Home / افيئر / !اتر ڪوريا: قيدي ڪوئا کائڻ تي مجبور
above article banner

!اتر ڪوريا: قيدي ڪوئا کائڻ تي مجبور

انساني حقن جي عالمي تنظيم ايمنسٽي انٽرنيشنل جو چوڻ آهي ته اتر ڪوريا گذيل ڏهن ورهين ۾ سياسي قيدين جي ڪيمپ ۾ واڌارو ڪندو. ٻه لک ماڻهن کي انتهائي اذيتناڪ حالت ۾ قيد ڪري رکيو ويو آهي. انهي حد تائين جو ڪجهه قيدين کي زندهه رکڻ لاءِ ڪوئا به کائڻا پون ٿا. لنڊن ۾ قائم تنظيم جي رپورٽ ۾ قيدين جي حالت زار بابت نهايت ڀيانڪ رپورٽ پيش ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته قيدين کان وڌيڪ ڪم وٺڻ کانسواءِ کين بکن ۽ سزائن کي به منهن ڏيڻو پوي ٿو. ايمنسٽي مطابق اُن قيدين جي قيد واري هنڌ ۽ تعداد بابت سيٽلائيٽ ذريعي تصويرون حاصل ڪري ورتيون آهن، جڏهن ته کين اڳوڻن قيدين کان به ان سلسلي ۾ شاهديون مليون آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو