Home / سياسي افيئر / نواز شريف: قومپرست ۽ پاور پاليٽڪس
above article banner

نواز شريف: قومپرست ۽ پاور پاليٽڪس

مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ميان محمد نواز شريف جي سنڌ جي دوري بابت پوري ملڪ اندر وڏا بحث ڇڙي پيا. خاص طور تي سندس سنڌ جي قومپرست جماعتن جي اڳواڻن سان ملاقاتون ۽ ٻين ڌرين يعني قومپرست توڙي نواز ليگ اڳواڻن پاران ڏنل بيانن تي وڏو ممڻ متو آهي.

ان دوري جي ردعمل ۾ ظاهر ٿيل سياسي صورتحال مان هيٺيان نُڪتا اهميت رکن ٿا.

سڀ کان پهرين اهو ڏسجي ته نواز شريف جي دوري ۾ اهڙي ڪهڙي چمڪ هئي جنهن جي ڪري قومپرستن ۾ ڏار پئجي ويا ۽ معاملا تلخين ڏانهن وڌيا. سڀ کان گهڻو ردعمل سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مانجهاندي تي ٿيو آهي. تازو گهر شماريءَ جي معاملي تي سنڌين جي تاريخي ٻڌي ۽ قومپرست ڌرين جي اتحاد ڪري سنڌ پاڻ ملهايو ۽ گهر شماري کي رد ڪرڻ واري هڙتال جي سڏ کي جيئن سموري سنڌ جي شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ موٽ ڏني، تنهن هڪ دفعو ٻيهر اهو تاثر مضبوط ڪيو ته جيڪڏهن قومپرست سنجيدگيءَ سان گڏجڻ جي ڪوشش ڪن ته سنڌ اندر سياسي طاقت جي توازن ۾ تبديلي اچي سگهي ٿي.

وري جڏهن کان سنڌ پيپلز نيشنل الائنس (سپنا) جي قيادت اهو تاثر ڏنو ته هو ايندڙ عام چونڊن ۾ اتحادي پارٽين سان گڏ چونڊون وڙهندا ته ان تي به سنڌ اندر اها راءِ جڙي ته سنڌين جوگهڻو تڻو ووٽ يا پيپلز پارٽي ڏانهن وڃي ٿو يا وري ويڪائو وڏيرن ۽ فنڪشنل ليگ، راڄوڻي ۽ عوامي اتحاد، ق ليگ وغيره جهڙن مضبوط سياسي گروپن ڏانهن وڃي ٿو، جيڪڏهن قومپرست نج پج سنڌ جي ايجندا تي اليڪٽورل پاليٽڪس جي لوازمات کي سنجيدگيءَ سان سمجهندي اڳيان اچن ٿا ته ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن حد تائين اها نئين ڌر ووٽ واري سياست جي اسٽيٽس ڪو کي ٽوڙي ڇڏي.

ان ڏس ۾ اسين به چونڊن جي ايندڙ وايومنڊل ۾ معرڪو مچائڻ لاءِ تيار قومپرست دوستن کي چوندا اچون ٿا ته هو جن تڪن مان سنجيدگيءَ سان چونڊ وڙهڻ گهرن ٿا، انهن جو ڳوڙهو اڀياس ڪن. انهن ترن ۽ تڪن جي سماجي، راڄوڻي ۽ سياسي جوڙجڪ سمجهن. 1985ع کان 2008ع جي عام چونڊن تائين انهن تڪن ۾ پيل ووٽ ٽرينڊز جو جائزو وٺن ۽ سائنسي بنيادن تي تياريون ڪن. قومپرست چونڊن ۾ سنجيده آهن به يا نه، اهو بحث اڃا هلندڙ هو ته نواز شريف جي دوري ان اتحاد ۾ ڏار وجهي ڇڏيا.ان دوري جو سڄڻن توڙي دشمنن ڀرپور ميڊيا ٽرائيل ڪيو ۽ انتهائي غيرمناسب، غيرحقيقت پسنداڻو ۽ غيرسياسي رويو اختيار ڪيو. پريس ذريي تاثر اهو مليو ته وڏا ڪجهه نظرياتي معاملا هيا، جن جي ڪري اتحاد ۾ ڏار پيا، جڏهن ته صورتحال ان جي ابتڙ هئي.

اها تاريخي سياسي بي ايماني ٿيندي جو هن معاملي جو بي رحم تنقيدي جائزو نه ورتو وڃي. اڄ نه رڳو نواز شريف آيو، سڀاڻي جيڪڏهن پيپلز پارٽي جهڙي ڪرشماتي جماعت رڳو سيٽ ايڊجسٽمينٽ جي ڳالهه ڪئي ته سنڌ وطن ۽ وسيلن جي مالڪي جي دعويدار قومپرست اتحاد جو آئيندو ڇا ٿيندو؟

نواز شريف جي دوري بابت سڀ کان پهرين ردعمل سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه ۽ ان جي جماعت ۾ ضم ٿيل سيو سنڌ موومينٽ جي اڳواڻ سيد شاهه محمد شاه جو آيو، جن نواز شريف سان ملاقات کي سٺو قرار نه ڏنو. جيتوڻيڪ ٻي ڏينهن ان جي ترديد توڙي تصديق جا سلسلا جاري رهيا، پر ان ردعمل ثابت ڪيو ته سنڌ جي قومپرست جماعتن جا ڪيترا ڌڙا اڃا سنجيده سياست کان پاسيرا آهن ۽ سنڌ جي ايجنڊا بدران فوٽوسيشن کي وڌيڪ ترجيح ڏين ٿا.

نواز شريف جي دوري کان ڪجهه ڏينهن اڳ شهباز شريف سنڌ اندر نئين صوبي جي ڳالهه ڪئي ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ سائين جلال شاهه ۽ شاهه محمد شاهه نواز شريف جي ساٿين ذوالفقار کوسي ۽ ٻين کي ڀاڪر پائي رهيا هئا. ساڳي نواز شريف جي حڪومت ۽ سياسي پارٽي ۾ ڏهاڪو کن سال گذاريندڙ شاهه محمد شاهه لاءِ اها جماعت سنڌ دشمن ڪيئن بڻجي وئي؟

هوڏانهن هڪ رات اڳ پروگرام جي تبديليءَ جو ٻڌي سنڌي چئنلز تي نواز شريف جي سياست تي ڇوهه ڇنڊيندڙ عوامي تحريڪ جي قيادت به ٿورڙو جائزو وٺي ته سندن در تي نواز شريف جي موجودگي ڪو به وڏو سياسي بحث ڇو نه ڇيڙي سگهي.

ان جو سبب اهو هو ته ٻئي ڏينهن عمران خان جي جلسي ۾ وفد موڪليندڙ عوامي تحريڪ نه رڳو نظرياتي مونجهارن جو شڪار آهي، پر قيادت جي بحران جو به شڪار آهي. هنن کي نئين سياس صف بندين ۾ واضح ٿي اڳيان اچڻو پوندو. اياز لطيف پليجي کي سنجيدگيءَ سان جائزو وٺڻو پوندو ته ڇو سندس سياسي سرگرمين جو اهو اثر يا راءِ عامه نه پئي جڙي جنهن جو تازو مثال نواز شريف جو دورو هو. جنهن جي حوالي سان مون پنهنجي تازي لاهور ۽ اسلام آباد جي دورن دوران ڪٿي به تذڪرو نه ٻڌو. هن هڪ دوري جتي دوستن ۽ اتحادين ۾ ويڇا وڌايا آهن. اهي ٻڌائين ٿا ته پاور پاليٽيڪس جي ڌرين سان معاملا ٺاهڻ ايترا سولا ناهن. نواز شريف جي تازي دوري کان پوءِ قومپرست لڏي کي هيٺيان فائدا پهتا آهن، جن کي سياسي ڏاهپ ۽ نظرياتي چٽائي سان وڌائي سگهجي ٿو.

· نواز شريف، جنرل پرويز مشرف سان جهيڙي کانپوءِ جيئن جلاوطني ۾ ويو ته سندس سياست ۽ تنظيم جو سنڌ مان اثر تقريبن ختم ٿي ويو هو. سندس ساٿي رهندڙ سمورا وڏيرا، مسلم ليگ ق ۾ هليا ويا يا آزاد ٿي ويا ته جلاوطني جي خاتمي کانپوءِ سندس پهريون دورو ئي قومپرستن سان ملاقاتون هيون، جنهن جي ڪري جن قومپرستن به ساڻس ملاقاتون ڪيون انهن بابت بحث قومي سطح جو ٿي ويو.

· ڪراچي، لاهور، اسلام آباد ۾ هڪ وڏي جمپ سان بحث مباحثي ۾ قومپرست سياست، پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (نواز) جي برابر اچي بيٺي.

· پيپلز پارٽي جيڪا سنڌ کي مال غنيمت، ابن ڏاڏن جي ورثي ۾ مليل پوک سمجهي لڻي ٿي، ان کي به سنيجده نياپو ويو ته کين ڏکيو وقت ڏبو ۽ چونڊون قومپرستن کٽي نه سگهيا ته گهٽ ۾ گهٽ پيپلز پارٽي جو ميدان گهٽائيندا.

· اهو ئي سبب هو جو پيپلز پارٽي تمام گهڻو اوور ري ايڪشن ڏيکاريو. خدا جا شان آهن جو شرجيل ميمڻ کان وٺي محبوب ابڙي تائين جو انهن قومپرستن ي پئي للڪاريو، پر سندن ٽارگيٽ ڊاڪٽر قادر مگسي هو.مون کي پيپلن جا بيان پڙهي حيرت پئي ٿي ته ڪالهه بلاول، بختاور ۽ حسن نواز ۽ حسين نواز واري ٽهي کي هڪ ڪرڻ ۽ نسلن تائين سياسي ۽ سماجي ناتا نڀائڻ جي دعويدار آصف علي زرداري جي پارٽي اڄ ان نواز شريف کي سنڌ دشمن ۽ ڪالاباغ ڊيم جو حامي سڏي رهي هئي. جنهن جي پارٽي ڌڪا ڏئي پيپلز پارٽي کي پنجاب حڪومت مان ٻاهر ڪڍيو ۽ مرڪز ۾ به اقتدار پنهنجي مرضيءَ سان ڇڏيو. پپيلز پارٽي آخري گهڙي تائين نواز شريف کي منٿون ڪندي رهي ته هو پنجاب ۽ مرڪز ۾ اقتدار ۾ شريڪ رهي ۽ رکي.

اڄ انهيءَ پارٽي جي ڪارڪنن پاران نواز شريف بابت اجائي هاءِ گهوڙا ثابت ڪري ٿي ته هيڏن وڏن معاملن کانپوءِ به الزام بازي واري روايتي سياست اڃا پيڇو نه ڇڏيندي.

ساڳي پارٽي ايم ڪيو ايم ۽ ق ليگ کي اقتدار ۾ ساڻ ڪري بينظير ڀٽو شهيد جي روح کي ايذاءَ پهچائڻ واريون غيرسياسي حرڪتون ڪندي. ڪرپشن، ڦرلٽ، اقرباپروري، بدترين طرز حڪمراني جو عظيم الشان مظاهرو ڪندي وري ٻين کي سنڌ دشمن قرار ڏئي رهي آهي. اهو لطيفو به ماڻهو آيو ويو ڪري ڇڏي.

قومپرست ڌريون جيڪي چونڊن جي سياست ۾ سنجيده آهن، اهي گڏجي نواز شريف کي گهٽ ۾ گهٽ سنڌ ۾ اهڙي ريت نيوٽرل رکي سگهن ٿيون، جو هو جيڪڏهن قومپرستن بدران ڪنهن ٻي ڌر سان چونڊ اتحاد ۾ وڃي ته به هو ايم ڪيو ايم کان پري رهي، اهو نياپو نواز شريف کي حيدرآباد ۾ واضح انداز ۾ مليو اهو هڪ اهم نڪتو هو. گهٽ ۾ گهٽ سنڌ ڄام صادق علي، ارباب غلام رحيم ۽ لياقت جتوئي جهڙن کان بچي سگهي ٿي.

سنڌي پريس سنڌ جي اطلاعات کاتي جي نئين وزير جي ونگار وهي وئي ۽ نواز شريف جو ٽرائل بند نه ٿيو. نواز شريف صوبن جي ايئن ئي ڳالهه ڪئي جيئن زرداري ۽ گيلاني سرائيڪي صوبي جي ڳالهه ڪندي فخر محسوس ڪن ٿا ته ان معاملي تي ايترو ڪجهه منجهائڻ جي ڪهڙي ايجنڊا آهي. پيپلز پارٽي ۽ سنڌي ڪالم نگارن اهو جيڪو ڪيس نواز شريف تي ٺاهيو سو پيپلز پارٽي تي به ٺهڻ گهرجي، جنهن نون صوبن جي وڏي ۾ وڏي طرفدار ۽ ڪالاباغ ڊيم جي حامي ق ليگ کي ڪڇ ۾ ويهاريو آهي. نواز شريف سان مختصر ڪچهري ۽ سندس تقريرن مان صاف ظاهر هو ته اهو وڏي وقفي کانپوءِ سنڌ آيو آهي تنهن ڪري سنڌ جا ڪيترائي معاملا کيس اڃا سمجهڻا پوندا. سندس تنطيم ۾ رڳو ڪراچي جا سيٽلر شهري بابو يا غوث علي شاهه ۽ ممنون حسين جهڙا جهونا آهن. اڃا پاپولر ۽ عوامي تحريڪ وارو ڪو سرگرم اڳواڻ نظر نٿو اچي. جنهن جو قدڪاٺ وڏو هجي، گڏوگڏ سنڌ ۾ ماڻهن کي موبلائيز ڪري سگهي ۽ اهو طلا نواز شريف کي عين چونڊن ۾ نقصان ڏئي سگهي ٿو.

عام طور تي پيپلز پارٽي جي مقابلي ۽ مخالفت ۾ ميدان ۾ لهندڙ وڏيرا 88ع کان وٺي 2002ع تائين نواز شريف سان سياسي ٺاهه کي اهم سمجهندا هئا، پر 2008ع کان پوءِ ق ليگ جي گهڙن ۽ هاڻ اقتدار ۾ حصيدار هجڻ ڪري اهو وڏيرو به ق ليگ سان چنبڙيل رهندو. اسٽيبلشمينٽ فنڪشنل ليگ جو به سياسي اثر وڌائڻ جي ڪوششن ڪري رهي آهي. ماڻهو ان ڏانهن به ويندا. تنهن ڪري سنڌ سياسي ڌرين لاءِ ايتري سولي ناهي. پيپلز پارٽي 2008ع جي چونڊن، محترمه جي شهادت واري عظيم سانحي کان پوءِ به رڳو 9 سيٽن تي اقتدار بچايو.

اهڙي صورتحال ۾ قومپرست جيڪڏهن چونڊن لاءِ سنجيده آهن ته کين واضح حڪمت عملين کي توڙي نظرياتي بنياد تي ماڻهن کي ايڊريس ڪرڻو پوندو.

هن وقت قومپرست نقطئه نظر کي جيئن محسوس ڪيو وڃي ٿو، اهو انهن ڌرين جو سنڌ بابت واضح موقف آهي. پر اها حمايت ووٽ ۾ تبديل ٿئي ان لاءِ وڏا ڪشالا ڪاٽڻا پوندا. پاپولر مزاج کي پنهنجي حق ۾ ڪرڻ لاءِ سنڌ جي اشوز کي حڪومت ۽ اقتدار سان جوڙڻو پوندو.

سياست بلئڪ اينڊ وهائٽ جو نالو آهي. سياست ۾ ڪيترائي ڳڻپ کان ٻاهر “گري ايريا” هوندا آهن. ننڍو دشمن وڏو دشمن هوندو آهي. ننڍي ۽ ڊگهي مدي وارا اتحاد ۽ اتحادي هوندا آهن. نه مستقل دشمن هوندا آهن نه مستقل دوست. جهيڙا به هوندا آهن ته ٺاهه به.

ان تناظر ۾ ڏسبو ته نواز شريف جو هي دورو سنڌ لاءِ مفيد هو جو هو ايم ڪيو ايم بدران سنڌين جي ڪئمپ ۾ اچي ويٺو ۽ اقتداري ۽ چونڊن جي سياست ۾ يقين رکندڙ قومپرستن کي هڪ موقعو ڏئي ويو آهي ته هو “پاور پاليٽيڪس” کي وڌيڪ سمجهن.

 

ذوالفقار هاليپوٽو

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو