Home / افيئر / يونان ڪنگال ڪيئن بڻيو؟
above article banner

يونان ڪنگال ڪيئن بڻيو؟

دنيا جهان کي فلسفي، آرٽ ۽ ڏاهپ جا ڏس ڏيندڙ يونان اڄڪلهه سياسي ٻائيتال جو شڪار آهي. صورتحال ان نهج کي وڃي پهتي آهي جو هاڻوڪي يوناني سرڪارخلاف مخالف ڌر عدم اعتماد جو ووٽ به ايوان ۾ آندو ليڪن حڪومت هن ڀيري شڪست کان بچي وئي. بي اعتمادي جو ووٽ ان وقت ايوان ۾ آندو ويو جڏهن سوشلسٽ سرڪار ملڪ جي ٻڏندڙ معشيت کي سهارو ڏيڻ لاءِ حڪومت کي آءِ ايم ايف ۽ عالمي بينڪ سان به رجوع ڪرڻو پيو، ڇو ته ان کانسواءِ معاشي استحڪام جا ٻيا سمورا آپشن حڪومت وٽ کٽي چڪا هئا. ظاهر آهي ته مذڪوره ٻئي ادارا جن به ملڪن کي قرض ڏيندا آهن ته پنهنجا شرط به ضرور لاڳو ڪندا آهن. سو يونان سان به انهن پنهنجا شرط لاڳو ڪيا، جنهن تي عوام سخت چڙي پيو. ايئن جنهن ڏينهن پارليامنٽ مان اهڙو بل پاس ڪرايو پئي ويو ان ڏينهن هزارين ماڻهن اٿينز ۾ پارليامنٽ ٻاهران مظاهرو ڪيو. ماڻهن جو مطالبو هو ته مٿن آءِ ايم ايف ۽ عالمي بينڪ جا مڙهيل سخت شرط واپس ورتا وڃن، اهي شرط عوام دشمن آهن، انهن سان عوام ۾ رهيل کهيل رت به نچوڙجي ويندو.ليڪن ٻئي طرف حڪمران ڌر لاءِ اهو مسئلو هو ته جيڪڏهن ملڪ جي معشيت سخت قدمن ذريعي بهتر نه پئي ڪئي وئي ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري وڃي ها. اهوئي سبب هو جو يونان حڪومت ڊفالٽ کان بچڻ خاطر يورو زون کان مدد وٺڻ لاءِ ڪوششون ڪيون. ان لحاظ کان معشيت کي ٽيڪ ڏيڻ لاءِ سروسز ٽيڪس ۾ ٽيڻ تي واڌ، () ختم ڪرڻ جهڙا سخت قدم شامل هئا جنهن ڪارڻ بيروزگاري ۾ پڻ واڌ آئي آهي.

ياد رهي ته يوناني وزير اعظم پينڊوو جونيئر جي سوشلسٽ حڪومت جولاءِ 2001 ڌاري پڻ معاشي استحڪام خاطر اهڙائي سڌارا لاڳو ڪيا هئا، تڏهن پڻ يونان سخت معاشي مشڪلات جو شڪار هو ليڪن ان کي معاشي بحران مان ڪڍڻ خاطر يورپي يونين جي ملڪن خاص طور تي فرانس ۽ جرمني 60 ارب يورو امداد ڏئي اهم ڪردار ادا ڪيو هو. جيتوڻيڪ اهڙي مدد کانپوءِ يوناني حڪومت جي معيشت کي وقتي طور ٽيڪ ته آئي پر ان سان معاشي بحران نه ٽريو ۽ ملڪي جي جي ڊي پي ۾ خاطر خواهه اضافو نه ٿيو. اهڙي معاشي بحران يورپ جي ٻين ملڪن ۾ به ڪر کنيو. اهوئي ڪارڻ هو جو بيلجيم جي عبوري حڪومت يورو زون کي بيل آئوٽ ڪرڻ لاٰءِ اپيل ڪئي. موٽ ۾ کيس 20 ارب يورو ڏنا ويا. ان ڏس ۾ سينٽرل بينڪ آف يورو جو اهم ڪردار آهي. ليڪن ان ساڳي وقت يورپي ملڪن کي خبردار پڻ ڪيو ته اهو پنهنجي معشيت کي سگهارو بڻائڻ لاءِ اهي قدم کڻن. جيڪڏهن ان سلسلي ۾ ڪا مثبت پهل نه ڪئي وئي ته سمورو يورپ معاشي بحران جو شڪار ٿي ويندو.

ڏٺو وڃي ته يورو زون ۾ ٻن ملڪن جي معيشت نهايت مضبوط آهي. جنهن ۾ جرمني کي نمبر ون شمار ڪري سگهجي ٿو. جيڪو دنيا جي چوٿين نمبر تي وڏي معيشت رکندڙ ملڪ آهي. ٻئين نمبر تي فرانس آهي باقي اوڀر ۽ اولهه يورپ جي ملڪن جي معشيت ايتري سگهاري ناهي. اهي ملڪ اڃا تائين 2007 ۾ آيل معاشي ڀونچال مان نه نڪري سگهيا آهن. مذڪوره ملڪن جي جي ڊي پي هن وقت به هڪ يا 1.9 سيڪڙو کان مٿي ڪانهي.

حقيقت ۾ يونان جي معيشت نهايت ڏٻري آهي ۽ اها اڃا تائين به پاڻ سنڀالي نه سگهي آهي. صورتحال اها آهي ته هن وقت جڏهن وري معاشي بحران ڪر کنيو آهي ته حڪومت يورو زون کان 20 ارب يوروز ڏيڻ جي گهر ڪئي آهي جيڪڏهن گهربل رقم جو بندوبست نٿي سگهيو ته يونان نه رڳو ڊيفالٽ ۾ هليو ويندو بلڪه بيروزگاري ۾ بي پناهه واڌ پڻ ايندي. اهو به نه وسارڻ گهرجي ته يونان يورو زون ۾ شامل آهي، ان ڪري ان کي پنهنجي الڳ ڪرنسي ڪانهي، جو اهو اضافي نوٽ ڇاپي سگهي. اهوئي ڪارڻ آهي جو سرڪار کي يورو زون ۽ عالمي ادارن جي قرضن تي ڀاڙڻو پوي ٿو. ظاهر آهي ته قرض ڏيندڙ پنهنجا شرط لاڳو ڪندو آهي ۽ وٺندڙ ملڪ کي کل خوشي يا مجبوريءَ ۾ اهي سخت شرط قبول ڪرڻا پوندا آهن.

يونان جي معشيت کڻي هن وقت لوڏن ۾ آهي باقي تاريخ ۾ يونان جي علم، فلسفي ۽ آرٽ جي حوالي سان وڏي ڌاڪ ويٺل آهي. سڪندر اعظم کان وٺي، سقراط ۽ افلاطون جهڙا فلسفي پئدا ڪندڙ يونان آخر ڪنگال ڪيئن ٿيو؟ اچو ته ان جي ماضيءَ کي ڦلهوريون.

اها حقيقت هاڻي هڪ کليل راز آهي ته عظيم ۽ سڌريل قومن توڙي ملڪن جا لاهه ڪڍڻ ۾ به فوجي جرنيلن جو ڪردار رهيو آهي. يونان سان به اها ساڳي ويڌن پهرين ۽ ٻي مهاڀاري جنگ کانپوءِ ٿي. جيئن ترڪيءَ تي جرنيلن قبضو ڪيو تيئن سڌريل ۽ تهذيب يافته يونانين به ڪيو. انهن ڏنڊي جي زور تي اقتدار تي قابض رهي جمهوري عمل کي تهس نهس ڪندي ان کي اڳتي وڌڻ نه ڏنو. لٺ ۽ چٺ جي اها سياست 1980ع تائين طهر طراق سان جاري رهي. نيٺ پوءِ فرانس ۽ برطانيه جهڙي ملڪن مداخلت ڪئي نتيجي ۾ اقتدار تي قابض جرنيلن کي اقتدار مان ٻاهر ڦٽو ختم ڪيو ويو، ۽ عوامي حمايت سان مٿن ڪيس هلاياويا ۽ ڪيترن ئي جرنيلن کي ڦاهيءَ تي پڻ لٽڪايو ويو. ايئن پوءِ يونان نيٽو ۾ شامل ٿيو ۽ پوءِ يورپي يونين ۽ يورو زون جو به حصو بڻيو.

دراصل يونان جي معشيت جو الميو ڪرپشن آهي جنهن هڻي ته ملڪ جا ڌاڃوڙا ڪڍي ڇڏيا آهن. ان جي معشيت جي ڏٻري هجڻ جو ٻيو سبب ترڪيءَ جي مخالفت سبب حالت جنگ ۾ رهڻ پڻ آهي. خاص طور تي قبرص وارو معاملو يونان جي ڳچيءَ جو ڳٽ رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته ان سلسلي ۾ فوجن جا حرج خرچ به يونان ڀريندو رهيو آهي. جڏهن ته يونان وٽ هٿيار ٺاهڻ کانسواءِ ڪابه ڳڻپ جوڳي پراڊڪٽ نه آهي. يونان جي مرچنٽ نيوي ۾ تمام گهڻي سيڙپ ٿيل آهي ۽ انشورنس جي مد ۾ تمام گهڻيون رقمون ادا ڪندو رهي ٿو. يونان وٽ ڪو به اهڙو برانڊ ناهي جيڪو جرمني ۽ فرانس سان مقابلو ڪري سگهي. ساڳي وقت يونان جي معشيت تي پناهگيرن جو بار به جهجهو آهي. ڇو ته انساني اسمگلنگ جو روٽ يونان آهي. يونان کان ئي يورپ جي ٻين ملڪن ڏانهن انساني اسمگلنگ ٿيندي آهي.

جيتوڻيڪ هن وقت يونان ۾ معاشي بحران سبب عوام سخت پريشان آهي، ۽ ان جو مظهر روڊ رستن تي ٿيندڙ مظاهرا پڻ آهن. ليڪن يونان سرڪاري کي معاشي گهوٽالي مان نڪرڻ لاءِ عالمي ڊونر ادارن جي شرط کي مڃڻو پوندو. ساڳي وقت ڪرپشن ۽ نا اهلي کي ملڪ نيڪالي ڏيڻ سان گڏ ترڪي سان ڳالهين وسيلي قبرص مسئلي جو به حل ڪڍڻو پوندو، ان کانسواءِ بهتري نا ممڪن آهي.

جيستائين يوناني حڪومت معشيت جي ٻيهر سڌاري، بند پيل صنعت کي کولڻ ۽ زراعت تي سنجيدگيءَ سان ڌيان نه ڏيندي تيستائين ان جا خراب ڏينهن تبديل ٿيڻ جي اميد ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر هوندي. ان ڳالهه تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي ته آخر ڪيستائين جرمني ۽ فرانس يوروز قرض ڏئي يونان کي تاريندا رهندا؟ ڪٿي ائين نه ٿئي جو اڳتي هلي انهن ملڪن جي پنهنجي معشيت ئي ويهجي وڃي. ڇاڪاڻ جو وچ اوڀر جي ملڪن ۾ خشڪ سالي جو ٽيون سال آهي جنهن ۾ يورپ جا ڪافي ملڪ متاثر ٿيا آهن. باقي چين جيئن آمريڪا ۾ پنهنجي شين جي مارڪيٽ مستحڪم ڪرڻ لاءِ 1.6 کرب ڊالرن جي سيڙپ ڪئي هئي. تيئن اهو يورو زون کي سگهارو ڪرڻ لاءِ يورپ ۾ به چڱي سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي. چين يورپ اندر ڪيتري جاءِ والاريندو، اهو ته وقت ئي ٻڌائي سگهي ٿو. باقي اڄڪلهه يورپ جي ڪجهه ملڪن ۾ 2007 ۾ آيل معاشي ڀونچال وري ڪر کڻي رهيو آهي. ان ڪري هاڻي يورو زون سان گڏ يورپين سينٽرل بينڪ کي به وڌيڪ سيڙپ لاءِ رقم ڏيڻي پوندي ۽ يونان جي پراڊڪٽس کي ٻين يورپي ملڪن جي مارڪيٽ ۾ جاءِ ڏيڻي پوندي. تڏهن ئي فلسفي ۽ ڏاهپ جو symbol بڻيل يونان معاشي بحران مان پار پئجي سگهندو.

 

عطا محمد شاهاڻي

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو