Home / ڪور افيئر / افغانستان جو ورهاڱو: آمريڪا جو فيصلو يا پاڪستان کي دڙڪو؟
above article banner

افغانستان جو ورهاڱو: آمريڪا جو فيصلو يا پاڪستان کي دڙڪو؟

15 جون 2011ع جي نيويارڪ ٽائيمز جي رپورٽ موجب پاڪستاني ڳجهي اداري CIA جي انهن پنجن فوجي مخبرن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جن پاران ڏنل معلومات جي آڌار تي اسامه بن لادن کي ايبٽ آباد ۾ فوجي آپريشن ذريعي ختم ڪيو ويو، انهن مان هڪ فوجي آفيسر انهن گاڏين جون نمبر پليٽون ڪاپي ڪيون جيڪي گاڏيون بن لادن جي ڪمپائونڊ ڏانهن اينديون وينديون هيون.

آمريڪي پرڏيهي وزير هليري ڪلنٽن ۽ ايڊمرل مائيڪ مولن جي پاڪستان جي دوري دوران پاڪستاني فوجي قيادت سان CIA جي پاڪستاني مخبرن جي گرفتاريءَ جو اهو معاملو پڻ بحث هيٺ آيو هو.

2 مئي تي ٿيل ايبٽ آباد آپريشن کانپوءِ آمريڪي ورتاءَ ۽ لهجي ۾ تمام گهڻي سختي آئي آهي، جڏهن ته اسان جو ڳجهو ادارو پير پوئتي ٿيو آهي.

CIA جي ڊپٽي ڊائريڪٽر مائيڪل جي موريل پاڪستان پاران آمريڪا سان دهشتگرديءَ خلاف ٿيندڙ سهڪار کي 10 مان 3 پوائنٽون ڏنيون آهن. پاڪستاني اختيارين جي مطالبي تي 120 آمريڪي فوجي صلاحڪار آمريڪا واپس گهرائي ورتا آهن ۽ پينٽاگون دهشتگردي خلاف ويڙهه لاءِ پاڪستان پيرا ملٽري فورسز جي تربيت به ختم ڪري ڇڏي آهي. آمريڪي رياست مِشي گن جي نمائندي مائيڪ راجرس اهو چوندي پاڪستان جي 2 ارب ڊالرن جي فوجي امداد تي روڪ لڳائڻ جي گهر ڪئي آهي ته پاڪستاني عسڪري قوتن بن لادن جي حفاظت ٿي ڪئي.

22-21 جون 2011ع تي ISPR جي سربراهه ميجر جنرل اطهر عباس، انتهاپسند،مذهبي تنظيم “ حزب التحرير” (آزاديءَ جي جماعت) سان واسطا ثابت ٿيڻ تي پاڪستاني فوج جي برگيڊيئر جنرل علي خان جي گرفتاريءَ جي خبر ٻڌائي، بعد ۾ چئن ميجرن کان حزب التحرير سان واسطن متعلق پڇاڳاڇا جون تصديق ٿيل خبروڻ پڻ ميڊيا ۾ اچي چڪيون آهن.

حزب التحرير “ پين سلام ازم” ۽ “مسلم ملڪن جي هڪ خلافت” جي داعي تنظيم آهي،جيڪا هڪ فلسطيني پروفيسر تقي الدين النبهاني 1953ع ۾ يروشلم ۾ قائم ڪئي هئي. ان تنظيم جو رهنما عطا ابورَشتا آهي. اها تنظيم دنيا جي 40 ملڪن ۾ وجود رکي ٿي ۽ وچ ايشيائي رياستن ۽ وچ اوڀر جي عرب ملڪن توڙي برطانيه ۾ سرگرم آهي. هڪ اندازي موجب ان جي ميمبرن جو تعداد 10 لک کن آهي. حزب التحرير تي پاڪستان ۾ 2003ع کان پابندي پيل آهي. حزب التحرير کي CIA ۽ MI6 جي ڇاڙتي تنظيم پڻ سمجهيو وڃي ٿو. پاڪستاني فوج گذريل سال پڻ ٻن فوجي آفيسرن کي حزب التحرير سان واسطا ثابت ٿيڻ تي ڪورٽ مارشل ڪيو هو.

15 ۽ 21 جون تي پاڪستان فوجي اختيارين پاران فوجي آفيسرن جي گرفتاريءَ پٺيان حقيقي محرڪن بابت ڪجهه به چوڻ وقت کان اڳ هوندو پر اِها اڳڀرائي اداري جي صفائي به ٿي سگهي ٿي. ان کانپوءِ 24 جون 2011ع تي نيويارڪ ٽائيمز جي رپورٽ موجب اسامه بن لادن وٽان هٿ آيل موبائل فون سان سندس “ حرڪت المجاهدين” سان رابطن جي معلومات ملي آهي. حرڪت المجاهدين کي پاڪستان جي ڳجهي اداري پاران قائم ڪيل انتهاپسند تنظيم سمجهيو وڃي ٿو. ان تنظيم جو سربراهه خليل، اسامه بن لادن پاران آمريڪا تي حملي جي فتويٰ تي صحيح پڻ ڪئي هئي.پاڪستاني ڳجهو ادارو هن وقت گهڻ پاسائن دٻاءَ جو شڪار آهي. اهو دٻاءُ خارجي ۽ داخلي ٻنهي قسمن جو آهي. پرڏيهي سطح تي آمريڪي سياسي ۽ فوجي دٻاءُ هڪ تسلسل سان وڌي رهيو آهي. ته ٻئي طرف ممبئي حملن ۾ ISPR پاران رٽائرڊ ISI آفيسرن جي ملوث هئڻ جي امڪان کي مڃڻ پٺيان ڀارتي ۽ آمريڪي اختيارين وٽ موجود گواهه ۽ انهن جو دٻاءُ آهي.

فرانس ۾ ٿيندڙ هڪ اڳڀرائي اسان جي ڳجهي اداري تي دٻاءَ ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو آهي.

2002ع ۾ ڪراچي شيرٽن هوٽل ٻاهران پاڪستان نيويءَ جي بس ۾ ٿيل ڌماڪي جي نتيجي ۾ 11 فرينچ انجنيئر مارجي ويا هئا. پاڪستاني اختيارين ان ڌماڪي کي آپگهاتي ڄاڻايو هيو.

فرانس طرفان ڪيس جي جاچ ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته فرينچ انجنيئرن تي اهو موتمار حملو ڪميشن جي رقم پاڪستاني سگهاري اداري کي نه ڏيڻ ڪري پلاند طور ڪيو/ڪرايو ويو هو. پاڪستان فرانس کان آبدوزون خريد ڪيون هيون ۽ انهن مان ٽن آبدوزن جي تياري پاڪستان ۾ ٿي ڪئي وئي جنهن جي نگراني 11 فرينچ انجنيئر ڪري رهيا هئا. فرينچ اختيارين ڏيڻي ڪيل ڪميشن جو حصو ڊيل ڪندڙ حڪمران (بينظير ڀٽو ۽ آصف علي زرداري) کي ته ادا ڪئي پر سگهاري اداري کي ڪميشن جو حصو ان وقت جي بجيٽ واري وزير (۽ هاڻوڪي صدر) نڪولس سرڪوزي تڏهوڪي صدر ياڪ شيراڪ ۽ وزايراعظم ڊامنڪ ڊي وليپين جي چونڊ مهم تي خرچ ڪري ڇڏيو.

11 فرينچ انجنيئر جي وارثن نه رڳو ڪيس جي جاچ ڪندڙ جج تي دعويٰ داخل ڪئي آهي پر انهن اڳوڻي صدر شيراڪ، اڳوڻي وزيراعظم ڊامنڪ ڊي وليپين ۽ ٻين تي قتل جو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو. سندن مطالبو آهي ته موجوده صدر (۽ تڏهوڪي بجيٽ واري وزير) نڪولس سرڪوزيءَ کي پڇا ڳڇالاءِ طلبيو وڃي ڇاڪاڻ ته هن ڪميشنون ڏيڻ جي منظوري ته ڏني هئي پر اهي ادا ڪرڻ بدران چونڊ خرچ طور استعمال ڪيون هئائين.

فرينچ انجنيئر جي وارثن جي وڪيل اوليور مورس موجب ڪراچيءَ ۾ فرينچ انجنيئر جي موت جو باعث بڻيل بم ڌماڪو آپگهاتي نه هو پر ان کي آپگهاتي ڌماڪي جو رنگ ڏنو ويو هو.

داخلي سطح تي مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف ۽ سول سوسائٽيءَ پاران دفاعي ادارن جي بجيٽ جا تفصيل قومي اسيمبليءَ ۾ آڻڻ، ڳجهن ادارن جي سياست ۾ حصي وٺڻ ۽ جوڙ توڙ بند ڪرڻ ۽ ايبٽ آباد واقعي تي ڪميشن قائم ڪرڻ جون گهرون توڙي خروٽ آباد ۽ ڪراچيءَ ۾ بي هٿيار انسانن تي گوليون وسائڻ ۽ صحافي سليم شهزاد جي هنياءُ ڏاريندڙ قتل تي سول سوسائٽي، صحافي ۽ انساني حقن جي تنظيمن توڙي عام شهرين پاران ڪاوڙ جو اظهار ۽ احتجاج ڳجهي اداري لاءِ ڏکيايون پيدا ڪيون آهن.

آمريڪي صدر اوباما وائيٽ هائوس ۾ تقرير ڪندي افغانستان مان سيپٽمبر2012 تائين 23 هزار آمريڪي فوجي ڪڍڻ جو اعلان ڪيو آهي. نيڪالي جي پهرئين مرحلي ۾ جولاءِ 2011ع ۾ 10 هزار فوجي ڪڍيا ويندا ۽ پوءِ مرحليوار وڌيڪ 13 هزار فوجي ڏيهه روانا ٿيندا. جڏهن ته 68 هزار آمريڪي فوجي افغانستان ۾ موجود رهندا.

افغانستان ۾ موجود نيٽو ملڪن فرانس(4000)، جرمني(4800) ۽ پولينڊ (2500) پڻ آمريڪي انخلاءَ سان ٺهڪندڙ انخلاءَ جو اعلان ڪيو آهي.

ياد رهي ته افغانستان جي سيڪيورٽي 2014ع کان افغان فوج حوالي ٿيندي، پر 2014 کانپوءِ آمريڪي فوج جي سپورٽ طور افغانستان ۾ موجود رهندي.

صدر اوباما پنهنجي تقرير ۾ اهو پڻ واضع ڪيو آهي ته “دهشتگردن لاءِ ڪي به پناهگاهون نه رهنديون” اها ڳالهه پاڪستان لاءِ کلي ڌمڪي کان گهٽ ڪجهه به نه آهي: پناهگاهون ختم ڪريو نه ته سڌي ڪارروائي ڪنداسون.

پاڪستاني عسڪري قيادت آمريڪا پاران افغانستان طالبان سان ڳالهين ۾ شامل نه ڪرڻ تي آمريڪا کان ناراض آهي، اها آمريڪي “بليڪ ول فارمولا” کان پڻ خائف آهي. “بليڪ ول فارمولا” (2001 کان 2003ع تائين ڀارت ۾ سفير رهندڙ) آمريڪي رابرٽ بليڪ ول پاران پيش ٿيل افغان مسئلي جو حل آهي. ان فارمولا هيٺ افغانستان کي غيرپشتون اُتر ۽ پشتون ڏکڻ ۾ ورهائڻ (الڳ الڳ ملڪ ٺاهڻ) جي ڳالهه ڪيل آهي. ان فارمولا تي جيڪڏهن عمل ٿئي ٿو ته پاڪستان کي خدشو/ يقين آهي ته ڊيورنڊ لائين (پاڪ – افغان سرحد) جي ٻنهي پاسن جي پشتونن جي اتحاد جي نتيجي ۾ خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جا پشتون علائقا پاڪستان کان ڌار ٿي ويندا.

آمريڪي سياسي ۽ عسڪري قيادت پاڪستان جي عسڪري قيادت کي ڀروسي جوڳو نٿي سمجهي ان کي “ڊبل گيم” کيڏندڙ سمجهي ٿي. ايبٽ آباد آپريشن ۽ افغان طالبان سان ڳالهين ۾ آمريڪا پاران پاڪستان کي شامل نه ڪرڻ وارا عمل ان جو ثبوت آهن.

پاڪستاني عسڪري قيادت پاران اُتروزيرستان ۾ آپريشن ڪرڻ کان انڪار پڻ آمريڪين کي ناپسند آهي. پاڪستاني اختيارين وٽ انڪار ڪرڻ جا ڪيترائي سبب آهن جن مان مکيه اهو آهي ته اهڙي آپريشن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ دهشتگردي ۽ انارڪي وڌندي. ملڪ جي سياسي ڪلچر ۾ برداشت جي عنصر جي لڳ ڀڳ اڳيئي اڻهوند آهي.

اُتروزيرستان Defacto “اسلامي امارت آف نارٿ وزيرستان” آهي.

افغانستان مان 23 هزار آمريڪي فوجي ۽ ان تناسب سان نيٽو فوجي نڪرڻ نيٽو جي رسد جي حوالي سان پاڪستان جي گهرج ۽ اهميت پڻ گهٽ ٿيندي. هن وقت نيٽو جي رسد جو 40 سيڪڙو پاڪستان رستي افغانستان وڃي ٿو. پاڪستان مسلح گروپن ذريعي نيٽو جي رسد جي قافلن/ٽينڪرن تي حملن وسيلي يا رسد بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏيئي پنهنجو اُلو سڌو ڪندو رهيو آهي. امڪان آهي ته پاڪستان رستي نيٽو جي رسد گهٽائي سِنگل ڊجٽ(هڪ انگ) ڪئي ويندي. هليري ڪلنٽن چئي چڪي آهي ته افغانستان ۾ ڪاميابي پاڪستان کانسواءِ به ممڪن آهي.

واضح رهي ته پاڪستان جو سگهارو ادارو، نيٽو رسد جي مد ۾ 500 ملين ڊالر آمريڪا ساليانوکان وصول ڪري ٿو.

افغانستان ۾ استحڪام لاءِ آمريڪي سينيٽ جي پرڏيهي ڪميٽي جي سربراهه سينيٽر جان ڪيري پاڪستان تي دٻاءُ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيئي ٿو. ان حقيقت کان انڪار ممڪن ڪونهي ته آمريڪا پاڪستان تي گهڻ پاسائون ۽ تڪليف پهچائيندڙ دٻاءُ وجهڻ جي سگهه رکي ٿو. مثال طور آمريڪي امداد ۾ گهٽتائي يا ان جي بندش، بين الاقوامي مالياتي ادارن جهڙوڪ IMF ، عالمي بينڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بينڪ طرفان پاڪستان کي قرض ڏيڻ کان انڪار يا ڳرا شرط، پاڪستاني رستي نيٽو رسد ۾ غير معمولي ڪمي، بليڪ ول فارمولا تي عملي پيش قدمي، بلوچ ويڙهاڪن جي وڏي پيماني تي حمايت، پاڪستاني طالبان ذريعي دهشتگرد ڪارواين ۾ واڌاري ۽ عالمي سطح تي پاڪستاني سگهارن ڳجهن ادارن کي عالمي امن لاءِ خطرو قرار ڏيڻ ذريعي آمريڪا، پاڪستان جي، مقتدر قوتن کي ديوار سان لڳائي سگهي ٿو. ملڪ جون مقتدر قوتون داخلي ۽ عالمي سطح تي ساک جي بحران کي منهن ڏيئي رهيون آهن. ان حقيقت کان انڪار ڪو اڻڄاڻ يا مجذوب شخص ئي ڪري سگهي ٿو ته پاڪستان کي درپيشن سمورا داخلي ۽ خارجي مسئلا مقتدر قوتن جي سڌي يا اڻ سڌي حڪومت ۽ انهن جي ٺاهيل ڪوتاهه نظر پاليسين جو ئي منطقي نتيجو آهي. پاڪستان جون مقتدر قوتون اهو ڄاڻن ٿيون ته ملڪ GDP (مجموعي قومي پيداوار) جو اڌ قرض ۾ ڏئي ٿو ۽ ادار تباهه ٿي چڪا آهن. اهي ان حقيقت کان به باخبر آهن ته ملڪي معاشرو انتشار ۽ بيقينيءَ جو شڪار آهي ۽ سياست (ڪنٽرولڊ هئڻ ڪري) ڪرپشن ۽ Militancy جي ور چڙهي مختلف مافيائن جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي.

ڪنهن به ملڪ جو تعارف ان ملڪ جو سياسي نظام ۽ اڻ ڌري ميڊيا هوندي آهي ۽ پنهنجي جوهر ۾ اهي ٻئي عنصر قانون جا پابند ۽ عوام دوست هوندا آهن. بدقسمتي سان اسان جي ملڪ ۾ سياسي نظام ۽ ميڊيا جي نمائندگي“شاهه دوله جا پروگرامڊ چوها” ڪندا رهيا آهن ۽ اڄ به اسان تي اهي ئي مسلط آهن.

ان منظر نامي کي سامهون رکندي اها اڳڪٿي ڪرڻ ڪا ڏکي ڳالهه ڪانهي ته پاڪستان ڪنهن به ختم جو ٽڪراءَ برداشت نٿو ڪري سگهي.

پاڪستان جو شهري انفرادي طور پنهنجي سڃاڻپ پنهنجي ڌرتي ۽ ٻوليءَ جي بنياد تي ڪرائڻ ۾ فخر محسوس ڪري ٿو ۽ اها حقيقت آهي ته انهن لاءِ “اردو” هجي يا “شيرواني” ٻئي اهڃاڻ اوپرا ۽ ثانوي حيثيت رکن ٿا.

هن ملڪ کي اهي Haves به پنهنجو وطن نٿا سمجهن جن کي هن ملڪ ئي گنگـُو تيليءَ مان راجا ڀوڄ بڻائي ڇڏيو. اهي به پنهنجو ناڻو سوئس اڪائونٽس ۾ رکن ٿا، ته پوءِ ملڪ جا Have Nots (محروم ۽ ذلتن جا ماريل شهري)شارٽ ڪٽ ڳوليندڙ، ڪنڊا هڻي بجلي ٻاريندڙ ۽ ضمير فروشي ڪندڙ “جڳاڙي” وطن پرستي جو ڪهڙو مظاهرو ڪندا.

اخلاقي ڏيوالپڻي جو شڪار معاشرو هر سطح تي بنيادي تبديلين جو گهرجائو آهي. ملڪي ساخت ۾ تبديلي (برابري جي بنياد تي قومن جو وفاق)، ادارن ۽ فردن جي احتساب ۽ دولت جي منصفاڻي ورڇ سان United states of Pakistan جا بنياد رکي سگهجن ٿا پر اهو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو جڏهن ملڪ جون مقتدر قوتون ملڪ يا اقتدار مان ملڪ جي چونڊ ڪن ۽ پيش منظر تان هٽي پس منظر ۾ هليون وڃن.

اڄ دنيا کي Unipolar بڻائڻ ۾ آمريڪا سان ڀاڱي ڀائيوار اسان جون مقتدر سگهاريون ڌريون اڄ پنهنجو پوکيل فصل لڻڻ تي مجبور آهن. معلومات جي هن دور ۾ “شاهه دوله جي پروگرامڊ چوهن” ذريعي Status que قائم رکڻ ڏکيو ۽ عارضي ثابت ٿيندو.

جنرل ضياء (۽ سندس صلاحڪار حميد گل) پاران 1988ع ۾ محمد خان جوڻيجو حڪومت برطرف ڪرڻ جو اصل سبب افغان گهوٽالي جي حل“جنيوامعاهدي” تي جوڻيجي جي صحيح هئي. جوڻيجو جي برطرفيءَ ۽ جنيوا معاهدي تي عمل نه ٿيڻ جي نتيجي ۾ افغانستان پورن ٻن ڏهاڪن تائين گهرو ويڙهه جي ور چڙهي ويو.

پاڪستان لاءِ ماضيءَ جون غلطيون سڌارڻ جو هاڻ تاريخي موقعو آهي. مستحڪم افغانستان ئي پاڪستان جي وجود ۽ ترقيءَ جي ضمانت آهي.

 

ارشاد ڪاظمي

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو