Home / افيئر / !نوڪري جي آڙ ۾ نياڻين جو مستقبل داوَ تي
above article banner

!نوڪري جي آڙ ۾ نياڻين جو مستقبل داوَ تي

سنڌ سماج ۾ نياڻين جي تعليم نياڻين ۽ والدين لاءِ ڪيترائي آزمائشي مرحلا عيان ڪندي رهي آهي، سڀ جو ڄاڻي ٿو ته ساڃاهه جو اهو سفر ڪهڙي طرح ۽ ڪيئن پنهنجون منزلون طئي ڪري ٿو. جيئن تيئن ڪري هيٺئين طبقي يا مڊل ڪلاس سان تعلق رکندڙ ماڻهو جڏهن پنهنجي نياڻين کي تعليم جي زيور سان نوازڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا ته پوءِ سڀ کان اهم سوال نياڻين جي آئيندي ۽ روزگار وارو اُٿي ٿو. علم پرائڻ کانپوءِ نياڻي ۾ پنهنجي پيرن تي بيهڻ جو جذبو انهن ۾ اهو اعتماد پيدا ڪري ٿو ته اهي ڪنهن نه ڪنهن فيلڊ ۾ ڪنهن نه ڪنهن طرح سان پاڻ آزمائڻ ۽ خوداعتمادي سان زندگي جي وهنوار کي جاري رکن.

پيڙائن سان ڀرپور ڪٿا سنڌ جي شعور ۽ دنيا جي ضمير آڏو پنهنجي سمورن پهلوئن سان رپورٽ ڪجي ٿي جيڪا مهذب معاشري جي ناسورن ۽ انهن جي سماج تي پوندڙ اثرن، سماج جي سچائين ۽ سچاين جي سمورن پس منظرن تان پردا کڻي ٿي. هي ڪٿا ان شهر شڪاپور جي آهي، جيڪو تاريخ ۾ ڪيترو به تونگر رهيو هجي، پر اڄ ان جا حال هيڻا اهن، اڄ اُتي هٿيارن جو کلي عام نماءُ آهي. اڄ اهو شودن جي رحم ڪرم تي آهي. سرعام گهرن تي قبضا، ماڻهن تي حملا، اسڪول هلندي خوبصورت ڇوڪرن جا اغوا ۽ جنسي ڏاڍايون معمول ٿي ويون آهن. جيڪڏهن هر چوڪ، گهٽي ۽ رستي تي پوليس متحرڪ ۽ موجود هجي ته ڪنهن به ٻار، نياڻي کي ٽيوشن تي ويندي ۽ اسڪول ويندي ڪو به لچ لوفر تنگ نه ڪندو.

اهڙو هڪ قصو هڪ ڪهاڻي هن وقت منظر عام تي آيو آهي، جيڪو سڄي سنڌ جي گهٽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ مڪارين ۽ منافقين يا ويساگهه گهاتين جا وکا پڌرا ڪري ٿو ۽ ضمير جنجهوڙي ٿو.

شڪارپور جي هڪ رٽائرڊ بئنڪ مينيجر نجم الدين سومرو جي خاندان جو المناڪ داستان ڪو افسانو ناهي، پنهنجي طبيعت ۾ نهايت اٻوجهه ۽ سادو دل ۽ بلڊپريشر جي عارضي ۾ مبتلا هن ماڻهوءَ پنهنجي نياڻي رخشنده جي نوڪريءَ لاءِ چوپائي مال جي صوبائي وزير مير عابد حسين جي سيڪريٽري غلام حيدر بروهي کي ڪاغذ ڏنا. جنهن نوڪري ڏيارڻ جو ڏٽو ڏئي نياڻيءَ جي ورتل ڊاڪيومينٽس مان سندس ۽ پيءُ جو شناختي ڪارڊ کڻي نادرا آفيس ۾ پنهنجي دوست ذيشان معرفت رخشنده جو پنهنجي زال جي حيثيت ڄاڻايل ڪارڊ ٺهرايو، بعد ۾ قمبر ۾ هن نڪاح نامو تيار ڪرايو. جنهن ۾ هن پنهنجي حال ۽ مستقل ايڊريس قمبر جي ڄاڻائي آهي. ڪنواريتن جي طرفان شاهدن ۾ هڪ ذيشان ۽ ٻيو هڪ چنو ڄاڻايو آهي

سڀ کان اهم ۽ بنيادي سوال اهو آهي ته رخشنده جو ڪارڊ ڪيئن تبديل ٿيو؟ حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ان مشڪوڪ ڪارڊ جو حوالو ته هر ڪو ڏئي ٿو پر اهو منظر تان غائب آهي. ڪارڊ ۽ نڪاح نامي کان پوءِ هڪ ڀوتار جو مئنيجر ڌمڪيون ڏيڻ کانپوءِ هٿيارن جي زور تي چوويهه سالا رخشنده کي ڏينهن ڏٺي جو وچ شهر مان اغوا ڪري ويو، ذريعا چون ٿا ته جنهن گاڏي ۾ مغوي عورت ڪنهن نامعلوم هنڌ منتقل ٿي ان جي ڊرائيونگ ذيشان ڪري رهيو هو ۽ ذيشان تي به اهي به الزام آهن ته هو نجم الدين سومرو جي گهر تي حملي، ڦرلٽ ۽ تشدد واري واقعي ۾ ملوث رهيو آهي.

انهن الزامن جي وضاحت لاءِ جڏهن نادرا آفيس ۾ ڪم ڪندڙ ذيشان سان رابطو ڪيو وي ته هن چيو ته اسان جو ڪم ئي ڪارڊ ٺاهڻ آهي، غلام حيدر جي گهر واري جو ڪارڊ ٺهڻ ڪهڙي حيرت جي ڳالهه آهي. هو چوي ٿو ته غلام حيدر پيار جو پرڻو ڪيو مان ان جو شاهد آهيان، هن کان جڏهن پڇيو وڃي ٿو ته شادي جي تاريخ ٻڌايو ته هو پنهنجي حافظي ڪمزور هئڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. جڏهن کانئس اهو سوال ڪجي ٿو ته اهڙي پيار پرڻي بابت ڪنهن اخبار يا ٽي وي چئنل تي ڪا خبر هلي ته چوي ٿو خبر ناهي. اغوا ۽ ڦرلٽ واري واقعي ۾ پنهنجي ملوث هئڻ کي غلط خبر قرار ڏئي ٿو ۽ چوي ٿو ته غلام حيدر جي ڪهاڻي عاشق مجبور وارو داستان آهي. رڪشنده جي پيءُ نجم الدين سومرو جو چوڻ آهي ته شڪارپور ۾ ملازمت دوران غلام حيدر بروهي سان واسطيداري ٿي، سياسي شخصيت جي ويجهي هئڻ ڪري ۽ بئنڪ جي ريجنل آپريشنل مئنيجر عبدالغفور بروهي سان مائٽي جي ڪري جڏهن آءٌ جيڪب آباد ۾ هئس ته بدلي لاءِ چيو هو، هن بدلي جو واعدو ڪري واسطيداري وڌائي ۽ بعد ۾ مون کان منهنجي نياڻي جو سڱ گهريو، مون کيس ٻڌايو ته پهرين ته اسان سومرا ٻي ذات ۾ سڱ ڏيندا ناهيون ٻي ڳالهه ته منهنجي نياڻي اڳ ئي مڱيل آهي. هن جي هوڏ برقرار رهي. هن اسان جي گهر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي. ستين لکين جا سيونگ سرٽيفڪيٽ ۽ گهرو سامان کڻي ويو، مون کي ۽ منهنجي پٽ کي مارڪٽ کانپوءِ گاڏي ۾ ويهاري جتوئي هائوس تي نيو ويو، ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي ۽ چيو ته جيڪڏهن مون وٽ آيا آهيو ۽ فيصلو ڪجي ته پوءِ پوليس وٽ نه وڃجو. پوليس ڏي ويئه ته مون ۾ ڪا اميد آسرو نه سمجهجو!

نجم الدين چوي ٿو ته جتوئي ڀائرن ۾ اسان جون وڏيون اميدون هيون، انهن انصاف بدران اُداس ڪيو آهي، مون تي ۽ منهنجي اڪيلي پٽ ارسلان تي خانپور، بڊي ۽ دٻر ٿاڻن تي ڦر ۽ جهيڙي جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا ويا، جاچ دوران اهي بدنيتي تي ٻڌل ثابت ٿيا، منهنجي نياڻي ۽ ان جي مڱيندي جي قتل جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن، انتظاميا، عدالت ۽ راڄوڻا در گهمي گهمي جتيون گسائي ڇڏيون آهن. ڪٿان به انصاف نه مليو آهي. ارسلان چوي ٿو ته گهر کان ٻاهر نڪري نه ٿا سگهون، مون خوف ۽ خطري سبب انٽرميڊئيٽ جو امتحان نه ڏنو، رخشنده خود پاڻ چوي ٿي ته موت قبول آهي، پر وحشي صفت انسان ڏي نه ويندس، هو سنڌ جي شعور ۽ عالمي ضمير آڏو سوال اُٿاري ٿي ته اهو غفلت جي ننڊ مان ڪڏهن جاڳندو؟ رڪشنده عاصمه جهانگير، چيف جسٽس ۽ عورتن جي تنظيمن کان مطالبو ڪيو آهي ته ان جي مظلوميت جو ڪيس وڙهيو وڃي ته جيئن سنڌ ۾ هزارين نياڻين جو مستقبل ٽياس تي ٽنگجڻ کان بچي وڃي. رخشنده چوي ٿي ته هو سنڌي سماج ۾ هڪ مثال طور پنهنجو پاڻ کي پيش ڪري ٿي ته جيئن هن سماج ۾ گندي سوچ رکندڙن جو دڳ بند ٿي سهي.

رخشنده جي ماءُ سمال بزنس ۾ ملازم آهي، مختصر گهراڻي واري هي فيملي شڪارپور ۾ الڳ ٿلڳ پنهنجي رستي ۽ پنهنجي واٽ سان رهي ٿي. سندن ويجهي عزيز نورالدين سومرو جو چوڻ اهي ته ننڌڻڪائي ۽ لاوارثي جي ڪري هي گهراڻو نشانو بڻيو آهي، هڪ گينگ هڪ مافيا سندن ملڪيت ڦٻائڻ چاهي ٿي. هن واقعي بابت جڏهن ايس ايچ او تماچاڻي منور علي سومرو کان پڇيو ويو ته هن ٻڌايو ته نجم الدين سان هاءِ ڪورٽ ۾ اتفاقي ملاقات ۽ ڪچهري ٿي مون جڏهن نيڪ نيتي جي بنياد تي الزام هيٺ آيل ڪردار کي اطلاع ڏنو ته ان سمجهيو ته نجم الدين کي هاءِ ڪورٽ ۾ وٺي ئي مان آيو آهيان، جنهن تان غلط فهمي وڌي ۽ معاملو ڌمڪين تائين پهتو، هن چيو ته مون ڊي پي او سکر سان احوال ڪيو. ان ڊي پي او شڪارپور سان ڳالهايو ۽ وقتي طور تي ڇڪتاڻ ٺري وئي، پر اها ضمانت ڪو به نه ٿو ڏئي سگهي ته وري ڪو جهيڙو نه ٿيندو

.

ڄاڻايل مسئلي جي حل بابت 15 اپريل تي شڪارپور ۾ جرڳو رٿيو ويو هو، مير منظور خان پنهور جي سرپئنچي ۾ رٿيل جرڳو نجم الدين ۽ سندس پٽ تي ڏينهن ڏٺي جو رستم چوڪ تي ٿيل حملي سبب معطل ٿيو، هن ڇڪتاڻ ۾ شدت غلام حيدر بروهي پاران شهيد الهه بخش سومرو جي پوٽي عقيل عباس سومرو ڏانهن تڪراري ميسيج موڪلڻ تان پيدا ٿيو. ڌرين پاران هڪٻئي کي ويڙهه جي دعوت کانپوءِ سڄو شهر هٿياربند ماڻهن جي سرگرمين جو محور بڻجي ويو ۽ اهي هٿياربند اڃا تائين پنهنجي شڪار جي تاڙ ۾ شهر اندر مخلف علائقن ۽ جاين ۾ لڪا ويٺا آهن، ان ڪري ڪنهن به وقت ڪجهه به ٿي سگهڻ واري امڪان کي رد نه ٿو ڪري سگهجي، شڪارپور جون ٻهراڙيون ته قبيلائي دهشتگردي جو شڪار آهن ئي آهن، پر هاڻ لڳي ٿو ته شهرن ۾ به رت جي راند شروع ٿيڻ واري آهي، ان حوالي سان جڏهن غلام حيدر بروهي سان رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان جا موبائيل بند مليا، پر سندس چاچي عبدالنبي خان بروهي جو چوڻ آيه ته جلد ئي ٺاهه ٿي ويندو، گهٻرائڻ جي ڪا ڳالهه نه آهي. هن جهيڙي ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪندڙ جهانگير خان ڪاڪيپوٽو چوي ٿو ته مان ڪنهن به ڌر جو نه مخالف آهيان ۽ نه حامي، نه ئي ڪنهن به ڳالهه جي تصديق يا ترديد ڪندس. امن جي حوالي سان جيڪو ٿورو يا گهڻو ڪردار ادا ڪري سگهيس، اهو ضرور ادا ڪبو.

گذريل ويهن پنجويهن سالن کان ست هزار جرڳا ڪندڙ ايڊوڪيٽ ثناءُ الله دراني کان جڏهن سندس پاڙيسري نجم الدين سومرو واري معاملي تي رابطو ڪيو ويو ته هن جو چوڻ هو ته نجم الدين جي نياڻي ڪنهن به صورت ۾ غلام حيدر کي نه ته مڙس ٿي مڃي نه ئي ان ڏانهن وڃڻ چاهي ٿي، هن اهو به انڪشاف ڪيو ته ڇوڪري ٻه ٽي ڀيرا خودڪشي جي ڪوشش به ڪئي آهي، اسان سندن هر طرح جي مدد ڪئي آهي ۽ ڪندا پيا اچون، شهيد الهه بخش سومري جي پوٽي ۽ ليکڪ ۽ مترجم عقيل عباس چوي ٿو ته هي مسئلو هڪ نياڻي جو نه پر پوري قوم جي سمورين نياڻين جو مسئلو آهي. اها نياڻي صرف سومرن نه پر سڄي قوم ۽ شهر جي لڄ آهي. شڪارپور ۾ ڪافي عرصي کان بدمعاشن ۽ ڀته خورن ماڻهن جون سرگرميون سامهون آيون آهن، جن جي منهن ٽوڙ جواب جي حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي. اڄ کان پو3 ڪو به لوفر ڪنهن شريف ماڻهوءَ کي تنگ ڪندو يا ڪنهن نياڻي نماڻي ڏانهن ميري اک کڻندو ته ان جو انجام برو ٿيندو.

هن وڌيڪ چيو ته هي معاملو سنڌ سطح ۽ ملڪي سطح جو آهي، ان تي عالمي فورمن تي به آواز اٿاربو. هن چيو ته عاصمه جهانگير سميت عورت تنظيمن جي اڳواڻن سان رابطي ۾ آهيون، جڏهن دنيا جهان جون عورتون شڪارپور جي عورتن لاءِ ڏڍ ۽ طاقت بڻيون ته گهڻا ئي ڪوٽ ڪري پوندا.

ڊي پي او شڪارپور جنيد احمد شيخ سان “افيئر” طرفان رابطو ڪيو ويو تڏهن هن جو چوڻ هو ته ضروري قدم کنيا ويا اهن ۽ ٿيندڙ سموري چرپر تي نگاهه آهي. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته هٿيارن جي نماءُ واري اطلاع جو سختي سان نوٽيس ورتو آهي، نه رڳو نوٽيس پر ڪارووائي به ڪئي آهي.

صوبائي وزير مير عابد حسين جتوئي چيو ته ڌرين ۾ صلح لاءِ ڪوششون ڪيون آهن، جلد اميد افزا نتيجا به ايندا. اهو تاثر غلط آهي ته اسان ڪنهن ڌر جي مدد ۽ ڪنهن ڌر سان ناانصافي ڪريون ٿا. شڪارپور ۾ ڀوتارن جي بنگلن سان لاڳاپيل ڪيترن ئي تڪراري ماڻهن جون مشڪوڪ سرگرميون انهن بنگلن ۽ ڀوتارن لاءِ خواري جو سبب بڻجن ٿيون. ڀوتارن جي شعوري يا لاشعوري مدد جي پڪ انهن ماڻهن جو من وڌائي ٿي ڇڏي ۽ اهي جائز ۽ ناجائز جي وچ واري وٿي وساري گهڻو ڪجهه ڪري وڃن ٿا.

ڀوتار ۽ سياستدان جيڪڏهن ان طرف ٿورو ڌيان ڏين ته عوام جي گهڻي ۽ وڏي آزار مان جان آجي ٿي ويندي، پر ڇا ٿا سمجهو اهو ايترو آسان ڪم آهي؟ ڪيترن بنگلن جي ڪاٽڪوئن جي ڪرپشن ۽ بدعنوانين سبب سندن ڪن مهٽ ٿي آهي؟ ڪيرا لاٺڙيا بنگلن جي لاتعلقي واري روش مان لانگهائو ٿيا آهن؟ حيرت جي ڳالهه اها آهي ته اسان وٽ جيڪو جيترو جڳاڙ ڄاڻي ٿو اهو اوترو معتبر ڏٺو ويو آهي. اهڙي ماحول ۾ ڪنهن مان ڪهڙي بهتري جي اميد رکجي؟ حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته رخشنده واري معاملي تي ڪنهن به سياسي، سماجي، مذهبي ۽ عورت تنظيم جو ڪو به ردعمل سيامهون نه آيو آهي نه ئي ڪهن صحافي شهر ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال تي قلم کنيو آهي. اسان پنهنجي اجتماعي مسئلن ۽ شهر کان جيڪڏهن ائين لاتعلق رهياسون ته ان جو نتيجو ڪهڙو نڪرندو؟ هن مسئلي ۾ قصوروار ڪهڙي به ڌر هجي اها پنهنجي سزا ۽ جزا واري انجام تي پهچن گهرجي. ڇو ته ان طرح سان مستقبل ۾ ايندڙ امڪاني ان قسم جي واقعن کان بچي سگهجي ٿو ۽ اهو بچاءُ اسان کي خود پاڻ ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن ان معاملي تي اڄ سنجيده سوچ ويچار نه ٿي ته پوءِ سڀاڻي غور فڪر جو وقت ئي نه ملندو، اسان کي گرلس هاءِ اسڪول کان ڪاليج ۽ يونيورسٽي سطح تائين پنهنجي نياڻين لاءِ سازگار ماحول ۽ فضا خود پاڻ کي ٺاهڻي ۽ جوڙڻي پوندي، ان ئي طريقي سان ان جو تحفط ٿي سگهي ٿو. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته هتي جنهن مظلوم ڇوڪريءَ جو قصو بيان ڪيو ويو آهي، اها هڪ ڀيري جتوئي ڀائرن جي طرفان اليڪشن ۾ پولنگ ايجنٽ طور به ويٺي هئي ۽ هي ڪارنامو به جتوئين جي ماڻهوءَ جو آهي ته ڇا سمجهجي؟

 

نسيم بخاري

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو