Home / افيئر / !پرڏيهي پکين لاءِ محفوظ رستو
above article banner

!پرڏيهي پکين لاءِ محفوظ رستو

سنڌ ۽ ملڪ ۾ هر سال سياري جي مند ۾ لکن جي تعداد ۾ مختلف قسمن جا پکي دنيا جي ڏورانهن ملڪن مان اڏامي سنڌ ۽ ملڪ ۾ موجود پاڻي جي مختلف ذخيرن، دريائن، ڍنڍن، تلائن، ڊئمن، ڪنڀن، ڍورن، ڇرن ۽ سنڌوءَ جي ڇوڙ وارن علائقن ۽ سنڌي سمونڊ ۾ اچي ڀيرو ڀڃيندا آهن ۽ ڪيترن ئي مهينن تائين هن درد وندي جي ديس ۾ هڪ پاڻي کان ٻي پاڻي طرف ويندي ۽ اڏامندي ٽولين جي صورت ۾ ٻوليندي نظر ايندا آهن، جنهن سبب هن ڏکايل سنڌو ماتري جو ماحول واقعي هڪ وڻندڙ ۽ خوشگوار ڏيک ڏيندو آهي. اهي پرڏيهي پکي، هر سال باقاعدگي سان ۾ يورپ ۽ وچ ايشيائي رياستن مان لڏ پلاڻ ڪري پهچن ٿا ۽ ڪجھه سياري وارا مهينا هن ڍنڍن جي ديس سنڌ ۾ گذاري وري ساڳئي رستي پنهنجي اصل ماڳن ۽ ملڪن ڏانهن واپس ورندا آهن ۽ ايئن هي سلسلو صدين کان جاري آهي.

يورپ مان سنڌ ۽ ملڪ ۾ اهي پرڏيهي پکي ڪئپين ۽ اسود سمونڊن کي پار ڪندي عظيم شاهراهه قراقرم جي رستي وڏن ٽولن ۽ ولرن جي صورت ۾ داخل ٿيندا آهن، اهڙي طرح اڳوڻي سوويت يونين ۾ موجود ٿڌي علائقي سائبريا ۽ ان جي ويجھين رياستن ۽ علائقن مان شديد ٿڌ کان بچڻ لاءِ اسان جهڙن موافق موسمن ۽ آبهوائي علائقن جو رخ ڪن ٿا، جن ۾ ڀارت ، چين، افغانستان، ايران، بنگلاديش، ۽ ٻيا ملڪ شامل آهن.

لکن جي تعداد ۾ لڏ پلاڻ يا هجرت ڪري ايندڙ ولرن جي صورت ۽ جسامت ۾ ڪي ننڍا ته ڪي وڏا پکي جنهن رستي جي چونڊ ڪندا آهن اهو انڊس فلائي وي مائيگريٽري روٽ نمبر 4 نالي مشهور آهي ۽ پکين جي هن وڏي روٽ يا رستي جو ٻيو نالو گرين روٽ به آهي.

انڊس فلاءِ وي سنڌ ۽ پاڪستان ۾ ايندڙ پرڏيهي پکين لاءِ انتهائي اهم ۽ محفوظ رستو آهي، اهو ئي سبب آهي ته هو هن رستي کي بهتر ۽ محفوظ سمجھندي هر لحاظ کان هن ئي روٽ تي وڏي سفر کي ترجيح ڏين ٿا.

ڪو دور هو جو پکين جي هجرت ۽ اڏام بابت سموري دنيا ۾ عجيب و غريب قسم جا قصا مشهور هئا ۽ انهن قصن سبب ڪيترين ئي قسمن جي ڏند ڪٿائن پڻ جنم ورتو. دنيا جي ڪيترن ئي حصن ۾ هي آدم جو اولاد اڃا به ايئن سمجھي ٿو ته ننڍا پکي وڏن پکين مثلن ڪونج، لق لق جي پرن تي سوار ٿي سمنڊ پار هليا وڃن ٿا ۽ هيومنگ برڊ جي باري ۾ ته اهو به مشهور هو ته هي راج هنس جي پٺيءُ، پڇ ۽ پرن جي وچ واري حصي تي سوار ٿي وڏو سفر ڪري ٿو.

اوڻيهين صدي تائين ته اهڙا قصا، ڪمزور عقيده وهم پرستي، اڻ ڄاڻائي پنهنجي جوڀن تي هئي.، بعد ۾ 1920ع ۾ آمريڪي فشريز ۽ وائيلڊ لائيف اداري ڪيناڊا جي جھنگلي جيوت کاتي جي سهڪار سان پکين جي هجرت بابت سائنسي رخن ۾ تحقيق جو سلسلو شروع ڪيو پکين جي هجرت جي سبب لڪ ۽ رستن جون درست حقيقتون معلوم ڪرڻ لاءِ هنن پکين جي پيرن ۾ المونيم (شيهي) جا ٺهيل ڪي ڇلا ٻڌايا ويا ته جيئن انهن جي چرپر ۽ سرگرمين بابت درست معلومات حاصل ڪري سگهجي. ان مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ هزارن جي تعدادن ۾ پکين کي ڦاسائي / پڪڙي اهڙي عمل مان گذاريو ويو، جنهن سبب پکين جي چرپر ۽ سرگرمين بابت کين سائنسي انداز ۾ وڏي ڄاڻ حاصل ٿي ۽ بعد ۾ اهو تجربو دنيا جي ٻين حصن ۾ به دهرايو ويو ۽ اڃا تائين اهو سلسلو هلندڙ آهي. تيزيءَ سان سائنسي ترقي ۽ ايجادن سبب هاڻي ته پکين کي نشان لڳائڻ، ريڊيو ٽريڪنگ، ريڊار ذريعي انهن جو مشاهدو ۽ جديد مواصلاتي نظام جي ذريعي انهن جي نگراني شامل آهي ۽ سائنس جي اهڙي ترقي سبب اڄ اسين وثوق سان ٻڌائي سگهون ٿا ته اتر قطب کان ڏکڻ قطب ۾ سفر ڪندڙ آرڪٽڪ ٽرن نالي پکي تقريبن 30 هزار ڪلوميٽر جو سفر اڏام / منزل طئي ڪري ٿو.

آبي پکين ۾ خاص ڪري آڙي ست مختلف رستن ۽ گسن تان منزلون طئي ڪندي دنيا جي هڪ حصي کان ٻئي حصي ۾ انتهائي مشڪل سفر ڪري اچي پهچي ٿي. اهڙن رستن ۾ هڪ رستو انڊس فلائي وي پڻ آهي.

انڊس فلائي وي تي سائبيريا جي برفاني ميدان ۽ ڍنڍن مان سخت سردي کان بيزار ٿي ڪي مهينا ٻين گهٽ سردي وارن علائقن ۾ گذارڻ واسطي پنهنجي سفر جي شروعات ڪندا يا سفر سانباهيندا آهن. پهرين مرحلي ۾ هو قازقستان جي مختلف آبي ذخيرن ۽ ڍنڍن تي ولرن جي صورت ۾ اچي ديرو ڄمائن ٿا. جتي ٿوري عرصي لاءِترسي اڳتي افغانستان جي رستي هندوڪش ۽ قراقرم جابلو سلسلي منجهان اڏامندي پاڪستان ۾ داخل ٿين ٿا. جتان عظيم سنڌو درياهه جي وهڪري سان گڏوگڏ اڏام ڪندي هي پنجاب ۽ ڍنڍن جي ديس سنڌ جي پاڻين ۾ ڦهلجي وڃن ٿا. هجرت ڪري ايندڙ هنن پکين جو هڪ محدود تعداد ڏکڻ ۽ اوڀر ڀارت جي ڪجهه حصن تائين پڻ وڃي ٿو ۽ ساڳئي رستي سان پکين جا ڪجهه قسم ٿوري تعداد ۾ ايران رستي پاڪستان ۾ داخل ٿيندا آهن. هجرت جي هن مرحلي ۾ رستي ۾ جيڪي سندن عارضي پناهه گاهون آهن، تن ۾ سائبريا ۾ واقع ليڪ ڊسٽرڪٽ جون ننڍيون ننڍيون ڍنڍون، تاندا ڍنڍ، پنجاب ۽ چشمه ۽ تونسه بيراج، کرل ڍنڍ، اچالي ڪمپليڪس، بلوچستان ۽ زنگي ناوڙ، سنڌ ۾ گڊو بئراج، رپ ڍنڍ، ڊرگھه، لنگھه، مهراڻي، حمل، بڊام، ڪاڇڙي، گنهري، منڇر ڍنڍ، هاليجي، هڊيرو، ڪينجھر، نريڙي ڍنڍون ۽ سنڌو جي ڇوڙ واري علائقي ٺٽي ۽بدين جي سامونڊي حدن ۾ موجود ڍنڍن ۽ ڇرن ۽ هندوستان جي راجسٿان ۾ موجود ڀرت پور ڍنڍون شامل آهن.

انڊس فلائي وي تي هجرت ڪري ايندڙ پکين جي اڏام جو هي سلسلو سيپٽمبر ڌاري شروع ٿئي ٿو ۽ نومبر تائين جاري رهي ٿو ۽ سندن واپسي جو عمل فيبروري کان شروع ٿي مارچ ۾ ختم ٿئي ٿو اهو به ڏٺو ويو آهي ته موسم جي تبديلي سبب يعني جي سائبيريا ۾ وقت کان پهرين برف پوڻ شروع ٿئي ته قدرت جي هيءَ اڏامندڙ مخلوق آگسٽ ۾ ئي سفر تي سانباهڻ شروع ڪري ڏئي ٿي ۽ ٻئي طرف جي پاڪستان، هندستان ۽ انهن سان ملندڙ ويجھن علائقن جي موسم بهتر ۽ موافق هجي ته هي پنهنجي واپسي هڪ مهينو دير سان يعني اپريل ۾ ڪندا آهن سائبيريا مان لکن جي تعدا ۾ هتي پهچندڙ پکين جي سفري اڏام جو اندازو ساڍ چار هزار ڪلو ميٽر لڳايو ويو آهي هن ڊگهي ۽ ڏکئي سفر ۾ ڪيترائي پکي ٿڪ، بيمارين ۽ ٻين موسمي حالتن ۾ مقابلو نه ڪندي ولر کان وڇڙي ويندا آهن ۽ رستي ۾ ئي زندگي جي جنگ هارائي ويهندا آهن ۽ فقط صحتمند ، تندرست ۽ حوصلو رکندڙ پکي ئي پنهنجي منزل تي پهچي ڪاميابي ماڻيندا آهن ۽ ائين اهو سفر صدين کان جاري و ساري آهي.

پکين تي کوجنا ۽ تحقيق ڪندڙ ماهرن جو خيال آهي ته هجرت يا اڏام دوران اهي پکي ڏينهن جو سج ۽ رات جو تارن جي رهنمائي يا مدد حاصل ڪري پنهنجو سفر محفوظ ۽ آسان بڻائين ٿا ،جڏهن ته رستي ۾ جبل، سمنڊ، درياهه، ۽ ڪجھه ٻيا آبي ذخيرا انهن لاءِ سونهان ثابت ٿين ٿا يا گائيڊ جو ڪم ڪن ٿا. انڊس فلائي وي جي وڏي هاڪ يا شهريت جو وڏو سبب سندس رستي تان پکين جي بيشمار قسمن ۽ غير معمولي تعداد ٻڌايو وڃي ٿو، جن ۾ عالمي سطح تي خطري جو شڪار سائيبرين ڪونج ۽ اڇي مٿي واري بدڪ، سميت ڪيترائي ناياب پکي شامل آهن، جڏهن ته ٻين پکين ۾ ڪونجون، راج هنس، حواصل، لق لق ، چمچه بزا، سرخاب سيخ پا، قارائو، لال سر، نيل سر، چارو بطخ، پن دبي جل مرغي، ڳجهه، باز ۽ تلور وغيره شامل آهن.

هجرت ڪري ايندڙ پکين ۾ 70 سيڪڙو پکي شير درياهه سنڌو جي ساڄي ۽ کاٻي ڪنارن تي ڦهليل سون جي تعداد ۾ ڍنڍن، ڇرن، ڪئنالن، ڊيمن ۽ سنڌو جي ڇوڙ وارن علائقن ۾ موجود وسيع ڇرن ڍنڍن کي پنهنجي لا ءِ محفوظ پناهه گاهه ۽ خوراڪ جو ذريعو بڻائين ٿا، جنهن سبب انهن جو تحفظ بچاءُ ۽ خيال رکڻ به حڪومت پاڪستان ۽ چئن صوبن جي اصولي، قانوني ۽ اخلاقي ذميواري آهي.

پاڪستان دنيا جو خوشنصيب عالمي اهميت وارو ملڪ آهي جيڪو عالمي سطح جي ڪيترن ئي ڍيڍن جي موجود هئڻ سبب رامسر ڪنوينشن جو هڪ اهم ۽ سرگرم ميمبر آهي، جڏهن ته بون ڪنوينشن جي ان بين القوامي معاهدي ۾ به شامل آهي جنهن ۾ عالمي سطح تي هجرت ڪري ايندڙ پکين ۽ جانورن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ آهي.

ملڪ جي چئني صوبن ۾ هجرت ڪري ايندڙ پکين جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ واسطي ڪيترن ئي آبي ذخيرن ۽ ڍنڍن کي محفوظ علائقا قرار ڏنو ويو آهي.

آبي ذخيرن ۾ ڪي ذخيرا پنهنجي خاص اهميت سبب رامسر سائيٽ سڏجن ٿا، جڏهن ته سنڌ ۽ ملڪ اندر منڇر ڍنڍ سميت ٻيون ڪيتريون ئي اهم ڍنڍون ۽ پاڻي جا ذخيرا اهڙي اهميت جا گھرجائو ۽ طلبگار آهن.

انڊس فلائي وي جي اهميت کي نظر ۾ رکندي ۽ پرڏيهي پکين جي تحفظ واسطي ۽ انهن بابت هر قسم جي معلومات کي سهيڙڻ جي نيت سان 70 ع جي ڏهاڪي ۾ انڊس فلائي وي ڪميٽي جي جوڙجڪ عمل ۾ آئي. شروعات ۾ سنڌ جي جهنگلي جيوت کاتي مختلف ادارن جي سهڪار سان سرگرمي سان 1986ع کان وٺي 1990ع تائين ٺٽي ضلعي ۾ موجود پکين جي هڪ اهم پناهه گاهه جي حيثيت رکندڙ هاليجي ڍنڍ تي هڪ برڊ رنگنگ اسٽيشن جي انتظام هيٺ هجرت ڪري ايندڙ هزارن جي تعداد ۾ پکين، مرغابين جي پيرن / ٽنگن ۾ ڇلا پارايا ويا ته جيئن انڊس فلائي وي ذريعي اچ وڃ ڪندڙ پکين بابت مختلف قسم جي معلومات حاصل ڪري سگھجي، پر اهو سلسلو اڳتي نه هلي سگھيو. سنڌ ۾ سوين ميل سفر ڪري ايندڙ انهن پرڏيهي پکين سان سنڌ ۾ ڇا حشر ۽ سلوڪ ڪيو وڃي ٿو سا سڌ هر ڪو رکي ٿو. ضرورت آهي ته هر سال سنڌ جي سيني تي ولرن جي صورت ۽ پاڻين تي هلندڙ انهن پکين جي بچاءُ ۽ تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن صدين کان جاري و ساري اهو هجرت جو سلسلو هلندو رهي ۽ سنڌ جي آڪاش تي پکينجا ولر ۽ سندن لاتون قائم رهن

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو