Home / افيئر / !مٺي ۽ ٽنڊي باگي ۾ سياسي بازيگر آمهون سامهون
above article banner

!مٺي ۽ ٽنڊي باگي ۾ سياسي بازيگر آمهون سامهون

ڪجهه ڏهاڙا اڳ سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه صوبائي وزيرن پير مظهرالحق، آغا سراج دراني، ڄام مهتاب ڏهر، انجينئر رفيق، سيف الله ڌاريجو، موهن لال ڪوهستاني، مڪيشن ڪمار چاولا ۽ سينيٽر تاج حيدر سان گڏ ٿر جو دورو ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهرين اسلام ڪوٽ لڳ ٿرڪول پراجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ ائٽمي سائنسدان ڊاڪٽر ثمر مبارڪ جي ڪمپني يو سي جي، جي ڳوٺ ٻانڀڻيو ڀيل واري ڪئمپ آفيس تي جڏهن پهتو، تڏهن اتي ٿرڪول پراجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ ماهرن وڏي وزير کي خوش ڪرڻ لاءِ هڪ بند ڪري ۾ کين اٽڪل ٻن ڪلاڪن تائين ڪوڙن انگن اکرن واري بريفنگ ڏني. پراجيڪٽ جي کوهه بلاڪ نمبر 5 جي ڪوئلي کي زمين اندر ئي گئس ۾ تبديل ڪري هن سال مارچ جي مهيني ۾ ان گئس مان بجلي پيدا ڪرڻ جو ڊاڪٽر ثمر مبارڪ جي ڪمپني اعلان ڪيو هو. جنهن اعلان تي عمل ٿي نه سگهيو ۽ مئي تائين ٿر جي ڪوئلي مان بجلي جو هڪ ميگاواٽ به پيدا ٿي نه سگهيو آهي. ويتر ڪوئلي جي ان فيلڊ واري مقامي ڳوٺ ٻانڀڻيو ڀيل جي مسڪين ڳوٺاڻن لاءِ مذڪوره ڪمپني جي اهلڪارن ڌرتي تنگ ڪري ڇڏي آهي. ڪمپني وارا ڪنهن به مقامي ڳوٺاڻي ۽ انهن جي ڍورن کي اتان لنگهڻ نٿا ڏين. ڳوٺاڻن جا رستا بند ٿيڻ ۽ سندن سروي زمينن ۽ چراگاهن تي قبضا ٿيڻ ڪري انهن ۾ تاءُ وڌي رهيو آهي. پر مذڪوره ڪمپني جي اهلڪارن سنڌ جي وڏي وزير ۽ سنڌ ڪابينا کي مغالطي ۾ رکڻ لاءِ هڙئي حربا استعمال ڪيا، پر ڪوئلي مان اڃا تائين بجلي پيدا نه ڪرڻ جو ڪو به معقول جواب ڏيڻ بدران ٽيڪنيڪل جواز ڄاڻائي ٿر جي ڪوئلي مان تمام جلد بجلي پيدا ڪرڻ جا وڏي وزير کي سکڻا آسرا ڏنا، ٿري ساڃاهه وندن چواڻي مذڪوره بند ڪمري ۾ ڏنل بريفنگ بعد وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سميت ٻين ڪيترن ئي وزيرن جا چهرا مرجهايل هئا ۽ اهي اتان بنهه مايوس ٿي موٽيا.

ان کانپوءِ وڏي وزير کي مٺي ۾ جلسي کي خطاب ڪرڻو هو، جتي ٿريا ٿر جي ترقي لاءِ سنڌ جي وڏي وزير جا متوقع وڏا تاريخي اعلان ٻڌڻ لاءِ لڱ ساڙيندڙ گرمي ۾ شدت سان انتظار ڪري رهيا هئا. پر ان وقت هزارين مظلوم ٿري اهو عجيب لقاءُ ڏسي حيران ٿيا ته سواءِ هڪ مقرر گل محمد لاٽ جي ٻيا سمورا مقرر ٿر جي اهم بنيادي مسئلن تي ڳالهائڻ جي بجاءِ فقط سياسي تقريرون ڪرڻ لڳا کين ٿر جا قهري ڏڪار، ڀيانڪ غربت ڪٿي به نظر نٿي آئي، ايئن ٿي لڳو ته هي وزير ۽ پ پ جا اڳواڻ ڏڪاريل ڏيهه دردوندي جي ديس ماروي جي ملير ۾ نه پر ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ڪنهن جلسي گاهه ۾ پنهنجي سياسي مخالفن ۽ سندن اقتدار جي ڪرسين کي ڪمزور ڪندڙ،ڌرين کي دڙڪا ڏيئي رهيا هجن. حيرتناڪ ڳالهه آهي ته مٺي واري هن جلسي ۾ اطلاعات جو وزير شرجيل انعام ميمڻ جنهن پنهنجي تقرير ۾ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم کي ٿرجو ڪارو ڪانءُ سڏيندي چيو ته ٿر پ پ جو قلعو آهي، ٿر ڪاري ڪانوَ جي جاگير نه آهي، هن پنهنجي خطاب ۾ ارباب غلام رحيم تي الزام هڻندي اهو پڻ چيو ته ننگرپارڪر تعلقي ۾ پ پ جو ووٽ بئنڪ هجڻ ڪري ارباب انتقامي طور تي ننگرپارڪر شهر کي پيئڻ جي پاڻي کان محروم رکيو. جڏهن ته حقيقت ان جي برعڪس آهي. ارباب غلام رحيم ئي نه فقط پنهنجي دور ۾ مٺي ۽ اسلام ڪوٽ جي شهرن تائين پائيپ لائين وسيلي سنڌو درياهه جو مٺو پاڻي پهچايو، پر اسلام ڪوٽ شهر کان ننگرپارڪر شهر تائين اٽڪل 90 ڪلوميٽر ڊگهي پاڻي جي پائيپ لائين جي اسڪيم پڻ ارباب غلام رحيم جي وڏ وزارت واري دور حڪومت ۾ منظور ٿي ۽ ارباب جي ئي دور ۾ اٽڪل 40 ڪلوميٽرن تائين پاڻي جي پائيپ لائين وڇائي ويئي. ارباب جي حڪومت ختم ٿيڻ بعد پائيپ لائين جي وڇائڻ وارو ڪم بند ٿي ويو ۽ موجوده پ پ حڪومت جي ٽن سالن کان وڌيڪ عرصي ۾ 10 ڪلوميٽرن تائين به پائيپ لائين وڇائجي نه سگهي آهي ۽ اڃا تائين پاڻي جي اها پائيپ لائين ننگرپارڪر شهر کان اٽڪل 30 ڪلوميٽر پري جي پنڌ تي آهي. شرجيل انعام ميمڻ جي چونڊ تڪ ننگرپارڪر تعقلي جي تاريخي شهر ننگرپارڪر جا هزارين شهري اڄ تائين گڏهن تي پخال رکي مهانگي اگهه تي سڪي ويل کارن کوهن جو کارو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن، ان سان گڏ اها ڳالهه به گهٽ حيران ڪندڙ ڪونهي ته صوبائي وزير شرجيل، ننگرپارڪر واري تڪ تان ارباب گروپ سان هڪ ڳجهي ٺاهه وسيلي بنا مقابلي ايم پي اي ٿيو، ان مٺي واري سياسي جلسي متعلق اها ڳالهه به نه وسارڻ گهرجي ته 29 اپريل جي ان مٺي واري جلسي کان فقط هڪ ڏينهن اڳ بدين ضلعي جي اهم شهر ٽنڊي باگي ۾ ارباب گروپ ۽ قاف ليگ هم خيال وارن هڪ وڏو سياسي جلسو ڪيو، جنهن جلسي کي ارباب غلام رحيم، لنڊن واري پير جو نقل ڪندي دبئي مان ٽيليفونڪ خطاب ڪيو. ٽنڊو باگو شهر جيئن ته اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي چونڊ تڪ وارو اهم شهر آهي، جنهن ٽنڊو باگو شهر سميت بدين ضلعي ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جو وڏو ڏهڪاءُ آهي، چونڊن ۾ شڪست کائيندڙ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جو حريف اميدوار سيد پپو شاهه، مرزا جي عتاب جي سٽ نه سهي دبئي ڏانهن فرار ٿي ويو ۽ هڪ ڀيرو واپس اچڻ بعد پوليس هٿان اغوا ٿي ويو ۽ بعد ۾ هڪ ٺاهه تحت ٻيهر دبئي ڏانهن ڀڄي پنهنجي جان ڇڏايائين. ٽنڊي باگي جو واسي زميندار ۽ ڪروڙپتي واپاري حاجي سائين بخش جمالي جيڪو قاف ليگ جي ٽڪيٽ تي ايم پي اي واري سيٽ تي پ پ جو حريف اميدوار هو، پ پ جي حڪومت اچڻ بعد ان تي معمولي چوري جي ڪيس سميت بدين پوليس هن تي ڪيترائي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري هن کي گرفتار ڪري جيلن حوالي ڪيو. سائين بخش جمالي، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا تي سياسي انتقامي ڪارروايون ڪرڻ جو الزام هنيو ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ بدين پوليس خلاف اهڙي پٽيشن پڻ داخل ڪرائي ۽ هو سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ئي حڪم تي جيل مان آزاد ٿيو.

ٽنڊي باگي واري هن مسلم ليگي جلسي جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، ان سڄي جلسي جو خرچ ۽ انتظام جيتوڻيڪ حاجي سائين بخش جمالي ئي ڪيو، پر ارباب گروپ جي اڳواڻ ارباب لطف الله، سوين گاڏين جي جلوس ۾ جلسي گاهه ۾ پهتو، بدين ضلعي کان سواءِ اربابن هزارين ٿري ماروئڙن کي ٿر جي ڏورانهن ڳوٺن کان کڻي جلسي گاهه ۾ پهچايو. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي غيرحاضري ۾ ان جي تڪ ۾ قاف ليگ جو ٽنڊي باگي وارو جلسو ڪو گهٽ اهم نه هو، اهو جلسو گهڻن پاسن کان بدين جي عوام کي غيرامڪاني ۽ پراسرار ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي خوف کان لڳي رهيو هو، پر ارباب غلام رحيم سميت ٻيا مقرر شايد ان ڪري بي خوف هئا، جو کين خبر هئي ته اسلام آباد جي ايوان ۾ ڇا ٿي رهيو آهي. جت بازي پلٽجي رهي هئي ۽ وڏا بازيگر غيرمعمولي ڪرتب ڏيکاري رهيا هئا.

مٺي ۽ ٽنڊي باگي جا هڪ ئي وقت ٻئي مذڪوره سياسي جلسا هڪ ٻئي جي مقابلي ۾ سياسي طاقت جومظاهرو ڪرڻ لاءِ ڪيا ويا. ٻئي جلسا تمام وڏا هئا، جن ۾ هزارين ماڻهن کي وڏيرا کنڀي کڻي آيا. ٽنڊي باگي واري قاف ليگ جي تمام وڏي سياسي جلسي کي جيتوڻيڪ ميڊيا ڪا خاص ڪوريج نه ڏني، پر بدين جي موجوده سياسي سماجي حالتن جي حوالي سان اهو انتهائي اهم وڏو جلسو هو، جنهن جو هڪ اهم مقصد اهو هو ته قاف ليگ وارا هاڻ مرزا کان هرگز نٿا ڊڄن، پر مٺي واري پ پ جي جلسي ۾ جڏهن صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ارباب غلام رحيم کي ٿر جو ڪارو ڪانءُ سڏي رهيو هو، تڏهن حيرتناڪ طور تي اسلام آباد ۾ ويٺل موجوده حڪمران جنهن پارٽي کي قاتل ليگ سڏي چڪا آهن، انهن جي اڳواڻ چوڌرين کي برو ڀلو چوندا هئا، اهي ٺيڪ ان وقت نه فقط قاتل ليگ جي چوڌرين کي ايوانن ۾ کيڪاري کين اهم وزارتون ڏيئي رهيا هئا، پر قاتل ليگ وارن کي سنڌ حڪومت ۾ پڻ شامل ڪرڻ، ارباب غلام رحيم خلاف سمورن داخل ڪيل ڪيسن کي ختم ڪرڻ، ارباب کي واپس وطن ورڻ ۽ سرڪاري حفاظت ۾ کيتلاري تائين پهچائڻ جا مطالبا پڻ مڃي چڪا هئا.

هي عجيب تماشو آهي، لکين مظلوم ٿري ماروئڙن ۽ سڄي سنڌ جي ماڻهن سان. هڪ طرف حڪمران پنهنجن جلسن ۾ سياسي مخالفن تي چٿرون پيا ڪن ته ٻئي طرف انهن ساڳين سياسي مخالفن کي هار پارائي انهن سان گڏجي حڪومت پيا هلائين. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي مٺي واري جلسي ۾ ان وقت مانڌاڻ مچي ويو، جڏهن جلسو هلندي ٿرپارڪر ڪوئلو ايڪشن ڪميٽي جي ڪارڪنن ۽ ٿرڪول پراجيڪٽ مان برطرف ٿيل ملازمن پراجيڪٽ ۾ غيرمقامي ماڻهن جي ڀرتين خلاف احتجاج ڪرڻ لاءِ پلي ڪارڊ هٿن ۾ کڻي جيئن ئي پنڊال ۾ داخل ٿيا ته پ پ جا جيالا احتجاج ڪندڙ ٿرين تي ڪڙڪي پيا. ٻنهي ڌرين ۾ سخت جهيڙو ٿيڻ ڪري هي جلسو بدنظمي جي ور چڙهي ويو ۽ ڪجهه دير تائين جلسي جي ڪارروائي معطل ٿي وئي. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه آخر ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته پ پ ڪڏهن به ڀاڱا نه ٿيندي، شهيد ڀٽي جي عدالتي قتل جو پلاند فيصلو ڏيندڙ ادارن کان ورتو ويندو. هن چيو ته ٿر جو ڪوئلو سون کان مهانگو آهي، اڳ ۾ ٿري هر سال لڏپلاڻ ڪري روزگار لاءِ بئراجي علائقن ڏانهن ويندا هئا، پر هاڻ سنڌ جا هزارين ماڻهو روزگار لاءِ ٿر ۾ ايندا. ٿر ۾ ڪنهن وڏي گهربل ترقياتي ميگا پراجيڪٽ جو ڪو به اعلان ڪرڻ جي بجاءِ وڏي وزير چيوته آئون ٿر کي ڪيڊٽ ڪاليج ضرور ڏيندس. پر ڪاليج جي قائم ٿيڻ تي اربين رپين جو ناڻو خرچ اچي ٿو، ٿر جي اٽڪل پوڻا ٻه لک ايڪڙ پيل اينيمي پراپرٽي واري زمين جي حقدار هارين ۾ ورهائڻ جي باري ۾ هن چيو ته ان لاءِ قانون سازي ٿي رهي آهي. اهڙي طرح وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ٿر لاءِ ٿرپارڪر يونيورسٽي، ٿر ميڊيڪل ڪاليج، ٿر انجنيئرنگ ڪاليج، نانگن جي زهر کان بچاءُ جي ويڪسين جي ليبارٽري جي قيام جهڙن اهم رٿائن سميت هزارين بيروزگار ٿري نوجوانن کي نوڪريون ڏيڻ ٿر ۾ سستي اگهه تي اٽو فراهم ڪرڻ ۽ ٿر جي ڀيانڪ غربت کي گهٽائڻ جو ڪو به اعلان ڪرڻ بجاءِ فقط ٿر کي دبئي بنائڻ جهڙا اڳوڻن حڪمرانن وارا ساڳيا دلاسا ڏيئي سنڌ جي تختگاهه ڪراچي ڏانهن روانو ٿي ويو.

 

 

 


below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو