Home / افيئر / !سنڌي ٻولي تحريڪ ۽ ايڪويهين صديءَ جون گھرجون
above article banner

!سنڌي ٻولي تحريڪ ۽ ايڪويهين صديءَ جون گھرجون

 

اڄڪلهه هڪ دفعو وري سنڌيءَ کي پاڪستان جي قومي ٻولي قرار ڏيارڻ لاءِ مهم هلائي پئي وڃي، مختلف ماڻهن، ڌرين ۽ تنظيمن پاران ان ڏس ۾ احتجاج، گھرون ۽ مطالبا ڪيا پيا وڃن.

ڪجهه مهينا اڳ به اهڙي ئي مهم هلائي ويئي هئي، ان وقت حوالو عالمي طور مڃتا ماڻيندڙ بنگالين جي قومي ٻوليءَ جو ڏينهن 21 فيبروري هئو ۽ ان وقت مهم جي اڳواڻي ڪندڙ سنڌي ادبي سنگت جو مکيه مطالبو اهو هو ته پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ ۾ڪجهه ميمبرن طرفان جمع ڪرايل سنڌيءَ سميت علائقائي ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيڻ وارو بل پاس ڪيو وڃي، هن وقت هلندڙ مهم جو حوالو اهو ئي بل آهي، جنهن کي پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ اسٽينڊنگ ڪميٽي پاران رد ڪيو ويو ۽ هينئر مطالبو اهو آهي ته اسان جي مطالبي تي ٻيهر همدرداڻو غور ڪيو وڃي.

ڪجهه مهينا اڳ ۾ جڏهن سنڌي ٻولي قومي ٻولي مهم هلائي پئي ويئي ته ان وقت ٿيندڙ احتجاجن، مظاهرن ۽ ڪانفرنسن ۾ مون سميت جيئي سنڌ محاذ جي دوستن، سنڌي ادبي سنگت جي سڏ تي پنهنجو قومي فرض ادا ڪندي شرڪت ڪئي هئي البته شرڪت ڪندي اسان دوستن جي آڏو ڪجهه غور طلب نڪتا به رکيا هئا.

ان وقت احتجاجن، مظاهرن ۽ ڪانفرنسن سان گڏ مهم هلائيندڙ دوستن هڪ عرضداشت به تيار ڪئي هئي جنهن ۾ گھر ڪئي ويئي هئي ته سنڌيءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي.

ان عرضداشت تي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ سنڌي ماڻهن کان صحيحون ورتيون ويون ۽ پوءِ اها عرضداشت جهجهي تعداد ۾ صدر پاڪستان ڏانهن موڪلي ويئي جيڪو ساڳئي وقت پيپلز پارٽي جو سربراهه به آهي ته سنڌي به آهي ان وقت اسان دوستن آڏو موقف رکيو ته ون يونٽ خلاف سنڌ جي تاريخي جدوجهد جو هڪ اهم نڪتو سنڌي ٻولي هئي، ون يونٽ ٽٽڻ جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيل سنڌ اسيمبلي سنڌي ٻولي جو بل وڏي اڪثريت سان پاس ڪيو، جنهن ۾ سنڌي ٻولي ( آفيس ۽ تعليمي ادارن ۾) استعمال ۽ ترقي لاءِ اپاءَ وٺڻ جو چيو ويو ان بل جي مٿان اسلام آباد مان آرڊيننس جاري ڪيو ويو جنهن تحت سنڌ کي ٻن ٻولي (سنڌي ۽ اردو) جو صوبو بڻايو ويو. اهو آرڊيننس به ان ئي ساڳي ايوان صدر مان جاري ٿيو هئو، ان وقت پاڪستان جو صدر پيپلز پارٽي جو سربراهه هئو ۽ سنڌي هو.

اهو موقف رکندي اسان چيو ته جتان سنڌي ٻوليءَ تي وار ٿيو هئو ۽ سنڌي قوم کي زخم رسيو هئو ان ساڳيءَ جاءِ تي عرضداشت کڻي وڃڻ مان ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ خاص ڪري ان صورت ۾ ته پيپلز پارٽي پنهنجي پهرين ۽ بنيادي وفادار سنڌ سان نه پر 1973 ع جي آئين سان هجڻ جي دعويٰ ڪندي آهي ۽ 1973 ع جي آئين مطابق ساڳئي اسم تي مرڪز جو ٺاهيل قانون صوبي جي قانون کي رد ڪري ڇڏيندو.

بهرحال دوستن اها عرضداشت به موڪلي ۽ ان جي حمايت ۾ ٿيندڙ مظاهرن ۽ ڪانفرنسن ۾ پيپلز پارٽي جي سنڌي ليڊرن به زور شور سان تقريرون ڪيون. اهو نه وسارڻ گھرجي ته قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيل بل تي صحيحون ڪندڙن ۾ پ پ سان واسطو رکندڙ سنڌي ميمبر به شامل هئا.

ڪجھه ڏينهن اڳ ۾ جڏهن اهو ٻولين وارو بل اسٽينڊنگ ڪميٽي جي آڏو آيو ته ان ڪميٽي جي صدارت پيپلز پارٽيءَ سان واسطو رکندڙ خاتون ميمبر ڪري رهي هئي.

ظاهر آهي ته ڪميٽي جي ميمبرن جي اڪثريت پنجاب سان واسطو رکندڙ هئي ۽ ڪميٽي ۾ سڀ کان وڌيڪ ميمبر پ پ جا ئي هئا، مختصر بحث کانپوءِ اسٽنڊنگ ڪميٽي رڳو بل کي توهين آميز انداز ۾ رد ڪيو، بلڪه چيو ويو ته 1973 ع جي آئين ۾ قومي ٻولي صرف اردوءَ کي مڃيو ويو آهي تنهن ڪري سنڌي ۽ ٻين ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو نٿو ڏيئي سگھجي جو ائين ڪرڻ 1973ع جي آئين خلاف ٿيندو.

اڃا وڌيڪ چيو ويو ته اهو بل ملڪ سان غداريءَ جي برابر آهي، هڪڙي ميمبر اهي رمارڪس به ڏنا ته قائد اعظم محمد علي جناح چئي ويو ته پاڪستان جي قومي ٻولي صرف اردو هوندي، بل پيش ڪندڙ ميمبرن مان ڪميٽي آڏو رڳو مسلم ليگ ق جي ميبر مارئي ميمڻ پيش ٿي جنهن لاءِ ڪميٽيءَ جي ميمبرن منجهان صرف هڪ سنڌي ميمبر سيد ظفر علي شاهه بل جي حمايت ۾ ڳالهايو ۽ پنهنجو اختلافي نوٽ به لکيو.

هاڻي سڀ کان پهرين ته اهڙا غلط، غير معقول رمارڪس ڏيندڙ ميمبرن کي سمجھي ڇڏڻ کپي ته 1973 ع جو آئين يا محمد علي جناح يا ڪنهن ٻئي جا چيل اکر سنڌ ۽ سنڌ جي قومي مفادن کان مٿانهان ناهن. جيئن ان جي عنوان مان ئي ظاهر آهي ته اهو آئين 1973 ع ۾ ٺاهيو ويو جڏهن ته سنڌي قوم ۽ سنڌي ٻولي هزارين سالن کان وجود رکن ٿيون، پاڪستان جو آئين ته ڇا خود پاڪستان کي وجود سنڌ جي ڪري مليو، اڄ سنڌ، سنڌي قوم ۽ سنڌي ٻولي جنهن هنڌ بيٺل آهن ان ۾ ڪروڙين سنڏين جي سوين هزارين سالن جي جدوجهد، جاکوڙ ۽ قربانين جو دخل آهي جڏهن ته محمد علي جناح سنڌ ڌرتيءَ تي جنم وٺندڙ ڪروڙين انسانن منجهان صرف هڪڙو هئو. ٻي ڳالهه جنهن جي انهن ميمبرن کي شايد جبر ناهي يا وري وفاداريءَ جي جوش ۾ وساري ٿا وڃن سا اها آهي ته جناح صاحب واقعي ائين بنگال جي گاديءَ واري شهر ڍاڪا ۾ چيو هئو ته پاڪستان جي قومي ٻولي صرف اردو هوندي پر پوءِ انهن ئي بنگالين جي جدوجهد جي آڏو گوڏا کوڙيندي پاڪستان سرڪار اردوءَ سان گڏ بنگاليءَ کي به قومي زبان طور تسليم ڪيو.

ان کان پوءِ اهي ميمبر جيڪي 1973ع جي آئين کي ايڏو مقدس ڪري پيش ٿا ڪن اهي ٻڌائين ته جنهن آئين تحت اهي قسم کڻي ويٺا آهن ڇا اهو 1973 ع وارو آئين آهي ۽ آمرن وري وري ان آئين کي جهڙي نموني بوٽن هيٺان لتاڙيو آهي ان کان سڄي دنيا جڱي طرح واقف آهي. جنرل ضيا جي آئيني ترميم 60 کان وڌيڪ شقن ۾ تبديليون ڪيون ۽ ماهر مڃين ٿا ته عملي طرح اهو هڪ نئون آئين هئو رڳو نالو پراڻو هيس، ان کانپوءِ جنرل مشرف ڪيئن پنهنجي مرضي، موڊ ۽ مفاد مطابق آئين کي رانديڪي وانگر تبديل ڪندو رهيو. ان کان پوءِ خود سويلين حاڪمن جهڙوڪ ذوالفقار علي ڀـُٽي ۽ نواز شريف به پنهنجي ذاتي اقتدار کي مضبوط ۽ ڊگھو ڪرڻ خاطر ڪيترا دفعا انهي 73 جي آئين جو هليو بگاڙيو ان تي اهي ميمبر ڪڇن ئي ڪون ٿا. حقيقت اها آهي ته جڏهن به قومن جي حقن جو سوال اٿندو آهي ته ان کي رد ڏيڻ لاءِ 73ع جي آئين کي آڏو ڪيو ويندو آهي باقي جڏهن شخصي حڪمرانيءَ خاطر آئين کي اڇلايو ويندو آهي تڏهن اهي آئين جا وفادار خاموش هوندا آهن ڇاڪاڻ ته اهي آمريت پسند حڪمران پنجاب سان وفادار هوندا آهن جيئن مٿي ذڪر ڪيل سڀئي فوجي توڻي سول حڪمران پنجاب جا پڪا وفادار هئا ان ما اهو ثابت ٿئي ٿو ته 1973 ع جو آئين قومن خاص ڪري سنڌ کي حق ڏيڻ نه پر انهن جا حق کسڻ جو دستاويز آهي.

هاڻي اچون ٿا سنڌي ٻولي جي حق ۾ شروع ڪيل تازي مهم ڏانهن ان ۾ اهو ٻڌايو پيو وڃي ته سنڌي اديبن جا وفد اسلام آباد ۾ انهن اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبرن سان ملندا ڄڻ مذڪوره بل رد ڪيو آهي ۽ انهن کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ ٻيو ته پراڻي عرضداشت وري صدر صاحب ڏانهن موڪلي ويندي هاڻي ڏسجي ته هڪ دفعو سنڌي قوم جي توهين انهن اسيمبلي ميمبرن ڪئي جن اهو بل رد ڪيو ۽ هاڻي وري ٻيهر اسان جي قومي توهين تڏهن ٿيندي جڏهن اسان جا دوست انهن ئي ميمبرن وٽ ميڙ منٿ قافلو وٺي ويندا ۽ جيستائين صدر کي ٻيهر عرضداشت موڪلڻ جو تعلق آهي ته ڇا اسان سمجھون ٿا ته صدر صاحب پهرين عرضداشت ڪا نه پڙهي هوندي؟ جيڪڏهن واقعي کي ان پڙهڻ جو وٽس وقت ناهي ته پوءِ ٻيهر ’صدا‘ ڏيڻ جو ڪهڙو فائدو……

ڳالهه اها آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ اسان جا ارادا ۽ خواهشون ته نيڪ آهن، پر ان جي لاءِ طريقه ڪار صحيح ناهي. حقيقت اها آهي ته اهي طريقا ايڪويهين صديءَ ۾ حصو وٺڻ جا ناهن. ايئن ته اڻويهين صديءَ جي آخر ۽ ويهين صديءَ جي شروعات ۾ ٿيندو هئو، جڏهن انڊين نيشنل ڪانگريس ۽ آل انڊيا مسلم ليگ جهڙيون جماعتون ٺهيون هيون ۽ جڏهن هندستان انگريزن جو غلام هئو. اهي جماعتون ۽ ٻيون ڪيتريون تنظيمون انگريزن ٺهرايون ته جيئن اهي هندستاني ماڻهن کي درپيش مسئلا عرضداشتن جي صورت ۾ سندن آڏو کڻي اچن. مقصد اهو هو ته جيئن ماڻهن ۾ غلاماڻي نظام جي خلاف نفرت ۽ ڪاوڙ جو جذبو پيدا نه ٿئي ۽ اهي بغاوت ڪرڻ جي بجاءِ عملي طور انگريزن جي حاڪميت ۽ پنهنجي غلاميءَ واري حيثيت کي قبول ڪري وٺن ۽ پوءِ اڻويهين صدي ءَجي آخر ۽ ويهين صديءَ جي شروعات ۾ ائين ئي ٿيندو هو. هندستان جا ماڻهو پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ انهن ئي انگريز حاڪمن وٽ عرضداشتون کڻي ويندا هئا، جن جي ڪري سندن اڪثر مسئلا پيدا ٿيندا هئا. انهن عريضين ۾ سڀ کان پهرين وقت جي حاڪمن سان وفاداري ۽ انهن جي نافذ ڪيل نظام جي استحڪام جي خواهش جو اظهار ٿيل هوندو هو ۽ پوءِ پنهنجي ڏکن جو عاجزاڻو اظهار ڪيل هوندو هو. درخواست جي آخر ۾ اهي لفظ لکڻ لازمي هوندا هئا ته “سائين جن جي آل اقبال لاءِ دائم دعاگو رهندس.” جيڪڏهن صاحب بهادر مهربان ٿيو ۽ عرض اگهايائين ته واهه واهه نه ته وري ٻئي موقعي جو انتظار ڪبو.

ايڪويهين صديءَ ۾ حق وٺڻ جا مثال اهي آهن جيڪي ڪجهه سال اڳ ۾ اسان نيپال ۾ ڏٺاسين جڏهن هڪ انتهائي غريب ۽ پٺتي پيل ملڪ جا ماڻهو سياسي احتجاج کي عبادت وانگر فرض سمجهندي روزانو کٽمنڊوءَ جو رخ ڪندا هئا ۽ پوءِ هڪ ننڍڙي ملڪ جو گاديءَ وارو شهر انساني سمنڊ وانگر ڇوليون هڻندو نظر ايندو هو. انهن ماڻهن جو هڪ ئي مقصد ۽ هڪ ئي مطالبو هوندو هو ته ظلم، جبر، استحصال ۽ ناانصافيءَ تي ٻڌل نظام جو خاتمو آندو وڃي ۽ پوءِ دنيا ڏٺو ته ڪيئن اڍائي سئو سالن کان مضبوط نظر ايندڙ بادشاهت ڪک پن وانگر لُڙهي وئي. يا ڪجهه ڏينهن کان اسان عرب دنيا ۾ ڏسي رهيا آهيون. جتي صدين کان سياسي آزادين ۽ جمهوري حقن جو ڪو تصور ئي ڪو نه هو ۽ جتي خاندان بادشاهه يا بادشاهه بڻيل ڊڪٽيٽر حڪمراني ڪندا هئا. جتي سياسي جدوجهد ۽ عوامي احتجاج جا ڪي مثال ئي ڪو نه هئا، پر جڏهن اتان جي عوام حڪمرانن جي رحم ڪرم تي رهڻ کان انڪار ڪيو، خيرات ۽ رعايت ۾ مليل زندگيءَ کي رد ڪيو ۽ انهن فيصلو ڪيو ته “گهڻو ٿي چڪو” ته دنيا ئي بدلجي ويئي. جيستائين اهي رعايتون حاصل ڪرڻ لاءِ اپيلون ۽ عرضداشتون ڪندا هئا ته حڪمرانن انهن کي ٻڌڻ ۽ غور ڪرڻ لائق به نه سمجهندا هئا، پر جڏهن اهي حق حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد جي ميدان ۾ آيا ته بندوق جي زور تي قائم ۽ عالمي سامراج جي مدد سان ناقابلِ تسخير پهاڙ نظر ايندڙ اهي حڪمران پراڻي سُري کاڌل ڪاٺي ثابت ٿيا ۽ هڪ ٻئي پويان ڊهي رهيا آهن. ٻئي طرف عرب عوام نه رڳو پنهنجي لاءِ جمهوري حق ۽ عزت وقار واري زندگي حاصل ڪري رهيا آهن پر باقي دنيا جي مظلوم ۽ محڪوم ماڻهن لاءِ به اتساهه جا اهڃاڻ قائم ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن صورتحال کي هڪ جملي ۾ سموئجي ته چئي سگهجي ٿو ته اسان مصر کي مثال بڻائيندي نئين مصر (سنڌ) جي نئين تاريخ لکي سگهون ٿا.

ٻوليءَ واري بل جي حوالي سان پيدا ٿيل صورتحال هڪ ٻي حقيقت کي به وڌيڪ چٽو ڪيو آهي جيڪا گذريل چاليهن سالن کان اسان جي چوڌاري موجود آهي. ان ڳالهه کان ته هاڻي ڪير به (دوست يا دشمن) انڪار نٿو ڪري ته پاڪستان ۾ سنڌ جو استحصال ٿئي ٿو ۽ اها ڳالهه به هاڻي مڃجي چڪي آهي ته سنڌ جي ان استحصال ۽ ڦرلٽ جو مکيه مرڪز پنجاب آهي. يعني گذريل 63 سالن کان سنڌ ڦرجندڙ آهي ۽ پنجاب ڦريندڙ آهي ۽ گذريل 40 سالن کان پيپلز پارٽي سنڌ ۽ پنجاب مان ووٽ کڻندڙ وڏي پارٽي رهي آهي ۽ اها هڪ ئي وقت سنڌ ۽ پنجاب جي حقن جي تحفظ جي دعويٰ ڪندي رهي آهي. ٻين لفظن ۾ ته اها هڪ ئي وقت سنڌ ۽ پنجاب ٻنهي جي وڪيل آهي. يعني هڪ ئي وقت ڦريندر ۽ ڦرجندڙ، ظالم ۽ مظلوم، حاڪمن ۽ محڪوم ۽ چور ۽ ڀاڳئي جي وڪيل، هاڻي اها ڳالهه سمجهڻ لاءِ ڪنهن وڏي علم ۽ فلسفي جي ته ضرورت آهي ڪا نه ته جيڪڏهن چور ۽ ڀاڳئي جو ساڳيو وڪيل هوندو ته ڀينگ ڀاڳئي جي ٿيندي. اهو ئي ڪجهه ٻوليءَ جي معاملي ۾ ٿي رهيو آهي. سنڌ ۾ پ پ جا اسيمبلي ميمبر ۽ وزير سنڌيءَ کي قومي ٻولي بنائڻ جا مطالبا ڪندا ٿا رهن جڏهن ته بل پيش ڪندڙن ۾ به ان پارٽيءَ جا اسيمبلي ميمبر شامل آهن. ته وري ان بل کي آئين مخالف ۽ غداريءَ وارو عمل قرار ڏيئي رد ڪرڻ وارن ۾ به پ پ جا ميمبر شامل آهن. بلڪه جيئن مٿي ٻڌايو ويو، واسطيدار ڪميٽيءَ جي سربراهه به ان ئي پارٽيءَ سان واسطو رکندڙ آهي. ۽ ٿيو اهو جيڪو پنجاب وارن چاهيو. ۽ ٿيڻو به اهو ئي هئو ڇاڪاڻ ته وڪيل ان ڌر جي پاسي وهندو جيڪا ان کي وڌيڪ في ڏيندي ۽ پنجاب اقتدار جي ڪرسيءَ جي صورت ۾ پيپلز پارتي وارن کي سڀ کان وڏي في ڏئي ٿو. هتي ان ڳالهه کي ورجائڻ جي ته ضرررت ڪانهي ته پيپلز پارٽي ۾ سمورا ميمبر اهو ڪجهه ڪندا آهن جنهنجي هدايت انهن کي پارٽي قيادت ڪندي آهي.

ان مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي سنڌي ماڻهن کي خوش ڪرڻ لاءِ انهن جي مسئلن ۽ حقن بابت ڳالهيون ڪري ٿي جڏهن ته عمل جي گهڙيءَ ۾ اها پنجاب سان گڏ بيهي ٿي. اها صورتحال رڳو ٻوليءَ جي معاملي ۾ ئي ناهي. پاڻيءَ جي ورڇ واري مسئلي تي به پ پ جو اهو ئي ڪردار هوندو آهي. ماليات جي مسئلي ۾ به ايئن ڪيو ويو آهي، قدرتي وسيلن جي مالڪيءَ بابت به ساڳي صورتحال آهي ۽ اهو سلسلو اڻکٽ آهي.

بهرحال هاڻي وقت بدلجي چڪو آهي. دنيا بدلجي چڪي آهي. اسان کي به بدلجڻو پوندو. اسان کي پنهنجا خيال۽ پنهنجا طور طريقا بدلڻا پوندا. اهو واضح ڪرڻو پوندو، واضح سمجهڻو ۽ واضح چوڻو پوندو ته جهڙي قسم جو نظام رائج هوندو ۽ جهڙي قسم جا ماڻهو سياسي اقتدار تي قابض هوندا فيصلا به اهڙا ئي ٿيندا ۽ قانون به اهڙا ئي ٺهندا، جيڪي انهن اقتدار تي قابض قوتن جي مفاد ۾ هوندا. اسان سوچيون يا خواهش ڪريون ته نظام ڀلي ڦرلٽ ۽ اڻبرابريءَ وارو هجي پر اسان کي انصاف ملي، برابريءَ وارا حق ملن ته اهو بلڪل اڻ ٿيڻو آهي. اهڙي طرح جيئن ٻٻر جي وڻ مان ٻير ملن ۽ نظام ڪٿي ۽ ڪڏهن ڪهڙو هجي ان جو دارومدار ان تي هوندو آهي ته سياست تي ڪنهن جو غلبو آهي. سياست جو شعبو زندگيءَ جي سڀني شعبن تي اثرانداز ٿيندو آهي، پوءِ اهو شعبو اقتصاديات جو هجي، تعليم جو هجي يا ٻوليءَ ۽ ڪلچر جو يا ڪو ٻيو. آمريڪا ۾ جيڪي اصلوڪا ماڻهو رهندا هئا، انهن جو به شاندار ڪلچر هو ۽ انهن جي به شاهوڪار ٻولي هئي، پر جڏهن يورپ جي ڀڳوڙن ماڻهن آمريڪا جي سياست ۽ سياسي اقتدار تي قبضو ڪري ورتو ته اتي ٻوليون به انهن قابض ماڻهن جون هلن ٿيون. اتر آمريڪا ۾ انگريزيءَ سان گڏ فرانسيسي ۽ جرمن ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون ته ڏکڻ آمريڪا ۾ وري اسپيني زبان جو راڄ آهي. مڪاني ٻولين جو نانءُ نشان ئي ڪونهي. اها ساڳي صورتحال آسٽريليا جي اصلوڪن ماڻهن سان آهي. ٻيو ته ڇڏيو اسڪاٽلينڊ جيڪو يورپ جي ٻين ملڪن جيترو ئي ترقي يافته ملڪ آهي، ان تي جڏهن انگريزن جو قبضو ٿيو ته انگريزي ٻوليءَ کي زور وٺرايو ويو. نتيجو اهو آهي ته اڄ اسڪاٽش ٻولي خاتمي جي خطري کي منهن ڏئي رهي آهي. اهو ئي سبب آهي ته الاهي ساريون آزاديون ۽ الاهي سارا حق حاصل هجڻ جي باوجود اسڪاٽلينڊ وارا پنهنجو مڪمل اقتدار اعليٰ حاصل ڪرڻ ٿا چاهين ۽ ان لاءِ اهي زبردست قسم جي سياسي جدوجهد ڪري رهيا آهن. هتي اسان وٽ وري ڪيترا ماڻهو چوندا آهن ته “سياست کان پاسو ڪريو، پنهنجي حقن لاءِ ڪوشش ڪريو.” تازي ٻولي مهم دوران به مختلف هنڌن تان اهي خبرون آيون ته اديبن سان گڏ احتجاج ۾ سياسي ڪارڪنن به شامل ٿيڻ چاهيو ته اديبن ان کان پاسو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

۽ تبديل ٿيل وقت جو اهو به پيغام آهي ته هاڻي پيپلز پارٽيءَ کي به تبديل ٿيڻو پوندو، انهن کي به هڪ طرف ٿيڻو پوندو، حق جي طرف يا ناحق جي طرف، مظلوم جي پاسي يا ظالم جي پاسي. انهن کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته اهي اقتدار جي ڪرسيءَ خاطر حاڪمن جي خوشنودي حاصل ڪن ٿا يا انصاف خاطر محڪومن جي جدوجهد جو ساٿ ٿا ڏين. ٻئي پاسا وهڻ وارو وقت گذري ويو. پيپلز پارٽيءَ جي قيادت کان وڌيڪ تبديلي ۽ فيصلي جو وقت انهن سنڌي ميمبرن لاءِ آهي، جيڪي سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪندا ٿا رهن ۽ جن جو ڪنهن نه ڪنهن وقت ۽ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ سنڌ جي حقن جي تحريڪ سان واسطو رهيو به آهي ۽ خاص ڪري اهي ميمبر (مرد ۽ عورتون) جيڪي چون ٿا ته “سنڌي ٻولي قومي ٻولي” سنڌين جو حق آهي. انهن جي اهڙن خيالن ۽ اهڙن جذبن جو احترام ڪندي اهو سوال ته کانئن پڇڻ ۾ سنڌ جا محبِ وطن ماڻهو حق بجانب آهن ته جيڪڏهن ملڪ جا حڪمران اهو فطري حق اسان کي نه ڏين ته پوءِ؟

 

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو