دهلي ۾ دولت مشترڪه جي راندين جي مقابلي ۾ ڪرپشن جي الزامن هيٺ پنهنجي صدر کي هٽائي ڇڏيو هو. سريش علمندي کي عهدي تان هٽائڻ جو فيصلو هڪ ڀارتي عدالت جي ان حڪم جي ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ سامهون آيو، جنهن ۾ عدالت کيس ڪرپشن الزامن هيٺ پوليس جي تحويل ۾ ڏيڻ جو چيو هو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو