Home / ڪور افيئر / ايم ڪيو ايم جو ڪروڌ ڪٿي دنگ ڪندو؟
above article banner

ايم ڪيو ايم جو ڪروڌ ڪٿي دنگ ڪندو؟

پاڪستان پيپلز پارٽي مٿان پوئين ٽن سالن ۾ ايوانن، اجلاسن يا روڊن تي سدائين حاوي رهندڙ ايم ڪيو ايم وارا هڪ ڀيرو ٻيهر جدائي جي راهه تي روانا ٿي ويا آهن، جنهن ۾ پهريون ڀيرو هنن پنهنجي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد کان به استعيفي ورتي آهي جيڪو گذريل ساڍن اٺن سالن تائين سنڌ مٿان حڪمراني ڪندو رهيو، ايتري حڪمراني نه انگريز گورنر ڪري سگهيا نه ئي ڪي ٻيا، جيتري ڊاڪٽر ڪئي، ايترو عرصو وڏي عهدي تي رهندڙ کان پهريون ڀيرو پارٽي پاران استعفي وٺڻ جو مطلب اهو ئي ٿي سگهي ٿو ته ايم ڪيو ايم شايد ئي هاڻي واپس حڪومتي اتحاد۾ اچي. ڇو ته ايم ڪيو ايم جي ويجهن حلقن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد کان استعيفي جو سبب ڪشمير جي اليڪشن نه پر پارٽي جو اندروني معاملو آهي جنهن کي ظاهر نه پيو ڪيو وڃي، جيڪڏهن ڪير ايم ڪيو ايم جي پارٽي جي اندروني سسٽم کان واقف ناهي ته ان کي اها خبر هجڻ گهرجي ته ايم ڪيو ايم هڪ پارٽي نه پر هڪ ادارو آهي، جنهن ۾ هر ڪم سسٽم سان ٿيندو آهي،جنهن جا سڀ اختيار، اصول، فيصلا ۽ سوچون وري هڪ شخص وٽ اچي ختم ٿي وينديون آهن، جنهن کي اهو مڪمل اختيار حاصل آهي ته هو جيڪو چاهي اهو فيصلو ڪري، ان کي ڪير به نه رد ڪري سگهي ٿو نه وري پارٽي اندر ان تي ڪير تنقيد ڪري سگهي ٿو، اهو سندن قائد الطاف حسين آهي، جنهن جي پنهنجي هڪ ٿنڪ ٽينڪ ٺهيل آهي، جيڪا ڪراچي ۾ رهندڙ يا ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ سندن محسنن تي ٻڌل آهي، جيڪي تمام گهٽ ظاهر ٿيندا آهن پر انهن جا اختيار سندن ظاهري اڳواڻن کان وڌيڪ آهن، اها ڪراڙن ۽ ماهرن تي ٻڌل ٿنڪ ٽينڪ جيڪي به صلاحون ڏيندي ان کي سڌي ريت لنڊن تائين پهچايو ويندو، اتي به هڪ الڳ ٽيم ويٺل آهي جيڪا هنن همراهن جي موڪليل تجويزن تي غور ويچار يا عمل ڪندي، ان کانپوءِ رابطا ڪاميٽي آهي جيڪا (ڏنل صلاحن جي آڌار تي) فيصلا ڪندي آهي انهن فيصلن جي آخري منظوري الطاف حسين ڏيندو آهي، اڪثر اهو چيو ويندو آهي ته رابطا ڪاميٽي جا لنڊن ۽ ڪراچي ۾ اجلاس جاري آهن اهي سڀ حقيقت کان پري آهن، اصل ۾ اهو سڀ ڪجهه حڪومت کي ٿوري مهلت ڏيڻ هوندي آهي ته هو اجلاس ختم ٿيڻ تائين غور ويچار ڪري يا معاملا طئه ڪري، ٻي صورت ۾ ان رابطاڪاميٽي جي فيصلن جي آڌار تي پريس ڪانفرنس ڪري سندن غلام ميڊيا ذريعي حڪومت کي اهي ست سريون ٻڌايون وينديون آهن جيڪي وقت به وقت هر ٻڌندو آهي، جئين ته ايم ڪيو ايم کي هلائيندڙ اصل چهرا ڪڏهن به سامهون ناهن ايندا تنهن ڪري هڪ ٻيو گروپ آهي جيڪو ميڊيا کي منهن ڏيندو آهي انهن کي هرڪو سڃاڻيندو هجي ٿو، اهي پبلڪ فگر طور سامهون اڀري ايندا آهن، ڪو وقت هو آفتاب شيخ اهم ترين شخص هوجيڪو منظر تان مڪمل گم آهي، ان جي جاءِ تي ڪنهن ٻئي کي سامهون آندو ويو، هن وقت ايم ڪيو ايم ڊاڪٽر فاروق ستار، حيدر عباس رضوي، بابر غوري، رضا هارون، فيصل سبزواري، ڊاڪٽر صغير احمد ۽ ٻيا آهن، جن مان رضا هارون کي ڪراچي ۽ ڊاڪٽر صغير احمد کي باقي سنڌ جي ذميواري سونپيل آهي.

ايم ڪيو ايم ڀلي 98ع کانپوءِ مهاجر قومي موومنٽ کان متحدو قومي موومنٽ ۾ تبديل ٿي چڪي هجي پر سندن ذهنن ۾ اڃا به ساڳيو ئي مشن موجود آهي، ڀلي ايم ڪيو ايم جا ڪيئي اڳواڻ اڄ به سنڌ ۽ ڪراچي واري تصور تي قائم آهن، هو وقت به وقت پنهنجي اڳواڻن کي ظاهر ۽ گم ڪندا رهندا آهن، وسيع جليل کان ويندي خواجه اظهار الحسن تائين ڪيترائي نوان اڳواڻ ميڊيا اڳيان ايندا رهندا آهن، اهو هڪ سسٽم آهي جنهن تحت ايم ڪيو ايم پنهنجي پارٽي کي هلائي ٿي، رابطا ڪاميٽي کانپوءِ به ڪجهه ٻيا ننڍا ننڍا ذيلي گروپ آهن جيڪي اندروني سنڌ ڪميٽي ۽ ٻين نالن سان سڏيا وڃن ٿا، پر هڪ اهم شعبو ايم ڪيو ايم جو انٽيليجنس جو آهي، جيڪو شايد پاڪستان جي ڪنهن به سياسي پارٽي وٽ ناهي ته هو رياستي ادارن جي ڀيٽ ۾ هڪ اهڙو خفيه ادارو هلائيندا هجن. جڏهن کان ايم ڪيو ايم حڪومت جو حصو بڻي تڏهن کان سنڌ ۾ رتوڇاڻ جو سلسلو وٿي وٿي سان جاري رهيو. هي ڪو پهريون ڀيرو نه هو جو ايم ڪيو ايم پي پي حڪومت کان هٿ ڪڍي وئي، ان کان اڳ ايم ڪيو ايم وارن پهريون اتحاد جسقم وارن سان ڪيو جن کي ايڏا پروٽوڪول ڏنا جو انهن جا هوش خطا ٿي ويا. جڏهن مشرف اقتدار ۾ آيو ته متحده جسقم سان ناتو ٽوڙي جنرل صاحب سان گڏجي وئي، اهو ويجهي ماضي جو پهريون اتحاد هيو، جيڪو گهڻو وقت نه هلي سگهيو، توڙي جو اسان جا ڪيترا ئي قومپرست نائن زيرو جي ياترا ڪرڻ لاءِ اڄ به آتا آهن.

ان کانپوءِ ايم ڪيو ايم مشرف سان به ماڻا ڪيا پر اهڙي رتوڇاڻ نه ڪئي هن دور ۾ ٿي، يا وري محترمه جي پهرين دور ۾ ڪرائي وئي هئي. ان کانپوءِ جڏهن مشرف جو دور ڪمزور ٿيڻ لڳو ته متحده ان کان ائين هٿ ڪڍي وئي ڄڻ هو ان سان گڏ هيا ئي نه.. پر جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي مڪاني ادارن واري وزير آغا سراج دراني ڪور ڪاميٽي جي اجلاسن ۾ هڪ کان وڌيڪ ڀيرا جڏهن ايم ڪيو ايم وارن کان اها گهر ڪئي ته اسان توهان کي گهڻو ڪجهه ڏنو آهي توهان ايندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ سٽي ناظمي پي پي کي ڏيو ته ان تي متحده تمام سخت رد عمل ڏيکاريو، جنهن ڪري پي پي اڳواڻ خاموش ٿي ويا، وري امن امان جي اجلاس ۾ گهرو وزير ذوالفقار مرزا ۽ اڳوڻي سي سي پي او ۽ آءِ جي وڳوڙ ڪرائيندڙن جا نالا کنيا ته ان تي به تمام مسئلا پيدا ٿي ويا جيڪي اڃا تائين جاري آهن.

بهرحال سياست جون هي رمزون اسان سڀني کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، پر تازو حڪومت مان متحده جو الڳ ٿيڻ رڳو ڪشمير اليڪشن وارو ايشو نه هو. ذريعن چواڻي ته ڊاڪٽر عشرت العباد کان آخري ڏهاڙن ۾ پارٽي خوش نه هئي، جنهن ڪري ان کي پنهنجي مستقبل جي اڳواٽ ئي خبر پئجي چڪي هئي پر پارٽي صوماليا کان پنهنجي 4 ووٽرن سميت 22 بحري جهاز جي عملي کي آزاد ڪرائڻ واري ڪوششن جي ڪري مناسب وقت جو انتظار ڪري رهي، ذريعن چواڻي ته جنهن ڏينهن صومالي قزاقن کان 22 ڄڻا واپس وطن پهتا ته ان جي ٻئي ڏينهن تي سنڌ جي گورنر پنهنجي ويجهن حلقن سان الوداعي ملاقاتون ڪيون ۽ انهن کي پنهنجي ٻيهر واپس نه ٿيڻ جو اشارو به ڏنو، اهو ئي سبب هو ته ڊاڪٽر عشرت کي الوداع ڪرڻ لاءِ انصار برني ايئرپورٽ تائين ويو هو، ان کان اڳ گورنر پنهنجا ٽپڙ اڳواٽ ئي موڪلي ڇڏيا ها، ذريعا ٻڌائن ٿا ته ايم ڪيو ايم ڪيترن ئي موقعن تي گورنر سنڌ پاران اهم اجلاسن ۾ پارٽي جي دفاع نه ڪري سگهڻ واري مامري تي ناخوش هئي،جنهن لاءِ هو مناسب وقت جو انتظار ڪري رهيا هيا، جڏهن ته ڪجهه مهينا اڳ هڪ لاهور جي اڳوڻي وقتي وزير ۽ هاڻوڪي اينڪر کان گورنرجي ڪيناڊا واري گهر جو اشو به اٿاريو، جنهن لاءِ اهو پئي چيو وڃي ٿو ته اهو ايشو سندن مرضي کانسواءِ نه پئي ميڊيا تي اچي سگهيو. چون ٿا ته ايم ڪيو ايم کي اڳوڻي سي سي پي او وسيم احمد جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري هوم سنڌ ٿيڻ تي به اعتراض آهن جنهن سان سندن اختلاف 2009ع ۾ شروع ٿيا هيا، نتيجي ۾ وسيم احمد کي سي سي پي او جي عهدي تان هٿ کڻڻو پيو ۽ وڃي ڊي جي ايف آءِ اي لڳو. پر امن امان جي صورتحال بهتر نه هجڻ ۽ سياسي طور حالتون خراب هجڻ جي حوالي سان عوامي نيشنل پارٽي جي صدر شاهي سيد جي هي ڳالهه اهم ٿي لڳي ته “ ڪراچي ۾ حالتون خراب ڪرڻ جي ذميواري پي پي ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ ٿيل ان ڳجهي معاهدي مٿان آهي جنهن کي لڪائڻ لاءِ به هنن جو پاڻ ۾ معاهدو ٿيل آهي”. شاهي سيد موجب ايم ڪيو ايم سان پي پي جو اهو معاهدو اتحاد ٿيڻ کان اڳ ۾ ٿيو هو ته ڪراچي ۾ جيڪو ڪجهه به ٿيندو اهو سندن مرضي سان ٿيندو. جنهن ڪري ادارا بي اختيار آهن جيڪي ڪجهه به نه ٿا ڪري سگهن.هڪ اعلي عملدار چواڻي ايم ڪيو ايم کي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي ٻيهر واپسي تي سخت اعتراض آهن جنهن کي روڪڻ لاءِ هو ڏنڊي جو زور به هلائي چڪا آهن پر تازين ڳالهين ۾ هڪ ڳالهه سامهون آئي آهي ته جيڪڏهن متحده حڪومت جي واپس آئي ته پوءِ مرزا کي پراڻو کاتو نه ملندو ان کي ڪا ٻي ذميواري ڏني ويندي، ۽ سندس کاتو وڏي وزير وٽ ئي رهندو.

جيڪڏهن حڪومت جو متحده سان اندروني طور معاهدو ٿي به وڃي ٿو ته به گورنر سنڌ جي واپسي جو امڪان نظر نه ٿو اچي، جنهن ۾ کين اهي سهولتون هونديون جيڪي کين حڪومت ۾ هوندي هيون، جيڪڏهن هو واپس حڪومتي بينچن تي نه ٿا اچن ته به ڪو مسئلو ناهي، پر هو مخالف ڌر جي بينچز تي ويهي به حڪومت جي سپورٽ ڪري سگهن ٿا. پر ان معاهدي ۾ رحمان ملڪ جو ڪو ڪردار ان ڪري به نه هوندو جو ان جي گارنٽي ختم ٿي چڪي آهي جن جي لاءِ ان ايترو ڪجهه ڪيو ان سان جيڪا ڪار ٿي اها شايد ئي ڪنهن سان ٿي هجي، ڇو ته متحده هڪ ڀيري ته ان جو نائن زيرو تي استقبال ئي نه ڪيو نه ئي ڪنهن ان کي کنگهيو تنهن هوندي به همراه وري به اتي ويو ۽ کلندو واپس آيو. پر هن ڀيري رحمان ملڪ کي انهن هدف بڻايو نيتجي ۾ رحمان ملڪ جي لاءِ دعا جا در بند ٿي ويا. تنهن ڪري ايم ڪيو ايم ۽ پي پي ڳالهين لاءِ ڪنهن ٽين ڌر جي مدد حاصل ڪئي پئي وڃي، جيڪو ٻنهي جي لاءِ قابل قبول هجي. اهو ڪير ٿي سگهي ٿو، ان جي لاءِ ضروري ناهي ته ڊاڪٽر عاصم يا ڪو پاڪستان سان لاڳاپيل شخص هجي جيڪو ٽياڪڙي ڪري، نه ئي پاڪستان پيپلز پارٽي قيادت کي اوتري ڳڻتي آهي جيتري کين ق ليگ جي ٽيڪ ملڻ کان اڳ هئي. ڇو ته پي پي قيادت کي اها اڳواٽ ئي خبر هئي ته ايم ڪيو ايم تي ڀروسو ڪرڻ سندن لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو، تنهن ڪري انهن سڀ ڪجهه ڏسڻ کانپوءِ گجرات جي چوڌرين جو در کڙڪايو. جنهن جي آسري تي حڪومت هلي پئي، ڪجهه ذريعن جي دعويٰ آهي ته ايم ڪيو ايم حڪومت ۾ هنن شرطن تي واپس اچي سگهي ٿي.

· بلدياتي نظام کي ختم ڪرڻ بدران ڪراچي، حيدرآباد(ضلعن) ۽ سکر ۽ ميرپورخاص( تعلقن) ۾ بنا ڪنهن سيٽ ايڊجسٽمينٽ جي ايم ڪيو ايم کي واپس شهر جو ڪنٽرول ڏيڻ

· ڪراچي، حيدرآباد ضلعن، ميرپورخاص ۽ سکر تعلقن ۾ انتظامي مداخلت ختم ڪرڻ ،( توڙي جو اهو اختيار اڳواٽ ئي گورنر حوالي هيو ته هو ڄاڻايل شهرن کي سنڀاليندو)

· بلديات يا گهرو وزارت جو قلمدان متحده کي ڏيڻ

· ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي واپس قلمدان نه ڏيڻ

· سنڌ جي گهرو سيڪريٽري وسيم احمد کي هٽائڻ

· ڪراچي ۾ سرڪاري زمينن جي الاٽمينٽ جا اختيار سٽي حڪومت کي ڏيڻ

· گرفتار ٿيل ڪارڪنن کي آزاد ڪرڻ

· عوامي نيشنل پارٽي ۽ لياري ۾ ڪجهه گروپن خلاف ڪارروائي ڪرڻ

· سٽي وارڊن کي سنڌ پوليس جو حصو بڻائڻ

· تازو 143 دهشتگردي ڪيسن ۾ ملوث 107 پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ

هي مطالبا صحيح آهن يا غلط پر ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم جا هي مطالبا تسليم ٿين ٿا ته هو واپس اچي سگهن ٿا، ان سان گڏ سندن مرضي سان گورنر به نامزد ٿي سگهي ٿو ان لاءِ ايم ڪيو ايم وٽ ايم اي جليل جو نالو موجود آهي ٿي سگهي ٿو هو ڪو ٻيو نالو ڏين، ان لاءِ وڌيڪ ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ هوندو، مفاهمت جي نالي ۾ سياسي اصولن جي قتلام ٿيڻ کانپوءِ اڄوڪي سياست ۾ اتحادين جو رسڻ ۽ پرچڻ ڪو اهم مسئلو ناهي رهيو، ۽ خاص ڪري انهن جو رسڻ جيڪي ڌوتين جيان عادي هجن تن تي ته هاڻي عوام کي به ڪا وڏي ڳڻتي ناهي ٿيندي، ڇو ته وڏي اڪثريت کي پوئين ٽن سالن ۾ اهو تجربو ٿي چڪو آهي ته اهي ڇا ٿا چاهين؟ محترمه جي شهادت ۽ 18 فيبروري 2008ع جي عام چونڊن کانپوءِ جيئن ئي پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي عوام جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ کي ڪيش ڪرائي اقتدار ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ پهتي ته ان جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ڪراچي مان مينڊيٽ جي احترام جو آواز اٿيو، جنهن جو ڍنڍورو پٽڻ ۾ اها ميڊيا اڳڀري هئي جيڪي هڪ جنرل سان ته وڙهي سگهي پئي پر ڪراچي وارن ڪروڌين سان وڙهڻ سندن وس ۾ ان ڪري به ناهي جو سندن مفاد هن شهر جي مافيائن سان جڙيل آهن، تنهن ڪري هو هڪٻئي جي سهاري بنا ساهه به نه ٿا کڻي سگهن. چون ٿا ته ان پروپيگنڊا جي پٺيان آمريڪا جو به هٿ هيو. بحرحال ان کانپوءِ ڪراچي مان صوبائي جون 51 ۽ قومي جون 19 سيٽون حاصل ڪرڻ ۾ ٿي ويا، جنهن لاءِ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن آمريڪي سفير اين ڊبليو پيٽرسن کي اڳواٽ ئي ٻڌايو هو ته هو ايندڙ اليڪشن ۾ 20 کان 25 سيٽون حاصل ڪري ويندا ۽ ايم ڪيو ايم کي نظر انداز نه ڪيو وڃي. ڪيئن به ڪري ايم ڪيو ايم کي حڪومت ۾ شامل ڪرايو ويو ۽ اڃا ايم ڪيو ايم حڪومت ۾ شامل ئي نه ٿي هئي ته انهن جو پهريون ڦڏو حڪومت سان ارباب رحيم جي معاملي تي ٿيو، نتيجي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ 9 اپريل جو واقعو پيش آيو جنهن ۾ وڪيلن کي آفيسن ۾ بند ڪري زنده ساڙيو ويو. هاڻي به عملدار اهو ئي چون ٿا ته جيڪڏهن پي پي ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ ظاهري يا اندروني ڪو معاهدو ٿيو ته پوءِ جئين صورتحال اڳي هئي تئين هوندي جي نه ته ان کان به وڌيڪ خراب….

 

امتياز چانڊيو

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو