Home / ڪور افيئر / ايم ڪيو ايم جي حڪومت کان علحدگي مستقبل جو سياسي منظرنامو ڇا بيهندو؟
above article banner

ايم ڪيو ايم جي حڪومت کان علحدگي مستقبل جو سياسي منظرنامو ڇا بيهندو؟

ايم ڪيو ايم پاران پيپلزپارٽيءَ سان حڪومتي اتحاد ختم ڪرڻ وارو قدم هن ڀيري معمولي نوعيت جو قدم نه آهي، ڪراچيءَ ۾ بدامنيءَ کي بهانو بڻائڻ يا پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ واڌاري جي آڙ ۾ ايم ڪيو ايم هر ٽن مهينن کانپوءِ حڪومت کان ڌار ٿيڻ جي ڌمڪي ڏيندي رهي، هڪ دفعو ايئن ٿيو ته ايم ڪيو ايم جي وفاقي وزيرن استعيفائون ڏنيون پر سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم جا وزير حڪومت ۾ شامل ۽ گورنر سنڌ پنهنجي عهدي تي موجود رهيو . ايم ڪيو ايم جي وزيرن پاران ڏنل اهي استعيفائون ان وقت ڳالهين جي طويل دور کانپوءِ واپس وٺي ٻيهر حڪومت ۾ شموليت اختيار ڪئي وئي جڏهن مسلم ليگ (ق) وفاقي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. مسلم ليگ (ق) پاران پيپلزپارٽيءَ سان اتحاد ڪرڻ جو پريشر صرف شريف ڀائرن جا دڳ روڪڻ لاءِ نه هو پر ايم ڪيو ايم کي به اهو احساس ڏيارڻ هو ته هاڻي بليڪ ميلنگ جي ليول گهٽجڻ گهرجي!. ڪجهه سياسي تجزئي نگار سمجهن ٿا ته پارلياماني محاذ تي حڪومت جي مضبوط ٿيڻ کانپوءِ حڪمرانن کي مجبورين جي نئين راهه تي رلائڻ لاءِ ايم ڪيو ايم کي حڪومت کان انهن قوتن ڌار ڪرايو آهي، جن قوتن جو آصف علي زرداريءَ پاران بينظير ڀٽو جي سالگره جي موقعي تي نئين ديري ۾ ڪيل تقرير دوران دفاع ڪيو ويو. اهو به محسوس ڪيو ويو ته پيپلزپارٽيءَ سنڌ اندر ايم ڪيو ايم جي فرمائشن کي کلئي عام رد ڪري پنهنجي ايجنڊا تي اڃا عمل شروع نه ڪيو هو پر ايم ڪيو ايم کي اهو محسوس ضرور ٿيو ته پيپلزپارٽيءَ جي روئي ۾ فرق اچڻ لڳو آهي. تنهن ڪري ايم ڪيو ايم پنهنجي سياست جي بهتري لاءِ حڪومت کان ڌار ٿيڻ کي مناسب سمجهيو. پر هن مهل تائين حڪومت خلاف جيڪا جنگ ڇيڙي وئي آهي ۽ بظاهر ايم ڪيو ايم جنهن ڳالهه کي حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو سبب بڻايو آهي اها جنگ ڪشمير ۾ اليڪشن کٽڻ ۽ هارائڻ وارين ڌرين جي آهي. ڪشمير جي اليڪشن ۾ پيپلزپارٽيءَ جي ڪاميابي اسٽيبلشمينٽ جي ڪجهه ڌرين کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي. مسلم ليگ (ن) ۽ سندن ساٿاري ڌريون ڪشمير جي اليڪشن ۾ ڌانڌلين جي واويلا کڻي ميدان تي پاڻ ملهائي رهيون آهن ۽ ڪوشش اها ڪئي پئي وڃي ته چونڊن کي رد ڪرائي پيپلزپارٽيءَ جي وڌندڙ سياسي دائري کي ڪنهن هڪ نقطي تي روڪيو وڃي. ملڪ جي چئني صوبن مان صوبائي توڙي وفاقي سطح تي ڀرپور مينڊيٽ حاصل ڪرڻ کانپوءِ گلگت بلتستان ۽ هاڻي ڪشمير ۾ ڪاميابي پيپلزپارٽيءَ جي مخالفن لاءِ اهڙو ڏک آهي جنهن جو روئڻو ته روئي سگهجي ٿو پر موجوده صورتحال ۾ ان ڏک جو خاتمو نه ٿو ڪري سگهجي.

ڌانڌلين جي الزامن کي طوفان بڻائي پيپلزپارٽيءَ جي ڪاميابيءَ ۽ ملڪ جي وڏي پارٽي هجڻ واري اثر کي ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش پٺيان جيڪو اصل راز دٻيل آهي اسلام آباد جا سياستدان ان طرف اشارو ڪندي چون ٿا ته مسلم ليگ (ق) جي حڪومتي اتحاد ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ مڊٽرم چونڊن جي مطالبي کي طاقتور ڌرين پاران رد ڪرڻ جو جڏهن سگنل مليو ته ڪوشش اها ڪئي وئي ته اهڙو ڪارڊ کيڏيو وڃي جنهن جي مدد سان حڪومت جي پارليامينٽ ۾ موجود ٻه ڀاڱي ٽي واري اڪثريت جو خاتمو آڻي آئين ۾ ترميمون ڪري حڪومت هلائڻ واري سگهه کي ٽوڙجي. ارڙهين ترميم کانپوءِ نئين قانون موجب اليڪشن ڪميشن جي جوڙجڪ نئين سري سان ڪرڻي هئي پر مسلم ليگ (ن) جي روئي جي ڪري اليڪشن ڪميشن جي تشڪيل لاءِ جڙندڙ پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ ۾ دير ڪئي وئي ۽ ان صورتحال ۾ اصل موڙ تڏهن آيو جڏهن سپريم ڪورٽ اهو فيصلو ڏنو ته اليڪشن ڪميشن جي نئين قانون موجب جوڙجڪ نه ٿيڻ ڪري ارڙهين ترميم کانپوءِ جيڪي به ضمني چونڊون ٿيون آهن انهن کي غيرقانوني قرار ڏئي سگهجي ٿو. اهڙو اعلان ٿيڻ بعد حڪومت پارلياماني نظام برقرار رکڻ لاءِ فيصلو ڪيو ته 19 هين ترميم منظور ڪرائي ضمني چونڊن کي تحفظ ڏنو ويندو. واضح رهي ته آئين ۾ ترميم ڪرڻ لاءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت جو هجڻ لازمي آهي. وچ مدي وارين چونڊن کي منعقد ڪرائڻ ۾ ناڪاميءَ کانپوءِ حڪومت کي مجبورين جي وَرِ چاڙهڻ جو اهو بهتر رستو هو ته ايم ڪيو ايم کي حڪومت کان ڌار ڪرائي قانونسازيءَ جو رستو روڪيو وڃي. ڪافي عرصي کان اهو تجزيو ٿيندو رهيو آهي ته آصف علي زرداري چاهي ٿو ته مارچ 2012 تائين پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت هر حال ۾ موجود رهي ته جيئن سينيٽ جي چونڊن ۾ کين اڪثريت حاصل ٿئي. تقريبن 9 مهينن جي عرصي تائين حڪومت کي جيئن جو تيئن برقرار رکڻ لاءِ پيپلزپارٽيءَ کي مسلم ليگ (ق) سان اتحاد ڪرڻو پيو ۽ هاڻي ايم ڪيو ايم آڏو هڪ دفعو ٻيهر ميڙ منٿ ڪئي پئي وڃي ته جيئن ايم ڪيو ايم حڪومت ۾ شامل ٿئي ۽ پارليامينٽ ۾ قانونسازي ڪري اڳتي وڌجي.

حاصل مطلب هي آهي ته ايم ڪيو ايم کي حڪومت کان ڌار ڪرائيندڙ قوتون چاهن ٿيون ته سياسي ۽ حڪومتي سطح تي عدم استحڪام واري صورتحال هن حڪومت جي قائم ٿيڻ واري پهرئين ڏينهن کان وٺي جيئن قائم رهندي آئي آهي تيئن ئي قائم رهي. ڪشمير وارين چونڊن ۾ ڌانڌليءَ جو الزام فقط بهانو آهي. پيپلزپارٽي پاران ايم ڪيو ايم کي پرچائڻ جون ڪوششون هڪ دفعو ٻيهر شروع ڪيون ويون آهن ۽ ايئن لڳي پيو ته ڪجهه نوان مطالبا ۽ فرمائشون پوريون ڪرائي ايم ڪيو ايم ٻيهر حڪومت ۾ شامل ٿي سگهي ٿي، ڇو ته حڪومت مان نڪرڻ ۽ ٻيهر شامل ٿيڻ ايم ڪيو ايم جي حڪمت عملي رهي آهي ۽ اهو ڪو اصولي يا نظرياتي معاملو نه آهي. ايم ڪيو ايم کي اهو به سمجهه ۾ اچي ٿو ته مسلم ليگ (ن) يا ڪنهن ٻئي جي ايجنڊا تي عمل ڪرڻ سان سندن فائدو اگر ٿيندو به ته اها مستقبل جي ڳالهه هوندي پر سندن سياست جي بقا ۽ ڪراچيءَ تي ڪنٽرول برقرار رکڻ جي مجبوري اها آهي ته ايم ڪيو ايم وقت جي حڪومت سان ڪوئي ٻِليءَ واري راند جاري رکي. سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد جي استعيفيٰ ايوان صدر کي تازوئي ملي آهي ۽ هو لنڊن بدران دبئي ۾ ترسيل آهي. ٻئي طرف وزيراعظم ۽ سنڌ جي وڏي وزير پاران ايم ڪيو ايم جي وزيرن جون استيعفائون منظوريءَ لاءِ گهربل قانوني مرحلي ۾ داخل ناهن ڪيو ويون. مطلب ته پيپلزپارٽي سمجهي ٿي ته ايم ڪيو ايم استعيفائون واپس وٺڻ جي پوزيشن ۾ آهي. ۽ اگر ايم ڪيو ايم استعيفائون واپس ورتيون ته پوءِ پيپلزپارٽيءَ کي پريشان ڪرڻ لاءِ هڪ ٻيو بحران تياري هيٺ آهي.

ان هٿرادو بحران جو ذڪر صدر آصف علي زرداري به ڪري چڪو آهي. پيپلزپارٽيءَ کي سينيٽ چونڊن ۾ اڪثريت حاصل ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ مسلم ليگ (ن) ان آپشن جو سنجيدگيءَ سان جائزو ورتو آهي ته پنجاب اسيمبليءَ کي ڊاهڻ جو مطالبو ڪري چونڊن جي راهه روڪي وٺجي. مسلم ليگ (ن) سياسي ميدان ۾ ناڪامين کانپوءِ ڪا سياسي حڪمت عملي يا سياسي اتحاد جوڙي پيپلزپارٽيءَ جو مقابلو ڪرڻ کي اوليت ڏيڻ بجاءِ سازشي انداز اختيار ڪيو آهي جنهن جي ڪري سندن سياست وڌيڪ محدود ٿي رهي آهي ۽ باشعور حلقن پاران مٿانئن تنقيد ڪئي پئي وڃي. مسلم ليگ (ن) سمجهي ٿي ته اگر پنجاب جو وڏو وزير ڪنهن ڳالهه کي بهانو بڻائي صوبي جي گورنر کي اها درخواست ڪندو ته صوبائي اسيمبليءَ کي ختم ڪيو وڃي ته سينيٽ جون چونڊون وقت سِرِ نه ٿي سگهنديون ۽ قومي اسيمبليءَ جو برقرار رهڻ به مشڪل ٿي ويندو ڇو ته مسلم ليگ (ن) جا ايم اين ايز به استعيفائون ڏئي ڇڏيندا. اهڙو آئيني بحران پيدا ٿيڻ کانپوءِ ضروري هوندو ته ”طاقتور ڌريون“ اڳتي اچن، آصف زرداريءَ کي صدارت کان الڳ ٿيڻ جو چون ۽ قومي حڪومت قائم ڪري نگران حڪومت جي انتظام هيٺ نيون چونڊون ڪرايون وڃن. مسلم ليگ (ن) ان آپشن تي عمل ڪرڻ جو ڪو واضح اشارو ناهي ڏنو پر تجزئي نگار سمجهن ٿا ته ايئن ٿي سگهي ٿو. ڇو ته اگر پيپلزپارٽيءَ جي رستي روڪ نه ڪئي وئي ته مستقبل جي سياست ۽ پارلياماني سگهه پيپلزپارٽي وٽ هلي ويندي ۽ پيپلزپارٽيءَ جي حمايت کانسواءِ ڪا ڌر حڪومت ته ٺاهي سگهندي پر قانونسازي نه ڪري سگهندي. مقتدر قوتون به ان خيال جون آهن ته پيپلزپارٽيءَ جو وڌندڙ اثر هڪ هنڌ رڪجڻ گهرجي.

سينيٽ جا اڌ ميمبر هر ٽن سالن کانپوءِ رٽائر ٿي ويندا آهن ۽ سندن جاءِ تي نوان ميمبر ايم پي ايز جي ووٽن تي چونڊجي ايندا آهن. موجوده سينيٽ مان پيپلزپارٽيءَ جا 6 يا 7 سينيٽر رٽائر ٿيندا جڏهن ته ايندڙ چونڊن ۾ پيپلزپارٽيءَ کي اميد آهي ته سندن 15 کان وڌيڪ نوان سينيٽر چونڊجي ايندا ۽ ايئن ايوان بالا ۾ سندن سينيٽرن جو انگ 35 کان مٿي ٿي ويندو. جيڪا طاقت فيصله ڪن هوندي. آئين ۾ ڪا به ترميم ڪرڻ يا ڪو قانون متعلق بل تڏهن ئي منظور ٿيندو آهي جڏهن قومي اسيمبليءَ سان گڏوگڏ سينيٽ به ان جي منظوري ڏئي ۽ اگر مستقبل ۾ وفاقي حڪومت بجاءِ ڪنهن ٻي پارٽيءَ جي حڪومت قائم ٿيندي ۽ پيپلزپارٽي مخالف ڌر ۾ هوندي ته ان حڪومت کي قانونسازي ڪرڻ لاءِ هر دفعي پيپلزپارٽيءَ آڏو اچي هٿ ٻڌڻا پوندا. پر، اهو اڃا مستقبل جو مسئلو آهي جنهن تي توڙي جو هر سياسي توڙي ”غيرسياسي“ ڌر پنهنجي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي پر في الحال مسئلو آهي ايم ڪيو ايم پاران حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو. جيئن ڪن تجزئي نگارن چيو ته ايبٽ آباد آپريشن کانپوءِ ”ڪمزور ٿي پيل ادارن“ کي مستحڪم ڪرڻ بجاءِ پيپلزپارٽي کين سياسي قيادت جي تابع ڪرڻ جو تاريخي ڪم ڪري تيئن ئي سنڌ جي عام ماڻهن ۽ ايم ڪيو ايم تي تنقيد ڪندڙن جي خواهش سامهون آئي آهي ته سندن نخرا کڻڻ بجاءِ پيپلزپارٽي وٽ اهو موقعو آيو آهي ته سنڌ ۾ ڪمشنري نظام لاڳو ڪري مڪاني چونڊون ڪرايون وڃن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي چونڊ تڪن ۾ مشرف حڪومت جي ڏينهن ۾ جيڪا ڦيرڦار ڪئي وئي اها ختم ڪري اصل تڪ بحال ڪيا وڃن. ڪراچيءَ کي 4 ضلعن ۽ 8 کان وڌيڪ انتظامي ٽائونن ۾ ورهائي انتظامي ۽ مالياتي معاملن تان ايم ڪيو ايم جي هڪ هٽي ختم ڪئي وڃي. پيپلزپارٽيءَ جي موجوده قيادت جي پاليسيءَ ۽ گذريل ٽن سالن دوران حڪومت هلائڻ وارين روايتن جي انداز کي نظر ۾ رکندي لڳي ٿو ته جيئن ”مقتدر قوتن“ جو ڏنگ نه ڪڍيو ويو تيئن ايم ڪيو ايم جي من ماني ختم ڪرڻ لاءِ به ڪو دٻنگ قسم جو ڪم ڪرڻ جهڙو ارادو پيپلزپارٽيءَ قيادت جي حڪمت عمليءَ ۾ شامل نه آهي. ۽ اهو به سوچڻ گهرجي ته پيپلزپارٽي پنهنجي سنڌي ووٽر ۽ اي اين پيءَ جي خوشيءَ لاءِ اگر ايم ڪيو ايم سان رياستي ادارن جي مدد حاصل ڪري جهيڙو ڪري به ته ڪراچيءَ تي ان جا منفي اثر ضرور ظاهر ٿيندا ۽ حڪومت شايد انهن اثرن جي لپيٽ ۾ اچي انتهائي ڏکي صورتحال جي ور چڙهندي پر سڀ کان اهم ڳالهه اها به آهي ته ڪراچيءَ تي پٺاڻن جو سياسي ۽ مافيائي قبضو به وڌي ويندو جيڪو سنڌ جي ماڻهن لاءِ ڪنهن ريت به بهتر نه هوندو. هن صورتحال ۾ ان ڳالهه جي حمايت ته ڪري سگهجي ٿي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد کي اردو ڳالهائيندڙن جي قبضي ۾ ڏيڻ واري جيڪا حد بندي ڪئي وئي آهي ان کي ضرور ختم ڪيو وڃي پر اها ڳالهه ڪرڻ ته صرف ايم ڪيو ايم خلاف پوليس جي سطح جو به آپريشن ڪري کين ديوار سان لڳايو وڃي اهو سنڌ جي اندروني سياسي، معاشي ۽ لساني صورتحال لاءِ بهتر نه ٿيندو. انهن خدشن جي هر بحث مان جهلڪ نظر اچي ٿي ۽ ٿي سگهي ٿو ته اهي خدشا، خدشا ئي رهجي وڃن ۽ پيپلزپارٽي هڪ دفعو ٻيهر ايم ڪيو ايم کي پرچائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي. پر هن دفعي ايم ڪيو ايم پاران حڪومت ڌار ٿيڻ بهرحال معمولي قدم نه آهي. ان پٺيان غيرمعمولي سياسي حڪمت عملي موجود آهي.

 

ياسين جوڻيجو

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو