Home / ڪرنٽ افيئر / !پي اين ايس مهراڻ حملو: پس پرده ڪهاڻي
above article banner

!پي اين ايس مهراڻ حملو: پس پرده ڪهاڻي

ان رات نيٽي جيٽي پل تي نيٽو جي سپلاءِ لائين بدران لوڪل بسن جو گس بند ڪندڙ تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان پنهنجي ڊگهي ۽ بيڪ گرائونڊ ميوزڪ سان ڀرپور جذباتي تقرير ۾ عسڪري قيادت کي مخاطب ٿيڻ شروع ئي ڪيو هو ته اوچتو ڌرڻي واري جاءِ تان گهڻن ماڻهن ٽڙڻ پکڙڻ شروع ڪيو هو ۽ ڪنٽينر تي ٺاهيل خوبصورت اسٽيج تان رضارڪارن ٽپا ڏيئي هيٺ اچي سيڪيورٽي انتظامن سنڀالڻ سان گڏ اسٽِيج کي چئني پاسن کان ڪڙو چاڙهي ڇڏيو هو، توڙي جو 22 مئي جي رات جلسي جي آخري ڌمال تي ايترا ماڻهو نه هيا، جيتري پوليس جي نفري بيٺل هئي، جيڪي شهر ۾ ڌماڪي جي اطلاع جي ڪري خوف مان ٻاهر وڃي رهيا هيا. ان وقت جي شروعاتي اطلاعن ۽ افواهن موجب رات جي اونداهي ۾ 10 کان 15 دهشتگردن پاڪستان نيوي جي هيڊڪوارٽر کي نشانو بڻايو، جيڪي پاڻ سان گڏ ٻه ڏاڪڻيون ڪلهن تي کڻي پاڪ نيوي جي چوديواري تائين پهتا، جتي انهن ڏاڪڻيون رکي لوهي تارن کي ڪٽر سان ڪٽي وري ٻئي پاسي لهڻ لاءِ ٻي ڏاڪڻ رکي اندر داخل ٿيا. جنهن جاءِ تان هو پاڪستان نيوي ۽ ايئرفورس جي حدن ۾ داخل ٿيا ان جاءِ تان ڪجهه پرڀرو هڪ چوڪي به قائم آهي پر ان چوڪي تي ويٺل جوانن جي دهشتگردن تي ڪا نظر نه پئي ۽ اهڙي ريت هڪ ٻي چوڪي ڪجهه وکن تي اڳيان قائم آهي پر اهي به خاموش رهيا، هڪ هفتي جي جاچ کان پوءِ جيڪي انڪشاف سامهون اچي رهيا آهن تن موجب 10 کان 15 نه پر صرف 4 دهشتگرد هيا جن مان ٻن جون عمريون 18 کان 22 سال ۽ انهن جي سربراهي ڪندڙ جي عمر 25 سال کن هئي اهي سڀ پاڪستان نيوي جي ڏاکڻي پاسي برساتي نالي کي ان جاءِ تان پار ڪري گيٽ نمبر 11 تي پهتا هيا، جتان هو چڪوري برساتن ۾ نالي کي پار ڪرڻ لاءِ رستو به فورس وارن پاڻ ٺاهيو هو ۽ ان رات چانڊوڪي رات هئي. جڏهن دهشتگرد برساتي نالي ذريعي گيٽ نمبر 11 جي ديوار جي ڀرسان پهتا ته انهن اتي هڪ ڏاڪڻ رکي ان تي چڙهي پهرين خاردار تار کي ڪٽيو جنهن کان پوءِ هو اندر داخل ٿيا، فيصل ايئر بيس جي حدن جي نگراني جو ڪم پاڪ نيوي جو نه پر ايئر فورس جو هو جنهن جون مختلف ڪنڊن تي چوڪيون به قائم ڪيل آهن پر ان وقت دهشتگردن کي چپي چپي جي پوري ڄاڻ هئي ته ڪهڙا پيچرا پار ڪرائي سگهن ٿا، جاچ ڪندڙ ادان جي رپورٽ موجب چئن دهشتگردن وٽ هڪ واڪي ٽاڪي هئي ۽ اهي 10 لڳي 30 منٽن تي ائير فورس جي حدن ۾ داخل ٿيا جتان انهن کي ڪنهن به قسم جي مزاحمت جو منهن ڏسڻو نه پيو ۽ هو آرام سان اندر داخل ٿيا، چئني دهشتگردن وٽ شولڊر بيگ به هيا، ٻن وٽ راڪيٽ لانچر ۽ ان جا 8 گولا هيا، 4 ڪلاشنڪوف ۽ شولڊر بيگز ۾ روسي هينڊ گرنيڊ ڀريل هيا. جڏهن ته دهشتگردن جي سربراهه وٽ هڪ واڪي ٽاڪي هئي جنهن جي وڌ ۾ وڌ رينج 20 ڪلوميٽر ٻڌائي وڃي ٿي پر ان وقت هو 10 ڪلوميٽرن جي اندر اندر ڪنهن سان رابطي ۾ هو ، جڏهن ته 10 لڳي 30 منٽن تي حملو ڪندڙ ايئرفورس جي حدن ۾ داخل ٿيا ته انهن پي اين ايس مهراڻ (نيوي جي حدن تائين) تائين ) تائين پهچڻ لاءِ ڏيڍ ڪلوميٽر جو پنڌ 10 منٽن ۾ طئه ڪيو پر ان دوران واٽ ۾ تن کي ڪنهن جوان نه روڪيو نه ئي ڪا ويڙهه جي شروعات ٿي تنهن ڪري هو ويڙهاڪ پنهنجي هدف تائين سولائي سان وڃي رسيا. جڏهن هو چار ئي ويڙهاڪ پنهنجي هدف جي ويجهو وڃي پهتا ته اتي هو ٻن حصن ۾ ورهائجي ويا، جن مان ٻڻ ڄڻن راڪيٽ لانچر ۽ ڪلاشنڪوف کڻي ان پاسي وڌيا جتي آمريڪا مان مليل جديد 3 پي سي ٿري اورين ترين جهاز بيٺل هيا ۽ باقي ٻه ڄڻا ان طرف وڌيا جتي چائنيز ۽ آمريڪي انجنيئر ترسيل هيا. ذريعن چواڻي ته ويڙهاڪن کي هر شيءِ جي مڪمل خبر هئي ائين ٿو لڳي هو نقشي جي مدد بدران اڳم هن علائقي جو اندروني معائنو ڪري چڪا هجن تنهن ڪري انهن کي هر ڪنڊ پاسي جي چڱي ريت ڄاڻ هئي نه ته صرف نقشي جي مدد سان اندر اچي اهڙي ڪارروائي ڪرڻ ممڪن نه ٿي لڳي!! هو ايترا ته واقفڪار هيا جو انهن کي اها به خبر هئي ته آمريڪي ڪهڙي پاسي آهن ۽ چائنيز ڪهڙي پاسي؟ پر هو صرف چائينز کي ٽارگيٽ ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا هيا. جنهن وقت ويڙهاڪ ٻن ٽولين ۾ ورهائجي چڪا هيا ۽ انهن مان پهرين گروپ آمريڪا کان تحفي ۾ مليل ٽن جديد جهازن کي نشانو بڻائڻ لاءِ پهريون راڪيٽ فائر ڪيو ته گهر ڌڻين کي به خبر پئي ته ڪجهه ٿيو آهي ان کانپوءِ جوان حرڪت ۾ آيا. راڪيٽ لانچر لڳڻ جي ڪري پي ٿري سي اورين جهازن ۾ باهه ڀڙڪا کائڻ شروع ڪيا ته نيوي جي باهه وسائڻ وارا همراهه به پنهنجي ڊيوٽين تي پهچي ويا انهن ڇتي فائرنگ ۽ ويڙهه ۾ باهه وسائڻ جو ڪم شروع ڪيو ته حملو ڪندڙ انهن کي سولائي سان فائرنگ ڪري نشانو بڻايو ڇو ته باهه جي شعلن ۾ اهي صاف نظر اچي رهيا تنهن ڪري حملو ڪندڙ تن کي نشانو بڻائي ڪيرائي رهيا هيا، نيول چيف ايڊمرل نعمان بشير چواڻي ته حملو ڪندڙ تربيت يافته ۽ تمام تيز نشاني باز هيا، تنهن ڪري انهن جا 10 جوان مارجي ويا، رياستي سربراهه جهڙي سيڪيورٽي رکندڙ پاڪ نيوي جي سربراهه پنهنجي پريس بريفنگ ۾ دعويٰ ڪري رهيو هو ته پاڪ نيوي حملي جي ٽن منٽن اندر اندر پنهنجي ڪارروائي جي شروعات ڪئي جيڪڏهن ايڊمرل صاحب جي ڳالهه صحيح آهي ته پوءِ ديوار ٽپڻ کان وٺي 10 منٽن تي ڏيڍ ڪلوميٽر تائين رن تي پنڌ ڪري 10 لڳي 40 منٽن تي جهازن وراي جاءِ تي پهچڻ واري وقت کي ڪهڙي ٽوڪري ۾ رکجي؟ ڇو ته هو سيڪيورٽي ليپس واري ڳالهه کي به تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي!!!

جنهن وقت چار دهشتگرد هڪ پاسي جهازن کي تباهه ڪري رهيا هيا ته ٻئي پاسي ٻه ويڙهاڪ واري پرڏيهي انجنيئرن جي پويان لڳل هيا ان دوران اطلاعن موجب پاڪ نيوي جي عملدارن تڪڙي ڪارروائي ڪندي 2 بلٽ پروف گاڏيون گهرايون جن مان هڪ ۾ آمريڪين کي ويهاريو ويو ۽ ٻئي ۾ چائنيز کي، پر جڏهن اهي گاڏيون جيئن ٻاهر نڪتيون ته دهشتگردن کي اها به خبر هئي ته ڪهڙي گاڏي ۾ چائينز موجود آهن تنهن ڪري انهن ان کي ٽن پاسن کان نشانو بڻايو، ذريعن جي دعويٰ موجب آمريڪي انجنيئرن واري گاڏي انهن کي بنا ڪنهن روڪ جي کڻي آمريڪي قونصليٽ طرف هلي وئي،پر چائينز جي گاڏي تي ايتري ته شديد فائرنگ ڪئي وئي جو ان جا نشان گاڏي تي موجود آهن پر بلٽ پروف هئڻ جي ڪري سڀ جا سڀ چائينز انجنئير بچي ويا جيڪي چائينا کان پاڪ نيوي کي مليل هيلي ڪاپٽرز جي حوالي سان تربيت ڏيڻ لاءِ موجود هيا. جڏهن چائنيز کي نشانوبڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ان دوران ئي ويڙهاڪن ۽ نيوي اهلڪارن وچ ۾ شديد ويڙهه ٿئي جنهن ڪري ويڙهاڪن وڃي هڪ عمارت ۾ پناهه ورتي ۽ اتان هو هڪ فائر ڪري رهيا ته جواب ۾ پورو برسٽ فائر ٿي رهيو هو، ڇو ته هو ٻه آمريڪي جهاز مڪمل ۽ هڪ کي اڌو اڌ نقصان ڏئي چڪا هيا، اهو ٽيون جهاز به ڄڻ ته پاڪ نيوي جي استعمال ۾ نه رهيو آهي. ويڙهاڪن پنهنجو ڪم پورو ڪرڻ کان پوِءِ سر جو سانگو لاهي مقابلي جي لاءِ هڪ بلڊنگ ۾ وڃي پناهه ورتي ته اتي سيڪيورٽي وارن کين گهيري ورتو، ان دوران پاڪ فوج ۽ رينجرز به پهچي وئي، جن سڄي رات ويڙهاڪن کي هڪ ئي هنڌ سوڙهو ڪيو، سيڪيورٽِي عملدارن موجب ويڙهاڪن سان ويڙهه 16 ڪلاڪن تائين ان ڪري جاري رهي جو سيڪيورٽي فورسز رات جو ويڙهه ڪري ڪنهن به وڌيڪ نقصان کان بچڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي تنهن ڪري ڏينهن ٿيڻ جو انتظار ڪيو ويو ۽ پوءِ صبح سان وري سخت ويڙهه شروع ٿي ان دوران دهشتگرد پنهنجا راڪيٽ لانچر فائر ڪري چڪاهيا انهن وٽ مرڻ کانسواءِ ٻي ڪا واهه هئي ئي ڪا نه، نتيجي ۾ انهن ويڙهه کي جاري رکيو، ويڙهه جي ڪوريج ڪندڙ صحافي رياض ساگر موجب “ جڏهن صبح ٿيو ۽ ويڙهاڪن سان وِيڙهه جي وري شروعات ٿي ته ان دوران حملو ڪندڙ گروپ جي سربراهه پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو جنهن ۾ ان جو ساٿي به مارجي ويو ۽ پوري بلڊنگ تباهه ٿي وئي، باقي ٻه ڄڻا گوليون لڳڻ جي ڪري مارجي ويا”. آئون چوان ٿو ته چار دهشتگرد هيا پنجون ڪو به نه هو ۽ هاڻي اها ڳالهه اختياريون به قبول پيون ڪن ته صرف چار دهشتگرد هيا جيڪي مارجي ويا”، ڪيئي سالن کان سيڪيورٽي فورسز جي ڪوريج ڪندڙ سينيئر صحافي رياض ساگر ٻڌايو ، جنهن پنهنجي پهرين رپورٽ ۾ واڪي ٽاڪي استعمال ٿيڻ ۽ ويڙهاڪن کي اندروني مدد ملڻ جو انڪشاف ڪيو جيڪو بعد ۾ صحيح ثابت ٿيو جنهن ڪري اداري کيس انعام سان به نوازيو، جنهن موجب حملو ڪندڙ دهشتگرد نه پاڪستاني آهن نه ئي افغاني، سڀ جا سڀ پرڏيهي آهن جن جي ڊي اين اي رپورٽ اچڻ کانپوءِ ڪجهه پتو پئجي سگهي ٿو، ذريعن موجب پاڪ نيوي دهشتگردن جي لاءِ سافٽ ٽارگيٽ آهي تنهن ڪري هو جڏهن پي اين ايس مهراڻ جي ڏيڍ ڪلوميٽر جي ڊگهو رستو پار ڪري پاڪ نيوي جي جهازن تائين پهتا ته رستي ۾ انهن ائيرفورس جي ڪنهن به جهاز کي نه ڪو نقصان پهچايو نه ئي انهن تي ڪو حملو ڪيو، ان مان لڳي ٿو 35 هزار جي فورس رکندڙ پاڪ نيوي ئي انهن جو پهريون ۽ آخري هدف هئي جنهن جي 35 هزار فورس مان 2 هزار جي لڳ ڀڳ ميرينز آهن، جڏهن کان عالمي سامونڊي سرحد جي نگراني پاڪ نيوي جي حوالي ٿي هئي تڏهن آمريڪا پاران 3 پي ٿري سي اورين جهاز پاڪ نيوي حوالي ڪيا ويا هيا، جيڪي مشرف جي دور ۾ دهشتگردي خلاف جنگ جي نالي تي 2006 ڌاري آمريڪا کان استعمال ٿيل 8 جهاز حاصل ڪرڻ جو معاهدوڪيو ويو هو، ان جي پهرين کيپ ۾ 3 جهاز گذريل سال پاڪ نيوي جي حوالي ڪيا ويا هيا، جن جي مرمت ۽ انهن کي اپ گريڊ ڪرڻ جي ڪم جي ذميواري به آمريڪي انجنيئرز جي مٿان هئي، چائينز ۽ آمريڪين سميت سترنهن جي لڳ ڀڳ پرڏيهي حملي وقت اندر موجود ٻڌايا پيا وڃن جن کي حملي واري رات جو ئي حفاظت سان ٻاهر ڪڍيو ويو هو. جيڪڏهن دهشتگرد انهن کي نقصان پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ها ته پوءِ عالمي سطح تي پاڪستان لاءِ وڏو ڀونچال اچي وڃي ها، حملي کانپوءِ پاڪستان نيوي پاران به هڪ اعليٰ سطحي انڪوائري ڪرائي پئي وڃي ، ان کانسواءِ آءِ ايس آءِ ۽ ٻيا حساس ادارا به جدا جدا جاچ ۾ رڌل آهن پر اصل جاچ سنڌ حڪومت پاران جوڙيل جي آءِ ٽي (جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم) ڪندي جنهن ۾ سڀني ادارن جا اهم عملدار شامل هوندا ۽ ان جو باضابطه نوٽيفڪيشن گهروکاتي پاران جاري ڪيو ويو آهي، پر اهم ڳالهه اها ته جڏهن جنرل مشرف جي دور ۾ شهرن ۾ خودڪش حملن جو تعارف ٿيڻ شروع ٿيو هو ۽ وک وک تي بم ڌماڪا ٿيڻ لڳا ها تڏهن ڪراچي ۾ شهري حڪومت جي هڪ شهزادي ناظم ڪروڙ رپين جي لاڳت سان جديد سي سي ٽي وي ڪيمرا لڳائڻ جو پراجيڪٽ شروع ڪيو هو جنهن جي پهرين مرحلي ۾ 11 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان 65 ڪيمرائون مختلف علائقن ۽ رستن تي لڳايا ويا ها، جن جو بعد ۾ انگ وڌائي 200 ڪيو ويو هو، انهن ڪيمرائن ذريعي شهري حڪومت جي مانيٽرنگ سيل ۾ ويهي سڄي شهر جو سولائي سان جائزو وٺي سگهجي ٿو ۽ انهن ڪيمرائن جي اها به خاصيت آهي ته هو هلندڙ گاڏي جو تڪڙو نمبر به محفوظ ڪري سگهن ٿيون، پر جنهن رات پي اين ايس مهراڻ تي حملو ٿيو ان دوران ڪارساز وٽ لڳل ڪيمرا سميت ڪنهن به ڳجهي ڪيمرا ڪم نه پئي ڪيو ايتري قدر جو پي اين ايس مهراڻ وارن جي پنهنجو سسٽم به خراب هو، ان ڪري سيڪيورٽي ادارن کي اهڙو ڪو به ثبوت نه پيو ملي. دلچسپ ڳالهه اها ته دهشتگردن ان جاءِ تان ڀت ٽپي داخل ٿيا جتي ايئرفورس جي ڪيمرا جي رينج ختم ٿئي ٿئي، مطلب هو ان جاءِ تان گهڙيا جيڪا ڪيمرا جي اک ۾ ئي نه ٿي اچي، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته حملو ڪندڙ به “ماءِ باپ“ هيا. جيڪي گهر ڌڻين جا افعال ڏسي پوءِ تيار ٿيا هيا. گهڻن سيڪيورٽي ماهرن جو چوڻ آهي ته پي اين ايس مهراڻ تي حملو تمام وڏي ڳالهه آهي جنهن ۾ پاڪستان جي سيڪيورٽي جي پت وائکي ٿي چڪي آهي، ڇو ته هي ڪارروائي به ائين ٿي جيئن 2 مئي جي رات جو ايبٽ آباد ۾ سالن کان رهندڙ اسامه بن لادن کي ان جي شاندار گهر ۾ مارڻ واري واقعي وقت ڪنهن کي به خبر نه هئي ته ڇا ٿيو؟ صبح جو عسڪري قيادت کان ويندي ايوان صدر ۽ وزيراعظم تائين سڀ جا سڀ حيران هيا ته رات وچ ۾ ڇا ٿي ويو؟ ساڳئي طرح ۽ ساڳئي مهيني ۾ ڪجهه ڏينهن جي وٿي ۾ پي اين ايس مهراڻ تي حملو ٿيڻ نه رڳو حيران ٿيڻ جي ڳالهه هئي پر شرمساري جو مسئلو به هو جو هڪ ملڪ جي حفاظت ڪندڙ اداري کي 4 ويڙهاڪ رات وچ ۾ تين وال ڪري ويا، انهن هڪ ئي حملي ۾ 5 ارب رپين کان وڌيڪ جو نقصان پاڪ نيوي کي ڏنو، ان کي جديد جهازن کان محروم ڪيو، ان جي سيڪيورٽي جي پت وائکي ڪئي ۽ ان کي دنيا ۾ ڏٺو ڪرايو… توڙي جو ان کان اڳ حملو جي ايڇ ڪيو تي به ٿي چڪو آهي جيڪو ملڪ جي اصل حاڪمن جو ڳڙهه آهي پر اسامه جي واقعي کانپوءِ هي حملو ان ڪري به ڳڻتي جو سبب آهي جو ان کان اڳ نيوي تي ٻه حملا ٿي چڪا هيا، ان کانپوءِ سيڪيورٽي تمام گهڻي سخت ڪئي وئي پر ان سخت سيڪيورٽي به نظر اچي وئي. جيتوڻيڪ هن ملڪ جي ميڊيا ۾ ملائيت اڪثريت ۽ لبرل خيال رکندڙ صحافي اقليت ۾ آهن، جيڪي اڪثريت ۾ آهن تن جي سوچ آهي ته هي حملو پاڪستان مٿان انڊيا جي را ۽ آمريڪا جي سي آءِاي ان ڪري ڪرايو جو هو افغانستان مان واپس وڃڻ لاءِ پاڪستان کي کان جديد شيون به کسي وڃڻ چاهين ٿا جيڪي هن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڏنيون هيون جيڪڏهن اهي پاڪستان وٽ هونديون ته انڊيا کي سدائين خطرو رهندو، بلڪل ائين جئين روس خلاف جنگ ۾ آمريڪا جيڪي هٿيار ڏنا هيا اهو روس جي شڪست کانپوءِ اوجهڙي ڪيمپ واري سانحو ڪرائي ختم ڪرايو ويو ، نه ته اهي هٿيار پاڪستان کي ڪم اچن ها. هڪ مزاحيه پروگرام جي هوسٽ ته پنهنجي شو ۾ اهو فيصلو به ڏئي ڇڏيو ته “ هن واقعي ۾ سي آءِاي ءِ را ته ملوث آهي پر وڏي ڳالهه آهي ته اسرائيل جي موساد ملوث ناهي”. ڀلي کڻي ڪير ڇا به چوي پر اها هڪ حقيقت آهي ته پاڪستان ۾ نيوي کي بي هٿيار ۽ بي وس ڪرڻ ملڪ جي سيڪيورٽي ادارن جي کليل ناڪامي آهي، جيڪي بي هٿيار ۽ معصوم چيچن کي هڪ ڪوڙي اطلاع تي سرعام گوليون هڻي ماريندي ته دير نه ٿا ڪن پر ڪراچي جهڙي وڏي شهر ۾ ڪجهه دهشتگرد پلاننگ ڪن ٿا ۽ اهي ترسن ٿا ۽ اهي ڳرا هٿيار ۽ ڏاڪڻيون ڪلهن تي کڻي گهمندا ڦرندا ڪامياب حملو ڪن ٿا انهن جي موجودگي جو پتو اسان جي انهن حساس ادارن کي ڇو نه ٿو پوي جيڪي محب وطني جي نالي تي قومي ڪارڪنن سان ڪيِس ڪندا رهن ٿا. اهي ادارا جيڪي پاڪستان جي قسمت جڏهن ٺاهين جڏهن بگاڙين، بجيٽ جو وڏو حصو ڳڙڪائن ٿا تن کي اها خبر نه ٿي پوي ته دهشتگرد ڪٿي آهن ۽ ڪهڙي ڪارروائي ڪرڻ جي تيارين ۾ آهن؟

واقعي ۾ جان وڃائيندڙ ليفٽيننٽ ياسر کي نشان حيدر ڏيڻ واري مامري تي هاڻي ئي تڪرار ٿي پيو آهي ته هو نشان حيدر جي اهل ناهي، ساڳئي طريقي سان ٻين کي به ڪنهن نشان ڏيڻ جي ڪا اميد نظر نه ٿي اچي، اتي پاڪستان نيوي تان اڃان مصيبت ٽري ناهي، ڇو ته هن واقعي کانپوءِ اک پٽيندڙ حساس ادارن وري هڪ نئين طرز جي دهشتگرد ڪارروائي جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. پر اهم سوال اهو به آهي ته جيڪڏهن حملو ڪندڙن جي سڃاڻپ به ٿي وڃي ٿي ته ڇا پوءِ پاڪستان ڀارت جيان ايترو اهل آهي ته انهن ملڪن يا ملزمن خلاف ڪارروائي ڪرائي سگهي، جئين ڀارت ممبئي حملن جي جوابدارن خلاف پاڪستان ۾ ڪارروائي هلائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي.

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو