Home / سياسي افيئر / !… ۽ هاڻي سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ سان مفاهمت
above article banner

!… ۽ هاڻي سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ سان مفاهمت

سڄي دنيا ۾ پارلياماني سياست سمجهوتن، مفاهمتن ۽ موقعي پرستين جي پاڇي هيٺ ٿيندي آهي. دنيا ۾ شايد ئي ڪا اهڙي حڪومت، خاص طور تي گهڻ قومي وفاق اندر جمهوريت اهڙي رهي هجي، جنهن سمجهوتا ۽ مفاهمتون نه ڪيون هجن، پر پوءِ به عوام جي طاقت سان حڪومتن ۾ ايندڙ سياسي پارٽيون پنهنجي بنيادي نظريي، منشور ۽ عوامي واعدن جي ڀڃڪڙي جي ڪا نه ڪا حد ضرور مقرر ڪنديون آهن. پاڪستان هڪ نرالو ملڪ آهي، جتي اقتدار جي جٽاءُ لاءِ حڪومتون مصلحتن ۽ سمجهوتن جون سمورون حدون اورانگهڻ لاءِ هر وقت تيار هونديون آهن ۽ ان ڊوڙ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ته ايترو اڳتي نڪري وينديون آهن، جو لڳندو آهي ته سندن نظريو ۽ منشور رڳو حڪومت ۾ هجڻ آهي ۽ باقي سڀ ڳالهيون هنن لاءِ ڊسپوزايبل هونديون آهن. اقتدار جي ان انڌي محبت ۾ اهي پنهنجي مٿان ايترا ته ماسڪ چاڙهينديون آهن، جو سندن اصل مهاندو به ياد نه رهندو آهي. اهو ئي ڪجهه اڄڪلهه ملڪ جي وڏي ۾ وڏي عوامي پارٽي، پيپلز پارٽي سان ٿي رهيو آهي. عوام کي اقتدار جو سرچشمو قرار ڏئي وجود ۾ ايندڙ هن پارٽيءَ وٽ هاڻي اقتدار جو سرچشمو ذلت ڀريون مفاهمتون ۽ مصلحتون بنجي چڪيون آهن.

هن وقت ملڪي اقتدار جا اڻ ڌريا مالڪ تاريخ جي سڀ کان ڪني دور مان گذري رهيا آهن، ملڪ جي سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ پنهنجي تاريخ جي سڀ کان غيرمقبول دور مان گذري رهي آهي. سيڪيورٽي اسٽيبلشمنيٽ ايتري غيرمقبول ته جنگيون هارائڻ کان پوءِ به نه هئي. جيتري اڄ بنيل آهي. 1971ع جي جنگ ۾ شرمناڪ شڪست جي باوجود سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ کي سينٽرل ۽ اپر پنجاب ۾ ساڳي همدردي ۽ مقبوليت حاصل هئي. ويندي لکين بنگالين جي عام ڪوس ۾ ملوث هجڻ جي باوجود کين پاڪ سرزمين جي محافظ طور دشمن ملڪ ۽ سندن دشمن قرار ڏنل بنگالين خلاف ويڙهاند جو هيرو قرار ڏنو ٿي ويو. ذوالفقار علي ڀٽي هڪ طرف هزارين فوجين کي ڀارتي قيد مان آجو ڪرائي کين ساهه پٽڻ جو موقعو ڏنو ته ٻئي طرف ايٽم بم ٺهرائي ملڪي اسٽيبلشمينٽ کي هن خطي جي تمام وڏي جنگي سگهه ۾ تبديل پڻ ڪري ڇڏيو. انهن احسانن جي بدلي ۾ ڀٽي سان جيڪو ورتاءُ ٿيو، اهو سڀني جي سامهون آهي. بينظير ڀٽو البته اسٽيبلشمينٽ سان هڪ حد کان وڌيڪ ڪمپرومائيز نه ڪرڻ جي سزا ۾ ٻه ڀيرا حڪومتون وڃايون.ٻئي ڀيرا ملڪ جي سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ کلي ڪري ساڻس دشمنيءَ جو عملي اظهار ڪيو ۽ آپريشن مڊنائيٽ جيڪالز، آءِ جي آءِ ٺاهڻ ۽ آخرڪار سندس ڀاءُ کي قتل ڪري سندس حڪومت ختم ڪرڻ جهڙا انتهائي شرمناڪ طريقا استعمال ڪيا،. 1988ع کان 1998ع جي ڏهن سالن دوران سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ چار ڀيرا عوامي ووٽ جي کليل توهين ڪندي جمهوري حڪومتن جا تختا ڪڍيا. ملڪي سياست ۾ ايتري کليل مداخلت جي باوجود هڪ مخصوص ٽولو سندن حق ۾ اهي دليل ڏيندو رهيو ته اهو سڀ ڪجهه هنن وسيع تر ملڪي ۽ قومي مفاد وٽان ٿي ڪيو. ايتري قدر جو سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جي ٿڃ تي پلجي سياست سکندڙ نواز شريف کي به بخش نه ڪيائون ۽ پرويز مشرف جنهن طرح سان سندس حڪومت تي قبضو ڪري کيس جيل حوالي ۽ بعد ۾ جلاوطن ڪيو ان سان پهريون ڀيرو سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ ۽ سينٽرل پنجاب جي سياسي اسٽيبلشمينٽ ۾ ڏار پيا. نواز شريف سان البته اها رعايت ضرور ٿي ته سينٽرل پنجاب سان تعلق هجڻ سبب کيس ڀٽي جيان بي يارو مدگار ڪري مارڻ بجاءِ کيس باعزت طور ڪٽنب سميت شاهي مهمان طور جلاوطن ڪيو ويو. پر بهرحال ان واقعي کانپوءِ سينٽرل پنجاب ۽ سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ هڪ ٽڪراءُ جنم ورتو ۽ اتان نواز شريف جي سياسي روين ۾ هڪ اهم موڙ آيو.

هن ملڪ جي سياسي تاريخ سان دلچسپي رکندڙ هر فرد ان معجزي کي ڏسي اچرج ۾ آهي ته ٽيهن سالن تائين ملڪ جي سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ سان مزاحمت ڪندڙ پيپلز پارٽي ان جي مفادن جي وڏي ۾ وڏي چوڪيدار ڌر ٿي اڀري آهي. جڏهن ته ويهن سالن تائين سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جي آشيرواد سان سياست ڪندڙ نواز شريف ۽ سندس پارٽي ان جي سخت مخالف ٿي اڀري آهي. ملڪ اندر پيپلز پارٽيءَ جي حمايت ڪندڙ ماڻهو ٽن بنيادن تي ان جا حامي رهيا آهن. هڪ ته پيپلز پارٽي واحد سياسي پارٽي آهي، جنهن جا همدرد، ووٽر ۽ نمائندا چئني صوبن ۾ موجود آهن، ٻيون ته اها جمهوريت پسند، عوام دوست ۽ سول ملٽري اسٽيبلشمينٽ خلاف جدوجهد ڪندڙ ڌر آهي ۽ ٽيون ته اها مذهبي لحاظ کان سيڪيولر ۽ لبرل جماعت آهي. سلمان تاثير جي قتل تي مجرماڻي ماٺ ڪري اسيمبليءَ ۾ سندس لاءِ مغفرت جي دعا نه ڪرائي سگهڻ ۽ شيري رحمان جي بل جي حمايت نه ڪرڻ سان پيپلز پارٽي پنهنجي لبرل ۽ ترقي پسند ڌر هجڻ واري سڃاڻپ تان هٿ کڻي چڪي آهي. شيري رحمان جي بل بابت وزيراعظم جنهن قسم جو معذرت وارو لهجو اختيار ڪندي وضاحتون جاري ڪيون، ان واضح ڪري ڇڏيو ته پيپلز پارٽي هاڻي مذهبي جنونيت خلاف مهاڏو اٽڪائڻ واري پاليسيءَ بجاءِ انهن سان به مصلحت ۽ مفاهمت وارو رويو اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ آڏو مصلحت ۽ گوڏا کوڙڻ ۾ ته پيپلز پارتي سمورا پٺيان رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. ايبٽ آباد واقعي ۽ پي اين ايس مهراڻ واقعي هڪ بئي پٺيان سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جي ادارتي ڪمزورين کي وائکو ڪيو ۽ پارليامنيٽ آڏو بريفنگ ۾ آءِ ايس آءِ ۽ وفج جي عملدارن کي سخت جملن کي منهن ڏيڻو پيو. 1971ع جي جنگ کانپوءِ هي ادارا ڪڏهن به ايترا ڪمزور ۽ پريشان نه ٿيا هئا جيترا هن وقت آهن. ملڪ اندر پارلياماني جمهوريت لاءِ موقعو هو ته هن عوامي لهر جو فائدو وٺندي انهن ادارن کي عوام ۽ پارليامينٽ اڳيان جوابده بنائي ها، پر ان جي ابتڙ حڪومت ساڻن گڏجي آمريڪا مخالف مهم شروع ڪري سندن وقتائتي واهر ڪئي. ساڳي طرح بلوچستان ۾ خروٽ آباد واقعي ۽ ڪراچيءَ ۾ نوجوان سرفراز شاهه جي قتل جي واقعن جي ميڊيا ۾ اچي وڃڻ بعد پيراملٽري فورسز جي وحشياڻي ذهنيت سڄي ملڪ آڏو وائکي ٿي وئي هئي، پر حالت اها آهي ته جڏهن سپريم ڪورٽ رينجرز ۽ پوليس جي آءِ جيز کي هٽائڻ جا حڪم ڏنا ته پيپلز پارٽي جي صوبائي حڪومت سندن دفاع ۾ سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ جو اعلان ڪري سڄي ملڪ اندر پنهنجو پاڻ کي کلڻ هاب ڪري ڇڏيو. وفاقي حڪومت جي پوئواري ۾ سنڌ حڪومت ٻه وکون اڳتي وڌڻ جي ان ڪوشش ۾ اهو به نه سوچيو ته سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جي ايڏي طرفداريءَ سان سندس سياسي اميج ڇا بنجندو. هي واقعا ايڏا ته پڌرا۽ کليل ٿيا هئا جو انهن جو دفاع سياسي بيوقوفي کان سواءِ ڪجهه به نه هئو. اها الڳ ڳالهه آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ سانگهڙ ويجهو ٽن قومپرست اڳواڻن جي وحشياڻي قتل ۽ ڪجهه مهينا اڳ ڪراچيءَ ۾ رينجرز هٿان ٻن لاڙڪاڻي واسي نوجوانن جا بي درديءَ سان ڪيل قتل کين ڦٻي چڪا هئا ۽ سنڌين جي چونڊيل حڪومت انهن واقعن تي مجرماڻي خاموشي اختيار ڪري رينجرز اهلڪارن جو دفاع ڪري چڪي هئي، پر تازا ٻه واقعا ته ميڊيا ۾ ايترا واضح ٿي سامهون آيا هئا جو انهن جو دفاع جو درجي جي بيوقوفيءَ وارو عمل هئو جنهن لاءِ پيپلز پارٽي حڪومت بنادير ميدان ۾ لهي پئي. هن وقت جڏهن اسيمبلي ۽ عوامي جلسن اندر نواز ليگ سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ خلاف سخت موقف اختيار ڪيو آهي ته پيپلز پارٽي ان لاءِ ڍال جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. نواز شريف پنهنجي ان لائين سان ڪيترو سچو آهي اهو ته الڳ بحث آهي پر پيپلز پارٽي پنهنجي تاريخي سڃاڻپ تان هٿ کڻي اهو واضح ڪري ڇڏيو آهي ته هاڻي ان به ماضيءَ جي مسلم ليگين جيان سول ملٽري اسٽيبلشمينٽ سان مزاحمت ترڪ ڪري مفاهمت ۽ مصلحت واري واٽ تي هلڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي، پيپلز پارٽي کي ان خدمت جو ڪهڙو ۽ ڪيترو صلو ملندو اهو ته ايندڙ وقت ٻڌائيندو پر ماضيءَ ۾ ذوالفقار علي ڀٽي کي مليل صلو حوالي طور تاريخ مان سکڻ لاءِ ڪافي آهي.

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو