Home / افيئر / !گڊو مزاري کان گڊو بئراج تائين
above article banner

!گڊو مزاري کان گڊو بئراج تائين

هونئن هن وقت گڊو ته هڪ بئراج جو نالو آهي. پر مقامي ماڻهو سمجهن ٿا ته اهو ماڳ گڊو مزاري جي مال جي وٿاڻ وارو هنڌ آهي. گڊو سنڌو درياءَ جو خوبصورت بئراج آهي. هي واحد بئراج آهي جنهن تي رات توڙي ڏينهن بئراج وارن درن جي پويان مهاڻن جا ٻار مڇي مارڻ ۾ رڌل رهن ٿا. اهوئي سبب آهي جو گڊوءَ تي رات جو ماڻهو سمهڻ جي بدران مڇي مارڻ ۾ مصروف هجن ٿا. هونءَ آبپاشي جي لحاظ سان گڊوءَ جي کڻي ڪيتري به وڏي اهميت هجي پر جاگرافيائي طور گڊو وارو هنڌ پنجاب، بلوچستان۽ سنڌ جو سنگم وارو هنڌ هجڻ ڪري ڏوهارين لاءِ جنت نمان بڻيل آهي. گڊوءَ کان مٿينءَ ڀر پنجاب جي صوبائي حصي ۾ دريائي پيٽ ڪچو جي نالي سان مشهور آهي مزارين جي سياسي اثر وارو اهو هنڌ پاڪستان جي سمورن مغوين کي لڪائڻ جو محفوظ هنڌ سمجهيو وڃي ٿو. اهوئي سبب آهي جو سولنگي ۽ ڪوش قبائلي تڪرار ۾ اٽڪل150 ماڻهو مارجي چڪا آهن پر ڪنهن جو به ڪو قاتل ڪڏهن گرفتار نه ٿي سگهيو آهي. ٽنهي صوبن جي وچ ۾ بين الصوبائي ڪانفرنس ٿيڻ جو ڪو ويجهڙ ۾ ڪو امڪان به ناهي ان ڪري اها جنت انهن ڏوهارين لاءِ محفوظ هنڌ بيٺل آهي. پاڪستان جي دريائي تاريخ ۾ گڊوءَ جي پنهنجي جاءِ تي وڏي اهميت آهي پر ملڪ جي پاڻي واري سياست ۾ گڊو ڪا گهڻي جاءِ پيدا نه ڪري سگهيو آهي. اهوئي سبب آهي ته هي بئراج ڪا گهڻي اهميت ماڻي نه سگهيو آهي..ان جا گهڻائي سبب ٿي سگهن ٿا. جن ۾ هڪڙو اهو به آهي ته سکر ۽ ڪوٽري بئراج جي مقابلي ۾ گڊو سنڌ جو انتهائي جونيئر بئراج آهي. جڏهن ته سنڌ جا تمام گهڻا( گڊو بئراج جا نه ) آفيشل زميندار۽ آبادگار گڊو بئراج جو نئون ۽ سنڌ جو مورهين جونيئر ڪئنال ريڻي ڪئنال کي ڪڏهن به دل سان قبول نه ڪيو آهي. ان لاءِ سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج جا آبادگار جيڪي سنڌ جي زمينداريءَ کي وڏي عرصي کان انجواءِ ڪندا رهيا آهن. ان ڪري اڇڙي ٿر جي علائقي ۾ درياءَ جو پاڻي پهچڻ ڪا گهٽ ڳالهه جو هجڻ آهي . پر ائين ڪڏهن سمجهيو نه ويو آهي. گڊو بئراج جي ڪٿا ٻڌائيندڙن جو چوڻ آهي ته گڊو مزاري پنهنجي انهيءَ علائقي ۾ درياهه جي ڪنڌيءَ تي پنهنجي مال متاع سان گڏ ڪچو ۽ جهنگ چاري خوش رهندڙ هو ته مٿان پاڻي منصوبن وارن هڪڙي ڏينهن گڊو مزاري کي اچي مال چاريندي سوڙهو ڪيو . ٿيو هيئن هو ته اسڪندر مرزا جي ايام ڪاري وارن ڏينهن ۾ گڊوءَ واري هنڌ تي بئراج اڏڻ جو سوچيو ويو . ان جي لاءِ آبپاشي واري کاتي گهڻ پاسائين جانچ(تحقيق) شروع ڪئي. جتي بئراج اڏڻ لاءِ رٿيو ويو ان هنڌ تي درياءَ جي ڪنڌيءَ تي گڊو مزاري جي مال جو وٿاڻ هو .هن وقت جتي گڊو بئراج تي 64 دروازن وارو بئراج اڏيل آهي ۽ ان تي ساڄي طرف بيگاري فيڊر۽ پٽ فيڊر ( جيڪو بلوچستان لاءِ مخصوص ٿيل آهي) کاٻي پاسي گهوٽڪي فيڊر۽ نئون ريڻي ڪئنال جيڪو جڙي چڪو آهي( پر جنهن ۾ اڃا پيچ شروع نه ٿي آهي.)

هن بئراج اڏجڻ جو منصوبو ان ڏينهن مڪمل ٿي چڪو هو جڏهن گڊو مزاري انهيءَ هنڌ تان بئراج اڏڻ جي باقائده اجازت ڏني هئي . ٿيو هيئن هو ته جڏهن بئراج اڏڻ وارا ڪامورا ۽ ٻيا اعليٰ عملدار گڊوءَ واري هنڌ تي اچي گڏ ٿيا ۽ دوربينيون کڻي ماپون ڪرڻ لڳا ته گڊو مزاري جي مال ۾ نيون مشينون ڏسي اچي ٽاهه پيو ۽ ڪجهه ڍور رسا ڇنائي ڪچي ۾ پڻ هليا ويا هئا. انهيءَ ڳالهه گڊو مزاري کي تمام گهڻو ناراض ڪري وڌو هو . ڇو ته ان کان اڳ ۾ گڊوءَ کي اهڙي قسم جي تڪليف ته مزارين جي تمن دار به نه ڏني هئي ۽ نه وري اهڙي هجت ڪڏهن ٻيا ته ٺهيو پر تمن دار به نه ڪئي هئي. پر اهو پهريون دفعو هو جو ڳاڙهيون هلواڻ ۾ ٻڌل هڙون کڻي ڪئين تپيدار،سرويئر، داروغا ۽ انجنيئر اچي گڊوءَ وٽ گڏ ٿيا هئا. انهيءَ زماني ۾ ملڪ ۾ اڃان مارشلا نه لڳي هئي . ان ڪري ماڻهوءَ جو نه رڳو مان هو پر ان جي اختلاف جي پڻ اهميت هئي. ان ڪري جڏهن گڊوءَ مزاري جي وٿاڻ وٽ بئراج اڏڻ واري ڳالهه آئي.اهڙي ڳالهه اچڻ ڪري هن کي بئراج اڏجڻ جي ڪري ماڳ کالي ڪرڻ لاءِ تپيدارکيس نوٽيس ڏيڻ لاءِ پهتو هو. گڊوءَ کي ڳاڙهي هڙ مان جڏهن اهڙو نوٽيس ڏنو ويو ته هن اچانڪ تبديل ٿي ويل صورت حال جي باوجود ڪنهن به قسم جي ڪا اٻهرائپ نه ڪئي۽ ڇوڪرو موڪلي ڀر واري ڳوٺ مان ماستر کي سڏائي ورتو هو. ماستر هن کي نوٽيس پرهي ڳالهه سمجهائي ته تنهنجي وٿاڻ واري هنڌ تي بئراج اڏيو وڃي پيو. ان ڪري تون وٿاڻ خالي ڪر وڃ توکي ان جو سرڪاري طور تي معاوضو ڏنو ويندو. گڊوءَ جڏهن ماڳ ڦٽڻ جو ٻڌو ته سندس مٿو چڪرائي ويس. گوڏ ٻڌل گڊوءَ پهريون ڌڪ پچائي، ڪامورن کان پڇي ورتو ته جيڪڏهن مان معاوضو نه وٺان ۽ وٿاڻ به خالي نه ڪيان ته پوءِ؟ هن جي اهڙي سوال تي ته پوءِ توکي منٿ ميڙ ڪنداسين ۽ مزارين جي تمندار کي تو وٽ وٺي اينداسين. ڪامورن جي اهڙي ڳالهه گڊوءَ کي پهرين ته صفا ڏڪائي وڌو هو . ڇو ته هو ان کان اڳم روجهاڻ مزاريءَ ۾ تڏنهن ويو هو جڏنهن تمندار جي دستار بندي ٿي هئي. هن ڪامورن سان گهڻي نه ڇڪ ڇڪان ڪئي ۽ نه وري ڪا گهڻي ڊيگه ڪئي. هن چيو مان وٿاڻ تڏهن خالي ڪندس جيڪڏنهن بئراج جو نالو منهنجي نالي سان رکندئو ته مان بنا پئسن وٺڻ جي وٿاڻ خالي ڪري وڃڻ لاءِ تيار آهيان. گڊوءَ جي اهڙي ڳالهه ڪامورن کي في الحال ته چپ ڪرائي ڇڏي. ڳالهه وڃي ملڪ جي صدر اسڪندر مرزا تائين پهتي. هن کي گڊو مزاريءَ جي ڳالهه سٺي لڳي ۽ هن بئراج جو نالو گڊوءَ جي نالي سان منسوب ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. پوءِ ته ڪئين مشينيون گڊوءَ تي اچي لٿيون.پوءِ 2 فيبروري1957 واري ڏينهن ملڪ جو صدر اسڪندر مرزا گڊو بئراج جو سنگ بنياد وارو پٿر رکڻ لاءِ گڊو پهتو. جتي هن گڊو بئراج جو نه رڳو سنگ بنياد وارو پٿر رکيو پر هن گڊو مزاريءَ سان ملاقات به ڪئي. اهڙي ريت گڊو مزاريءَ پنهنجو وٿاڻ ته بنا معاوضي جي ڏنو پر بئراج پنهنجي نالي سان منسوب ڪرائي ويو. ان کان پوءِ فقط پنجن سالن جي مختصر عرصي ۾( 1962 ۾) فيلڊ مارشل ايوب خان انهيءَ بئراج جو افتتاح ڪيو. جنهن ۾ ساڄي طرف بيگاري فيڊر ۽ بلوچستان لاءِ پٽ فيڊر وارا ڪئنال جوڙيا ويا. جڏنهن ته کاٻي طرف وري گهوٽڪي فيڊر۽ هاڻ نئون ريڻي ڪئنال جوڙيو ويو آهي. بئراج کان اڳم اهو علائقو هڪ پسمانده علائقو سمجهيو ويندو هو. جڏهن ته بئراج اڏجڻ کان پوءِ ملڪ جي پنجاب۽ بلوچستان سان ڳنڍجڻ جو گڊو سنگم بنجي ويو.

گڊو ڪشمور جي ويجهو وارو هنڌ آهي ان ڪري جڏهن 1972 واري ٻوڏ ۾ شهيد ذولفقار علي ڀٽو گڊو بئراج جي معائني لاءِ پهتوته ملڪ جي بيورو ڪريسيءَ ڪشمور جو شهر به گهمي ورتو هو. صحافين ۽ ميڊيا وارن لاءِ ڪشمور جو شهر ڇا هو ڄڻ هن علائقي لاءِ هوا جو در کلڻ هو. ڪشمور جو هٿ جو هنر ڏسي ميڊيا وارن جو ته وات پٽجي ويو هو.پر ميڊيا وارن جو وات گودو ان وقت ٿيو هو جڏهن انهن ڪشمور جي نيشنل بئنڪ واري چوڪ وٽ ريشمان کي ڳائيندي ٻڌو هو. ريشمان جو روزاني جو معمول وارو ڪم هوندو هو ته هو ڪشمور جي اسٽيشن واري پاسي کان روزاني لوٽو هٿ ۾ کڻي گوپالي واري هوٽل اڳيان اچي ڳائڻ لڳندي هئي. هوءَ لوٽي جي منهن تي هٿ رکي جنهن وقت پائلي سان ٺڪ ٺڪ ڪري هڪ خاص قسم جو ردم ۽ ميوزڪ تي راڳ ڳائڻ لڳندي هئي ته ان وقت ڪشمور جي مزارين کان وٺي ڪشمور جي مکين تائين جا ٻار اسڪول وڃڻ جي بدران ريشمان جو راڳ ٻڌڻ ۾ مصروف ٿي ويندا هئا. هيءَ انهيءَ زماني جي ڳالهه آهي جڏهن اڃا نه درياءَ ۾ ٻوڏ آئي هئي ۽ نه وري ڪشمور ۾ ڪي اوپرا ماڻهو آيا هئا. انهن ڏينهن ۾ ڪشمور جي مکيءَ کي اسڪول جي هيڊ ماسٽر چيو هو ته مکي صاحب خير ته آهي توهان جو ڇوڪرو هفتي کان اسڪول ڪونه پيو اچي. ماستر جي اهڙي ڳالهه ٻڌڻ سان مکيءَ تي ڍڪر چڙهي ويا. هو انهيءَ ڏينهن چپ ڪري ڪنهن سان به ڳالهائڻ کان سواءِ حويليءَ ۾ اچي ستو هو . جڏهن ته صبح جو پڻ ڪنهن سان ڳالهائڻ کان سواءِ هو پنهنجي پٽ جي اسڪول وڃڻ دوران خاموشي سان هن جي پويان وڃڻ لڳو. مکيءَ جو پٽ پنهنجي معمول موجب ڪتابن جو ٿيلهو پٺن پويان کڻي وڃي رهيو هو. جڏهن سج ڪجهه مٿي چڙهيو ته ريشمان پنهنجا ڪلر واري مٽيءَ ۾ پسيل پير کڻي گوپالي جي هوٽل اڳيان لوٽي تي ڳائڻ لڳي هئي . مکي جو پٽ به ماڻهن جو هجوم چيري ريشمان جي اڳيان سندس ڪلام ٻڌڻ لاءِ پهتو هو. انهيءَ لمحي نيشنل بئنڪ واري عمارت مان سج مٿي چڙهڻ لڳو هو. سج جا ڪرڻا ريشمان جي ڳوري ۽ ڳاڙهسري ڳلن تي پوڻ لڳا هئا ۽ انهيءَ جهلڪ ڏسڻ لاءِ مکيءَ جو پٽ بيتاب هو.ريشمان جي راڳ ڳائڻ دوران انهيءَ قسم جو پهريون واقعو ٿيو هو. ٿيو هيئن هو جو ريشمان لوٽو وڄائي پنهنجي راڳ ۾ مصروف هئي ۽ مکي پنهنجي پٽ جو پيڇو ڪندو اچي ريشمان جي ميڙ ۾ پهتو . هن جي هٿ ۾ کجيءَ جو ڇڙهو هو جنهن سان هن نه ڪئي هم نه ڪئي تم ۽ اچي ڇوري کي لٺين سان ورتو. مکيءَ ڇوري کي لٺين سان سٽي ساڻو ڪري ڇڏيو. ڪيڏانهن ويا راڳ ڪيڏانهن ويو مجموعو ، مکي ڳاڙهو ٿي لاڳيتو ڇوري کي ڪٽڻ ۾ مصروف هو، ته ڇوڪري جي مٿان ريشمان ڍال بنجي اچي مٿان ڪري هئي . ريشمان انهيءَ زماني ۾ اڃان ريشمان هوندي هئي، هن جي نهار سان ڪشمور جي شاهي بازار سن ٿي ويندي هئي. هن مکيءَ کي چيو تون ڇوڪري کي ائين پيو ڪٽين، مونکي ٻڌاءِ هن جي جيئري ڪونهي ڇا؟ جو ائين پيو هن کي لٺين سان ڪٽين. ريشمان جي انهيءَ جملي مکيءَ جا تاڪ وڄائي ڇڏيا. ڇوڪري جي ماءَ جيئري نه هئي. پر ريشمان جو اهو جملو مکيءَ جي گهر پهچڻ کان اڳ ۾ مکيءَ جي ماءُ تائين پهچي چڪو هو. چوڪري جي ڏاڏي مکيءَ سان اهڙي ڪئي ته ماءُ جيئري ڪونهي ان ڪري ڇوري کي گڏهه وانگر ڪٽيو اٿئي. منهنجي ٻچي کي وري جو ايئن ڪٽيو اٿئي ته توکي ٿڃ ڪونه بخشيندس. ڏاڏس جي انهيءَ دٻ کان پوءِ مکي ته ڇوري مان کڻي هٿ ڪڍيا پر مکيءَ جو پٽ ريشمان جي پويان چرين وانگر پيو هلندو هو. پوءِ اچانڪ هڪڙو اهڙو ڏينهن آيو جو مرحوم ذوالفقار علي ڀٽو ٻوڏ وارن ڏينهن ۾ گڊو آيو ته ان جي ڪوريج لاءِ ريڊيو ۽ ٽي وارا گڊو ۽ ڪشمور پڻ آيا. ڪشمور گهمندي جو هنن ريشمان کي لوٽو وڄائي ڳائيندي ٻڌو ته هنن جي پيرن ۾ ته ڊڀ ڄمي ويا. هو ته اڳتي چري به نه پيا سگهن.

نيٺ انهن ريڊيو ۽ ٽي وي وارن بنجارڻ ريشمان ۽ ان جي مائٽن راضي ڪري ملتان وٺي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ريشمان جو ملتان ڇا وڃڻ هو ، ڪشمور وارن هن کي روبرو وري ڪڏهن به نه ڏٺو هو. ريشمان کي ته وري گوپالي به نه ڏٺو هو. جنهن لاءِ ڪشمور جي ماڻهن جو چوڻ هو ته ريشمان رڳو گوپالي کي راضي ڪرڻ لاءِ ٿي ڳائي. ڪشمور جا ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته ريشمان گوپالي جي مرتئي جو جڏهن ٻڌو هو ته ڪشمور آئي هئي پر ڪشمور وارن هن کي جنهن نموني ۾ اڳم ڏٺو هو ريشمان هاڻ اها نه هئي. مکيءَ جو اهو ڇوڪرو هينئر اڇن وارن سان ٿي ويو آهي . جيتوڻيڪ هن جي ڪار ۽ گهر واري ٽيپ رڪارڊر ۾ ريشمان جا ڳايل سمورا البم هن وٽ موجود آهن. پر هن کي ريشمان جو ايئن ڍال ٿي هن کي بچائڻ وارو لمحو ياد اچڻ سان منهن تي لالاڻ اچيو وڃيس ٿي. اهوئي سبب هو جو هو جڏهن ملتان ۾ انجنيئرنگ جي نوڪري جو امتحان ڏيڻ لاءِ ويو هو،ته هو امتحان ڏيڻ جي بدران فقط ريشمان سان ملڻ واري امتحان ۾ پاس ٿيو هو.

 

اسحاق مڱريو

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو