Home / افيئر / !مورڙي جو پٽ ۽ عبالغني ميربحر
above article banner

!مورڙي جو پٽ ۽ عبالغني ميربحر

مورڙي ميربحر جي لوڪ ڪهاڻي ۾ جتي برائي جو انت نظر اچي ٿو، اتي انسان جي جدوجهد ۽ پيڙا فطرت ۽ ڏاڍ جي قوتن کي مات ڏيندي به ڏيک ڏئي ٿي، پر اها سورهين صديءَ جي ڪٿا جيڪا تڏهن جي ڳوٺڙي ڪلاچيءَ جي ڪنڌيءَ تي ظهور پذير ٿي هئي، ڪالهه ان ئي ڪٽنب جو نوجوان جيڪو پنهنجي علائقي جي ماڻهن توڙي اتان جي فطري ماحول لاءِ هڪ ڏڍ، اميد ۽ آسرو هو، ان کي نئين زماني جي مانگر مڇن پنهنجي وحشت جو شڪار بڻائيندي شهيد ڪري ڇڏيو.

هو جيڪو سرنهن جي ڦولار جهڙي رت ۽ سرخ گلابن جهڙو شخص هو، جيڪو مهاڻن جي قديم وستي ڪاڪاپير جو رهواسي عبدالغني ميربحر هو، جنهن کي جلادن پنهنجي دوست حاجي ابوبڪر سان گڏ اوندهه انڌوڪار ۾ اغوا ڪري وڃي وحشياڻي انداز ۾ قتل ڪري سندن لاشن کي سمنڊ جي ڪناري تي ڦٽو ڪري ويا. اها ڀلي اڄوڪن سياسي مانگر مڇن جي سوڀ هجي، پر وقت ڪڏهن به هڪ ڀيرو ناهي رهندو ۽ نه ئي سڄو سال هڪ ئي مند رهي سگهي ٿي ۽ نه ئي ڪڏهن بديءَ جي قوتن کي آخري فتح نصيب ٿي آهي.

عبدالغني ميربحر ڀريل بت ۽ پڪي رنگ وارو سپر مڙس هو، سندس ملڻ، ڳالهائڻ توڙي ڪچهرين جو پنهنجو رس چس هو، هاڻي اها محبتن سان ڀريل مڻيا ڪٿي ڳولهجي؟

هن پنهنجي جدوجهد ۽ سماجي خدمت سان علائقي واسين جا ڀاڳ تبديل ڪرڻ جي شروعات ئي مس ڪئي هئي ۽ سندس ڪوششن ۽ اوجاڳن جي خوشبو، اڃا ڦهلجڻ ئي شروع ڪيو هو، جو انهن اکين ۾ ڪاوڙ مان رت اوتجي ويو هو. جنهن ڪڏهن به مسڪين، پيٽ بکن ۽ ڏکن ۾ جهري پوندڙ انسانن کي خوش ٿيندي ۽ سکيو ستابو ٿيندي پسند نه ڪيو هو ۽ نيٺ پرڀات جي تمنا نڪتل سندس خواب ساڀيان کان اڳ قتل ٿي ويا. عبدالغني ميربحر پنهنجي سماجي سرگرميءَ جي شروعات يونين ڪائونسل جي ڪائونسل شپ کان ڪئي ۽ ان کانپوءِ هن آءِ سي آءِ جي مدد سان علائقي لاءِ بهترين اسڪول ٺهرائي، تعليم جو بندوبست ڪيو اهڙي ريت پنهنجي تحريڪ ۽ سرگرميءَ کي اڳتي وڌائيندي ۽ بامقصد بڻائيندي هن مهاڻن کي روزگار مهيا ڪرڻ لاءِ يو اين ڊي پي / جيف سمال گرانٽس پروگرام سان ايڪو ٽورئرازم تي ڪم شروع ڪيو هو، جنهن ۾ هن جيٽي پڻ جوڙائي هئي، ايئن هن تمر جي ٻيلن ۽ ماحوليات جي بچاءُ لاءِ همت ڀريا قدم کڻي ورتا هئا ۽ انهن قوتن کي ڪاوڙائي وڌو هو جن جو زوگار تمر جا ٻيلا ڪٽائي بي پهچ مهاڻن جون زمينون کسي ڪراچيءَ جي سيٺن کي وڪرو ڪرڻ هو. وري انهن قوتن کي انهي سياسي جماعت جي سرپرستي به حاصل آهي، جيڪا جماعت سنڌي عوام جي خواهشن، جذبن ۽ اميدن جو مرڪز آهي، کين سنڌ جو سڄڻ سمجهي چونڊون کٽائي اقتدار جي مسند تي ويهاريو آهي. پر سندن اها روش اسان کي ڪهڙو سبق ڏئي ٿي؟ هو پنهنجن ماڻهن سان ائين زيادتيون ڪري کين بي درديءَ سان مارائي ۽ پنهنجن ڳوٺن کي لينڊ مافيا جي حوالي ڪري هو سنڌ جي سوچيندڙ ۽ ساڃاهه وند ڌرين توڙي سول سوسائٽي کي ڪهڙو پيغام ٿا ڏين ته ظلم ۽ انصاف جي وچ ۾ ۽ ڏاڍي ۽ هيڻي جي وچ ۾ ۽ پنهنجن ۽ پراون جي قطار ۾ هو ڪهڙي پاسي آهي؟

صورتحال ته اها ئي ٻڌائي پئي ته هو انهن قوتن جا ڀرجهلا آهن، جيڪي عبدالغني ميربحر جهڙن سورمن جا قاتل ۽ ويري آهن. ڇا اهڙا قدم پ پ کي رڃ ۾ رولڻ لاءِ ڪافي نه هوندو؟شهيد عبدالغني ميربحر جي پونيئرن لاءِ توڙي علائقي جي سماجي سرگرمين کي برقرار رکڻ ۽ شهيد جي ٻاريل ڏيئي جي لاٽ کي زنده رکڻ لاءِ يو اين ڊي پي / جيف سمال گرانٽس پروگرام جي نيشنل ڪوآرڊينيٽر مسعود لوهار سندس نالي سان ٽرسٽ ٺاهي سندس ڪٽنب جي 10 لکن تائين مالي سهائتا ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جيڪو جس لائق قدم آهي.

باقي اهي جن اهو ظالماڻو قدم کنيو آهي ۽ سمجهي رهيا آهن ته هاڻ هو سڪون سان سامونڊي پٽيءَ جو ساهه مٺ ۾ ڪندا ۽ تمر جا ٻيلا، ماحوليات ۽ انساني جيوَ کي پنهنجن خواهشن جو محتاج بڻائي ڇڏيندا، انهن شايد چيني ٻوليءَ جي چوڻي نه ٻڌي آهي ته “ماڻهو پنهنجي قبر پنهنجن ڏندن سان کوٽي ٿو.”

 

حميد سبزوئي

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو