Home / افيئر / !مارگريٽ ٿيچر جو ٿيلهو خيراتي ڪم لاءِ نيلام ٿيندو
above article banner

!مارگريٽ ٿيچر جو ٿيلهو خيراتي ڪم لاءِ نيلام ٿيندو

برطانيا جي اڳوڻي وزيراعظم مارگريٽ ٿيچر پنهنجو هڪ مشهور ٿيلهو خيراتي مقصدن لاءِ ٿيندڙ نيلامي ۾ ڏئي ڇڏيو آهي. ڪرسٽي آڪشن هائوس جو چوڻ آهي ته ڪاري چمڙي جو اها ٿيلهو 27 جون تي هڪ پروگرام ذريعي نيلام ڪيو ويندو. ان پروگرام جو ميزبان ليکڪ جيفري آرچر هوندو. اهو ٿيلهو ان وقت اڳوڻي وزيراعظم وٽ موجود هو، جڏهن اها آمريڪي صدر رونالڊ ريگن ۽ سوويت اڳواڻ ميخائل گورباچوف سان سرد جنگ دوران ڳالهه ٻولهه ڪري رهي هئي. آڪشن هائوس مطابق مارگريٽ ٿيچر ٿيلهو جي وڪري مان ملندڙ رقم هڪ خيراتي اداري حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جيڪو چمڙي جي مرض ۾ ورتل مريصن جي سهائتا ڪندو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو