Home / ڪرنٽ افيئر / پي اين ايس مهراڻ تي حملو ڪيئن ٿيو، ڪنهن ڪيو؟
above article banner

پي اين ايس مهراڻ تي حملو ڪيئن ٿيو، ڪنهن ڪيو؟

ڪراچيءَ جي سڀ کان اهم ترين وي آءِ پي شاهراهه فيصل تي ايئر فورس جي بيس پي اي ايف فيصل ۽ نيوي جي بيس پي اين ايس مهراڻ ۾ 22هين مئي تي رات جو جيڪا واردات ٿي اُها پاڪستان جي تاريخ ۾ پنهنجي نوعيت جي انوکي واردات آهي. اهڙي ئي انوکي واردات هن واقعي کان صرف ويهه ڏهاڙا اڳ ايبٽ آباد ۾ سڀ کان وڏي فوجي ٽريننگ سينٽر ڪاڪول اڪيڊميءَ ڀرسان ايبٽ آباد ۾ اسامه بن لادن کي آمريڪي هيليڪاپٽرز ذريعي مارڻ جي ٿي هئي. ٻنهي هڪ جهڙائي هن ريت آهي جو ٻنهي ۾ سيڪيورٽي ادارن جي نه رڳو ناڪامي نظر آئي پر ٻنهي واقعن ۾ “ڍول سپاهين” جي شرڪت ۽ شموليت نظر آئي. پي اين ايس مهراڻ تي حملو ڪيئن ٿيو؟ هن سوال جي جواب ۾ رڳو جوائنٽ انويسٽيگيشن ڪميٽي، پاڪستان ايئرفورس ۽ پاڪستان نيوي جي ذميوارن جي ڳالهين، گرفتارين، ڇاپن، ثبوتن ۽ سي سي ٽي وي ڪئميرائن جي رڪارڊنگ تي نظر وجهنداسين ته سڀ ڪجهه کُلي سامهون اچي ويندو.

اهم دفاعي ادارن جو دهشتگرد ڪارروايون ڪندڙن سان رابطن جو راز ظاهر ڪندڙ ايشيا ٽائمز جي رپورٽر سليم شهزاد جو قتل پڻ کوڙ رازن تان پردو کڻي ٿو. تحقيقاتي ادارن جي ابتدائي رپورٽ موجب پي اين ايس مهراڻ تي حملو ڪندڙن جو انگ گهٽ ۾ گهٽ 10 کان 12 هو، جن ۾ ڇهه کان ست دهشتگرد ٻاهران آيا. ڇهه کان ست اندر جا هئا ۽ کين حملي کان ٻاهر حمايت ڪندڙن جو انگ پڻ ڏهه کن هو. اهڙي ريت ويهه ٻاويهه ماڻهن هن پوري ڪارروائي ۾ حصو ورتو. ٻاهران داخل ٿيندڙ ڇهه دهشتگردن وٽ بم، بارود، خودڪش جيڪٽس، ريموٽ بم، پي اين ايس مهراڻ جو سرڪاري نقشو، تصويرون ۽ سڄي معلومات هئي. جيڪا کين اندران فراهم ڪئي وئي هئي. رپورٽ موجب ڪُل چار ماڻهو اندر داخل ٿيا هئا، انهن ٻه ماڻهوجاچ لاءِ ٻاهر ڇڏيا. اندر داخل ٿيندڙن حملا ڪيا، سندن نشانو مهراڻ بيس ۾ ٽڪيل اُهي غيرملڪي انجنيئر هئا، جيڪي صرف ٻه ڏهاڙا اڳ جهازن جي سار سنڀال ۽ مرمت لاءِ آيل هئا. حملو ڪندڙ دهشتگردن کي اها ڄاڻ هئي ته بيس ۾ چيني ۽ آمريڪي انجنيئر ترسيل آهن. نيول بيوس تي حملي ڪرڻ جو مطلب آمريڪي جهازن کي تباهه ڪرڻ هو. حملو ڪندڙن کي اندران ان وقت تائين مزاحمت نه ٿي جيستائين اسلام آباد کان ايس ايس جي ڪمانڊو نه پهتا، ان وقت نيوي جي فورس کي ٻه ليفٽننٽ ڪمانڊ ڪري رهيا هئا. جن مان ليفٽننٽ ياسر ته حملي وقت ئي مارجي ويو، هو صرف ٻاهر نڪتو ۽ هو فون تي ڳالهائي رهيو هو ته مٿس گولين جي برسات وسائي وئي. هو واپس ورڻ لڳو هو، ان ڪري کيس پٺيءَ ۾ گوليون لڳيون. جڏهن ته ٻئي ليفٽننٽ جي ذميواري غيرملڪي مهمانن جي سيڪيورٽي هُئي، جنهن مهمانن کي اتان ڪڍي ٻئي هنڌ منتقل ڪيو. جڏهن حملو ٿيو ته پوليس ۽ رينجرز وڏي انگ ۾ پهتي. ڪراچي جي سي سي پي او ۽ آءِ جي سنڌ کي وفاقي گهرو وزير پاران هدايتون مليون، پر دلچسپ ڳالهه ته پي اين ايس مهراڻ جي اندر نيوي وارن ۽ پي اي ايف فيصل جي اندر ايئرفورس وارن پوليس ۽ رينجرز کي گهڙڻ ڪو نه ڏنو ۽ نه نيوي ۽ ايئرفورس خود شروعات ۾ ڪا مزاحمت ڪئي، جنهن سبب دهشتگردن شروعات ۾ نيوي جي ٻن جهازن کي بمن سان اڏائي ڇڏيو، جڏهن جهازن مان باهه جا شعلا نڪري رهيا هئا، تڏهن به پوليس ۽ رينجرز کي اندر داخل ٿيڻ نه ڏنو ويو، رات جو 10 وڳي کان دهشتگردن حملا شروع ڪيا، جن جي خلاف اصل ڪارروائي صبح 5 وڳي ايس ايس جي ڪمانڊوز پوليس ۽ رينجرز گڏيل طور شروع ڪئي، ان کان اڳ نيوي جا آفيسر دهشتگردن سان ڳالهيون ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا. بعد ۾ ڪمانڊوز اچي ڇهه دهشتگردن کي گرفتار ڪيو. جيڪي اصل ۾ نيول بيوس ۾ ئي هئا، ۽ جيڪي ٻاهران چار دهشتگرد هئا تن مان ٽن دهشتگردن خود کي اڏائي ڇڏيو. صرف هڪ دهشتگرد گوليون لڳڻ سبب مارجي ويو. جنهن بابت پهرين ڏينهن رحمان ملڪ اها دعويٰ ڪئي هئي ته هڪ پوليس ڊي ايس پي ان دهشتگرد کي ماريو. مطلب ته نيوي جي ڪمانڊوز سڄي ڪارروائي ۾ ڪنهن کي به نه ماريو. پر نيوي جا 10 جوان هڪ ليفٽننٽ ۽ هڪ رينجرز آفيسر مارجي ويا.

رپورٽ ۾ اهو سوال اٿاريو ويو آهي ته ڇا جيڪي جوان شهيد ٿيا انهن تي ٻاهران آيل دهشتگردن حملو ڪيو يا اندرين دهشتگردن انهن کي ماريو. جيڪي ڇهه دهشتگرد گرفتار ٿيا آهن، انهن کان ان ڏس ۾ تحقيقات جاري آهي. جوائنٽ انويسٽيگيشن ڪميٽيءَ جي ذميوارن اهو سوال به اٿاريو آهي ته مهراڻ بيس تي حملو ڪندڙ ڪيئن داخل ٿيا؟ پهرين ڏينهن نيوي جي سربراهه ايڊمرل نعمان بشير پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته دهشتگرد پٺئين پاسي يعني شاهه فيصل ڪالوني ۽ ملير نديءَ واري پاسي کان ديوار ٽپي اندر داخل ٿيا هئا. سندس چوڻ هو ته دهشتگردن جو انگ 6 هو، جن مان چار مارجي ويا ٻه ڀڄي ويا، پر سندس پريس ڪانفرنس جي ٻئي ڏينهن نيوي جي ٻئي ليفٽننٽ جي مدعيت ۾ صدر ٿاڻي تي جيڪا ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي، جنهن ۾ ڄاڻايل نيوي آفيسر دهشتگردن جو انگ ڏهه کان ٻارنهن ٻڌايو. اصل ۾ هُن سچ ڳالهايو هو، ڇو ته ڇهه دهشتگرد ٻاهران آيا هئا ۽ ڇهه اندر جا گرفتار ڪيا ويا هئا، پر ڄاڻايل ايف آءِ آر تي به نيوي اندر هڪ تڪرار آهي، پر واقعي جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ نيوي جي آپريشنل ڪمانڊر پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته نيول بيوس جيئن ته جهازن جو اڏو آهي، ان جي سيڪيورٽي جي ذميواري پاڪستان ايئرفورس کي ڏنل هئي، هن اهو به کليل نموني ٻڌايو ته دهشتگرد پي اي ايف فيصل جي پاسي کان داخل ٿيا، مطلب هن نيوي جي سربراهه ايڊمرل نعمان بشير جي پهرين ڏينهن واري پريس ڪانفرنس کي غلط قرار ڏنو. هاڻي تحقيقاتي ادارن به ان نتيجي تي پهتا آهن ته حملو ڪندڙ پي اي ايف فيصلي جي رستي کان داخل ٿيا ڇو ته پي اي ايف فيصل جي ديوار پي اين ايس مهراڻ سان لڳ آهي. هاڻي خود نيوي جي ذميوارن جڏهن اها ڳالهه چئي ته دهشتگرد پي اي ايف فيصل کان داخل ٿيا ته ميڊيا جون پهرين مرحلي واريون رپورٽون سچ ثابت ٿيون. جن بابت حساس ادارن پهرين ڏيهن ئي ميڊيا جي ذميوارن کان پڇاڻا شورع ڪري ڏنا هئا. نيويءَ جي ماڻهن جا طالبان ۽ القاعده سان رابطن جو راز صحافي سليم شهزاد پنهنجي 27هين مئي واري رپورٽ ۾ ڪيو، جيڪا ايشيا ٽائمز ۾ شايع ٿي. ان خبر کان ٻئي ڏينهن صحافي سليم شهزاد کي پراسرار طور اسلام آباد مان اغوا ڪيو ويو، بعد ۾ کيس پنجاب جي علائقي مندي بهائوالدين وٽ قتل ڪيو ويو. سليم شهزاد جي رپورٽ موجب نيوي جي بيس تي ٿيل حملن کانپوءِ جيڪي ماڻهو گرفتار ٿيا انهن جي آزاديءَ لا طالبان ڌمڪي ڏني هئي. هن اهو به ظاهر ڪيو ته نيويءَ اندر تحقيقات کان پوءِ خود نيوي انٽيليجنس کي ثبوت مليا ته نيوي اندر القاعده جو هڪ پورو سيل ڪم ڪري رهيو آهي. پي اين ايس مهراڻ تي حملي جو منصوبو انهن ئي تيار ڪيو. جيتوڻيڪ سليم شهزاد جي اغوا جا ڇنڊا حساس ادارن تي لڳا، ڇو ته هن ملڪ جا ڳجها ادارا پنهنجن ماڻهن کي اغوا ڪرڻ، قتل ڪرڻ ۽ غائب ڪري ڇڏڻ ۾ ڏاڍا پهلوان آهن. بلوچستان اندر هڪ سال ۾ 29 سڄاڻ ماڻهن کي اغوا ڪري قتل ڪيو ويو، جن ۾ صحافي، اديب، استاد، سماجي ڪارڪن شامل آهن، سياسي ڪارڪنن جي اغوا ۽ قتل جي واقعن جو نه ته ڪو انت آهي نه شمار. پي اين ايس مهراڻ تي حملي بابت تحقيقاتي ادارن کي اهي به شاهديون مليون آهن ته ايبٽ آباد واري واقعي ۽ پي اين ايس مهراڻ جي واقعي ۾ ڪجهه ڳانڍاپو پڻ آهي ۽ ساڳي ريت هن واقعي کان ٽي هفتا اڳ ڪراچي ۾ ٻه ڀيرا نيوي جي بسن تي ٿيل حملن جو پڻ هن واقعي سان ڳانڍاپو آهي. نيوي جي بسن تي حملن ۾ پڻ ڪجهه نيوي جا ماڻهو گرفتار آهن ۽ ڪراچي جي مختلف علائقن مان ڪجهه ماڻهن کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي. نيوي ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن جي ڪجهه اهڙن ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن کي ماضيءَ ۾ ڪورٽ مارشل ذريعي سزائون ڏنيون ويون. گرفتار ماڻهن مان اڪثريت جو تعلق پنجاب سان آهي، جڏهن ته ڪراچي جي پشتو آبادين مان پڻ طالبان سان ڳانڍاپو رکندڙ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. اتحاد ٽائون، بلديه، لانڍي، سهراب ڳوٺ مان گهٽ ۾ گهٽ ڏهاڪو کن ماڻهن کي حساس ادارن گرفتار ڪيو آهي، جن کان پڻ پي اين ايس مهراڻ ۽ نيوي جي بسن تي حملن ۾ ملوث ماڻهن بابت ثبوت مليا آهن. اتحاد ٽائون مان گرفتار ٿيل گُل رحمان کي پي اين ايس مهراڻ تي حملي ۾ اهم ملزم تصور ڪيو پيو وڃي. هڪ ٻئي ملزم خادم کي به ڪراچي مان گرفتار ڪيو ويو، جيڪو تحريڪ طالبان جي ترجمان احسان الله جو ويجهو مائٽ ٻڌايو وڃي ٿو، گرفتار ٿيل هنن ملازمن جو تعلق ڏکڻ وزيرستان سان آهي. جڏهن ته پي اين ايس مهراڻ تي حملي ۾ مارجي ويل هڪ ملازم جي سڃاڻپ “چيچنيا” جي شهري طور ٿي آهي. صرف ان هڪ دهشتگرد جو ئي چهرو صحيح طرح سڃاڻپ ۾ اچي رهيو آهي. باقي سڀني جا جسم بم سان سڙيل آهن، ان ڪري سندن سڃاڻپ مشڪل آهي.

ايڌي سرد خاني ۾ پيل ٻن هفتن کان لاشن جي سڃاڻپ نه ٿيڻ سبب هنن لاشن کي دفنائڻ جو سوال اڀريو آهي. ايڌي پاران لاشن کي لاوارث ڄاڻائي دفنائڻ جو ارادو ڪيو ويو ته حساس ادارن لاشن کي دفنائڻ جي اجازت نه ڏني. لاشن جي ڊي اين اي رپورٽ ۽ سي سي ٽي وي ڪئميرائن جي رڪارڊنگ کي منظرعام تي آڻڻ لاءِ مختلف تحقيقاتي ادارن ۾ اندروني ڇڪتاڻ هلي رهي آهي. هن واقعي بابت سرڪار پاران عدالتي ڪميشن جوڙڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. پي اين ايس مهراڻ تي حملي جي تحقيقات جو اعلان ڪيو ويو آهي. پي اين ايس مهراڻ تي حملي جي تحقيقات جو ٽيون پهلو اڃا تائين لِڪل آهي. اهو گرفتار ملزمن جي ڪورٽ مارشل جو آهي. ظاهر آهي ته فوج جو پنهنجو طريقئه ڪار آهي، جو گرفتار ملزمن بابت منطرعام تي ڪجهه نه ايندو آهي. اطلاع آهن ته گهٽ ۾ گهٽ ڇهه ماڻهن جي ڪورٽ مارشل ڪرڻ لاءِ غور ٿي رهيو آهي. جن جو تعلق سيڪيورٽي فورسز سان ئي آهي، پر سڄي ملڪ مان سيڪيورٽي فورسز جا گهٽ ۾ گهٽ ٽيهارو کن ماڻهو گرفتار ٿيل آهن، جن سڀني جو سڌي يا اڻ سڌي ريت تعلق پي اين ايس مهراڻ تي حملي سان ٻڌايو وڃي ٿو. هن پهلو بابت اندر ئي اندر گهڻو ڪجهه هوندو، پر جيئن ته هي ڪو سياسي مسئلو ناهي، جو ميڊيا تي هن جو ذڪر ٿيندو هجي، پر پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون دفعو دهشتگرد ڪارروائي ۾ ايئن سيڪيورتي جا ادارا ۽ ڍول سپاهيا منظرعام تي آيا. هن کان اڳ جنرل مشرف دور ۾ جي ايڇ ڪيو تي حملي ۾ پڻ دفاعي اداري جي ماڻهن جي ملوث ٿيڻ جا ثبوت منظرعام تي آيا هئا ۽ اطلاع آهن ته ان ڪيس ۾ به پڻ ڪجهه آفيسرن ۽ جوانن کي ڪورٽ مارشل ڪيو ويو هو. هي سڄي صورتحال بهرحال ڳنڀير آهي. اڄ ماڻهو کليل نموني ميڊيا تي دفاعي ادارن تي تنقيد ڪري رهيا آهن. هن کان شايد ايئن ڪڏهن به نه ٿيو هجي ۽ “ڍول سپاهيا” ڏکي صورتحال ۾ ڦاٿل آهن.


below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو