Home / ڪور افيئر / طارق عالم جو وڇوڙو- تعزيتي نوٽ بوڪ تان
above article banner

طارق عالم جو وڇوڙو- تعزيتي نوٽ بوڪ تان

ڪڻا منجهه قرار…!

 

*مون کي ياد آهي ته طارق تڏهن اڃا ڳڀرو جوان هو ۽ پهرين ڪهاڻي ‘پائلي’ لکي هئائين ۽ اُن جو چوٻول شروع ٿي ويو هو، منهنجو گهر ۽ آفيس رسالا روڊ تي شمس چيمبرس ۾ هوندا هئا ۽ دوستن جو اچڻ وڃڻ پيو ٿيندو هو. مون کي اهو به ياد آهي ته هينئر جتي سنڌالاجي جو گيٽ آهي، اُن جي سامهون گُلن جي ٻاريءَ ۾ اندر بيٺل هو. آئون اُن مهل موڪل ٿيڻ تي سنڌالاجي جي هن گيٽ مان ٻاهر نڪتو هوس ته پاڻ وڌي اچي مليو هو ۽ هڪدم هجائتي لهجي ۾ چيائين ته لنڊن جو سفرنامو لکيو اٿم، اُن جو مهاڳ توهان کي لکڻو آهي، مون کي سندس سفرنامو ڏاڍو وڻيو هو ۽مون ان جو مهاڳ نهايت پيار ۽ محبت مان لکيو هو، جنهن ۾ سندس لنڊن ۾ ٽرانسپلانٽ ٿيڻ جو ذڪر آهي.

اُن کان پوءِ وقت بوقت ساڻس ملڻ ٿيندو رهندو هو. ادي رضيه سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن مهراڻ آئوٽ ٿي چڪو هو ته ڪاپي کڻي گهر آيو هو ۽ ڪاپي ٻاهر پٽيوالي کي ڏيئي اڃا گاڏيءَ کي موڙيو هئائين ته منهنجي نظر پئي ته کيس اشارو ڪري بيهڻ لاءِ چيم ۽ تڪڙو وڌي وڃي ساڻس مليس ۽ کيس گهر تي وٺي آيس ۽ هڪ سٺي ڪچهري ڪئي سين.

جلدي پوءِ هڪ ڏينهن ادي رضيه فون ڪري ڊاڪٽر مرلي ڌر جو فون نمبر پڇيو، کيس فون نمبر ڏنم پوءِ خبر پئي ته طارق صاحب وڃي SIUT ۾ داخل ٿيو. وقت بوقت سندس باري ۾ پشپا کان فون تي پڇي وٺندو هوس، پر ويجهڙائيءَ ۾ مون کي ٻڌائين ته هاڻي سندس بچڻ جي اُميد ناهي.

سندس باري ۾ سرڪارجي پاران ڪجهه امدادي رقم جون خبرون ڇپبيون رهيون ۽ ان مان ئي پڪ ٿيم ته طارق صاحب هاڻي وڌيڪ دنيا ۾ نه رهي سگهندو، منهن تي وينٽيليٽر چاڙهي آڪسيجن ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

بس، پوءِ رات جو ئي خبر پئجي وئي ته طارق صاحب هي جهان ڇڏي ويو. طارق پنهنجي ڪيل ڪم وسيلي پنهنجو وجود بچايو هو ۽ هاڻي به انهيءَ ڪم سان ئي سندس ديرو قائم رهندو. هو پنهنجي زال رضيه، پٽن هالار ۽ لاهوت کي هميشه لاءِ هڪ اتساهه جو ڪارڻ بنيو رهندو. سنڌ هڪ وڏي ساهتڪار، هڪ سٺي انسان جي حيثيت ۾ هميشه زنده رهندو، آئون ايئن مڃان ٿو، محسوس ڪريان ٿو. شال سندس آتما کي هميسه شانتي ملي ۽ پونئرن کي انهي صدمي سهڻ جي همٿ ڏي.

ولي رام ولڀ / ڄامشورو

13.6.2011

* مرحوم طارق عالم ابڙو اسان جي فيملي فرينڊس مان هڪ ڀاءُ هئو، منصور عالم، قيس عالم، اياز عالم ۽ ساقي سميت سڀ ڀائر اسان جي ڀائرن ۽ دوستن وانگر رهيا آهن. اڄ جي دور ۾ مرحوم طارق عالم جو بحيثيت سنڌي ادب جي رائيٽر وڏو نالو آهي. ويجهڙ ۾ “افيئر” ميگزين ۾ سندس رائيٽ اپس نهايت ڪارآمد رهيا آهن. زندگي ته الله جي هٿ ۾ آهي، پر موجوده حڪمرانن جي سنڌي ٻولي ۽ ان جي رائيٽرس سان بيحسي وارو رويو نهايت قابل شرم ڳالهه آهي. اميد ٿي ڪجي ته الله سندس اولاد کي اها همت ڏيندو جو اُهي والد جي جاءِ ڀريندا ۽ وڏن جي تعلق کي نڀائيندا. الله کين صالح ڪندو.

سيد جلال محمود شاهه

13.6.2011

* طارق عالم ابڙو نه رڳو سنڌي ٻوليءَ جو هڪ منفرد ۽ ٻهڳڻو اديب، شاعر ۽ آرٽسٽ هو پر هو ان سان گڏ هڪ زنده دل ۽ بهادر ماڻهو هو. طارق سان منهنجي ذاتي دوستي جو تعلق 1987ع کان هو. هونئن به طارق جي سڄي خاندان سان منهنجو گهرو تعلق رهيو آهي. اياز عالم، منصور عالم ۽ جاني پيارا دوست رهيا آهن. طارق صحت جي ناچاڪيءَ باوجود گذريل ٻه ڏهاڪا وڏي زنده دلي ۽ همت سان زندگي گذاري ۽ مسلسل لکندو رهيو. طارق جو وڇوڙو نه رڳو سندس خاندان، سنڌي ادب پر مون لاءِ هڪ وڏو ذاتي نقصان به آهي. اسان کان طارق ڪڏهن به نه وسرندو. هو هميشه سنڌي ادب ۽ اسان جي دلين ۾ زندهه رهندو.

جامي چانڊيو

16 جون ڄامشورو

* رات اسان کان پيارا وڇڙيا

چانڊوڪين کان چارا وڇڙيا

سانوڻ ڪهڙي ڪارڻ ايندو،

دل کان جو دل وارا وڇڙيا.

پيارا طارق! تنهنجي گهر آڏو بيٺل وڻن تي ڪوئل ڪوڪي ٿي نماشام مهل آءٌ تنهنجي تڏي تي ويٺو آهيان. سڀني دوستن جي ڳالهين ۾ تون ايئن ٿو ساهه کڻي ڄڻ اجهو ڪٿان ٽهڪ ڏيندو ظاهر ٿيندين، پيارا طارق! هي ڪچهريون دوستن جا ميڙاڪا صدين تائين توکي ساريندا رهندا… الائي ڇو مون کي ايئن ٿو لڳي ڄڻ آسمان وارن جي دعوت تي هليو ويو آهين. تنهنجي گهڻ رخي شخصيت جي اُتي به آجيان ٿي هوندي.

* طارق عالم سنڌي ادب جو هڪ اهڙو ستارو آهي، جيڪو ادب جي آڪاس تي سدائين ٽمڪندو رهندو. طارق زندگيءَ جي سفر ۾ لفطن جو سوداگر هو. جنهن پنهنجن لفظن کي نثر ۽ نظم جا نوان روپ ڏنا. نثر ۾ سندس ناول رهجي ويل منظر هڪ شاهڪار آهي، جنهن سنڌي ناول جي ٽٽندڙ روايت کي هٿي ڏئي، موضوعن ۾ نواڻ آندي ۽ نئين نسل جي جذبن ۽ احساسن کي ويجهڙائي کان ڇهيو، امرتا پريتم چيو آهي ته جذبن ۽ احساسن جي ٽڪراءَ سان تخليق ٿيندي آهي، اهو طارق جي ناول ۾ چڱي ريت پسي سگهجي ٿو. طارق سنڌي ڪهاڻي ۾ به نئون رنگ پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون. سندس شاعري ۾ به سهڻو سڀاءُ آهي. هائيڪا ته هن ڏاڍا سهڻا لکيا، سندس هائيڪن جو مجموعو “مورن اوچا ڳاٽ” ۾ سونهن جا انيڪ رنگ ۽ روپ لفظن جي تصويرن ۾ مڻيل آهن. طارق آرٽ جي شعبي جو هڪ املهه ڪردار آهي. هن هڪ ٽي وي ڊرامو لکيو “ڇانورو” جنهن ۾ پاڻ به هڪ شاعر جو ڪردار ادا ڪيو. اهو ڊرامو محمد بخش سميجي پيش ڪيو. طارق جو هڪ نظم جديد موسيقيءَ سان بيدل مسرور رڪارڊ ڪيو جيڪي به ميت هئا، پن ڇڻ ۾ وڇڙي ويا” هن گيت جي آڊيو بيدل سائين اسٽوڊيو ۾ ٻڌرائي ته دل کي وڻي وئي. مان ريڊيو پاڪستان خيرپور تان پنهنجي پروگرامن ۾ اڪثر نشر ڪندو هئس. ڪهڙي خبر ته طارق جي اها شاعري سندس زندگيءَ جو گيت (نوحو) بڻجي ويندي.

مختيار ملڪ

*هو جو طارق. منهنجو محبوب دوست هو

هٿ ڦهلائڻ وٽس ڏاڍو معيوب هو.

هڪ سندس خاص طبقي سان نسبت نه هئي

۽ ٻيو نسلا ڀي حاڪم لئه معتوب هو

طارق اهڙي ڏيهه ويوآهي جتي اڳي پوءِ سڀني کي اُتي پهچڻو آهي. سڀني جو آخري ماڳ اهو ئي آهي، منهنجو قابلِ اعتماد دوست ۽ هن جي وڏي خوبي پڻ اها ئي هئي ته هو ڏک سک ۾ ساڻ رهي ساٿ نڀائڻ وارو ۽ ڀروسي جي قابل دوست هو. مون کي سندس وک وک تي ڏنل ساٿ هميشه ياد رهندو- سندس ٽهڪ منهنجي پساهن تائين منهنجن ڪنن ۾ ٻرندا رهندا. خداوند کيس پنهنجي نگهبانين ۽ کيس جوار رحمت عطا ڪندو.

هاءِ عمر تنهنجي بي وفائي

ع.غ.تبسم

14 جون 2011 ڄامشورو

* طارق عالم پنهنجي ٽهيءَ جو سڀ کان وڏو تخليقي ليکڪ هئو. سندس خال ڀرڻ ممڪن نه آهي.

ارشاد ميمڻ

14.6.2011

* طارق عالم ابڙو پنهنجي دور جو سگهارو تخليقي اديب هو. هو رهجي ويل منظر وسيلي سنڌي ٻوليءَ کي لازوال ناول ڏئي ويو، پر پاڻ حڪومتي ڌرين ۽ سنڌ جي ساڃاهه جي بي حسيءَ جو شڪار ٿي سسڪي سسڪي موت جي منهن ۾ هليو ويو، جيڪو سنڌي ادب جو هڪ وڏو نقصان آهي، طارق هليو ويو هاڻي پوئتي بي حس منظر رهجي ويا آهن.

همسفر گاڏهي

پندرنهن روزه “افيئر” ڪراچي

14.6.2011

* وڇڙيا ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو

اُس چمڪي ته اُجهامي ويا

مينهن وساڙن جهڙا ماڻهو

طارق عالم ابڙو اڄ اسان ۾ ناهي / آهي. هر ليکڪ پنهنجي تحريرن ۾ زندهه رهندو آهي، اسان جي دور جي هڪ اهم ڪهاڻيڪار، ناول نگار نقاد چيو آهي ته “هر ليکڪ پاڻ کي امر ڪرڻ لاءِ لکي ٿو” ۽ طارق عالم به ڄاتي / اڄاتي ايئن ئي ڪيو، موت جي بستري تان هن ايئن ئي چيو. هو ته هو سنڌ تي ناول لکندو، پر وقت کيس مهلت نه ڏني. ممڪن آهي ته ان جو ڪو خاڪو (Outline) هن لکي به ڇڏيو هجي، آخري عمر ۾ هن شاعريءَ ڏانهن وڌيڪ لاڙو رکيو. شايد ان ڪري به ته هن کي اهي پروڙ پئجي ويا هئا ته هن وٽاڻي وقت نه آهي، ان ڪري به هن شاعريءَ ۾ پاڻ اقهارو- انهيءَ شاعريءَ کي هن “مهراڻ” ۾ به ڇپيو. هاڻي، اسان هن جون نيون تحريرون نه پڙهي سگهنداسين. پر هن جون پراڻيون تحريرون ڪڏهن به پراڻيون نه ٿينديون، نت نيون رهنديون.

ڪڻا منجهه قرار، هئا هيڪاندا سنگ ۾،

ڳاهي ڳاهه فرق جي، ڪيا ڌارو ڌار،

نه ڄاڻان ٻيهار، ڪير ملندا ڪن سين!

حميد سنڌي

14.6.2011

* طارق عالم ابڙو سدائين ياد رهندو، هو پاڻ به دوستن کي ياد رکندو هو. ايڏي وڏي اديب سان نه سرڪار نباهيو نه دوستن بلڪه اديبن به نه نڀايو. اسان سدائين طارق کي ياد ڪرڻ وارن ۾ رهنداسين.

ڄام ساقي

14.6.2011

* طارق جو وڇوڙو وڏو صدمو آهي. هڪ فنڪار ايئن ئي لکين ماڻهن هوندي ائين هٿن مان هليو ويندو. وڏي شرم جي ڳالهه آهي. اهي ادارا جيڪي فنڪارن کي ڀولڙن وانگر نچائي پنهنجو قد اوچو ڪندا آهن. نوڪريون پڪيون ڪندا آهن. انهن لاءِ ڪهڙا ڪهڙا لفظ ۽ محاورا استعمال ڪجن!!

طارق دوستن جو دوست هو، جيتوڻيڪ مون کان عمر ۾ ننڍو هو، مگر ملڻ وقت جي هيلو هاءِ هم عمري واري هوندي هئي.

طارق! ياد ايندين- ڏاڍو ياد ايندين.

فتاح هاليپوٽو

15.6.2011

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو