Home / شوبز / !آسن ڀاڳ تي ڀاڙي ٿي
above article banner

!آسن ڀاڳ تي ڀاڙي ٿي

آسن ٿوٽومڪل 3 سال اڳ بالي ووڊ نگريءَ ۾ قدم رکيو، کيس پهرين فلم ۾ ئي عامر خان جهڙو اداڪار هيرو طور نصيب ٿيو ۽ پوءِ قسمت آسن مٿان مهربان ٿيندي وئي. عامر خان بعد سلمان خان به آسن جو هيرو بڻيو. مختصر عرصي ۾ وڏيون ڪاميابيون ماڻڻ توڙي وڏن هيروز سامهون ڪم ڪرڻ کي آسن پنهنجو ڀاڳ سمجهي ٿي. “آئون پاڻ کي ڀاڳن ڀري سمجهان ٿي، جو ٿوري عرصي ۾ بالي ووڊ ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ جوڙي ورتي اٿم.” فلم “گجني” کان پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪندڙ آسن چوي ٿي. “ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ صلاحيتن ۽ محنت جي ضرورت هوندي ئي آهي، پر ان ۾ قسمت جو پڻ وڏو عمل دخل هجي ٿو.” آسن هڪ شوبز ميگزين کي انٽرويو ڏيندي چوي ٿي. “جيڪڏهن قسمت ۽ دعائون توهان سان گڏ آهن ته پوءِ توهان لاءِ ڪاميابين جا دروازا کُلي وڃن ٿا.” 25 سالن جي آسن فلم “گجني” ۾ عامر خان ۽ “نمستي لنڊن” ۽ “ريڊي” ۾ سلمان خان سامهون هيروئن طور ڪم ڪري چڪي آهي، جڏهن ته سندس ايندڙ فلم “هائوس فل-2” ۾ هوءَ اڪشي ڪمار جي هيروئن بڻبي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو