Home / ڪور افيئر / !اڻ هوند سبب هڪ معصوم جو موت
above article banner

!اڻ هوند سبب هڪ معصوم جو موت

طارق عالم ابڙو، هڪ نوجوان ليکڪ ۽ ڏاهو جنهن کي مان 1986ع کان تڏهن کان سڃاڻان جڏهن پهريون دفعو ان جا گردا خراب ٿي ويا هئا، ڪجهه وقت ڊائلاسس تي رهڻ کانپوءِ طارق گردي جي پيوندڪاري ڪرائڻ انگلستان ويو، جتي ان کي پنهنجي ئي هڪ پياري، انسان دوست استاد، پروفيسر نوراني صاحب گردو دان ڪيو. PTV وارن نوراني صاحب کي مڃتا ڏيڻ لاءِ هڪ پروگرام جو بندوسب به ڪيو، جنهن ۾ مان به شامل هيس، ان ۾ پروفيسر صاحب اهو ٻڌايو ته گردي عطئي ڪرڻ جو فيصلو ان انساني جذبي تحت پنهنجي سڳي پٽ جي محبت ۽ ياد ۾ ڪيو، نوراني صاحب جهڙا ماڻهو جس لهڻن ۽ دنيا اهڙن انيڪ، نيڪ ماڻهن جي ڪري هلي پئي.

طارق سان وقتن فوقتن ملاقاتون ٿينديون رهيون، 1986ع کان 2010ع تائين هو چاڪ چڱو ڀلو هيو ۽ خوش به ڇاڪاڻ ته مهراڻ رسالي جي ادارت ۽ لکڻ پڙهڻ واري ڪم ۾ مشغول هيو. جڏهن به ڳالهه ٿيندي هئي ته چوندو هو ته ڊاڪٽر گهڻو ڪجهه ڏٺوسين ۽ جيڪو ڪجهه ڪرڻو ۽ لکڻو پڙهڻو هيو، اهو لکيو پڙهيوسين، هاڻ ڳڻتي ڪونهي، زندگي رهي يا نه، مون هڪ دفعي چيومانس ته تو جهڙن ماڻهن جي معاشري کي هر وقت ضرورت آهي، تنهن ڪري ڪڏهن به اهو نه سوچ ۽ زنده رهڻ جي ڪوشش ۽ چاڪ چڱو ڀلو رهڻ جي جستجو هميشه ڪندو رهه. هڪ ڏينهن چيائين ته ڊاڪٽر مون کي هيپٽائٽس سي به آهي. گردي جو ڪم به هاڻ متاثر ٿيو آهي، هاڻ ڪجهه نه ٿيندو. مون همت ٻڌرائي مانس ته اڄڪلهه جگر به پيوند ڪيو ويندو آهي، ۽ ٻيون، ٽيون ۽ چوٿون گردو به لڳي سگهي ٿو، 20 سال ٻيا جيئندين ته ٻه چار ٻيا ڪتاب لکي وٺندين، ٻار به پنهنجي پيرن تي بيهي ويندا، ڇو نه سائنس جي ترقي مان فائدو وٺجي، گهڻي بحث کانپوءِ آخر متفق ٿيو ۽ ٽيسٽ ڪرائڻ شروع ڪيائين.

جئين ته جگر جي پيوندڪاري هتي ڪو نه ٿيندي آهي ۽ ان جي گهڻ گهُرن پئسن حاصل ڪرڻ جي ڏس ۾ ڪوششون شروع ڪيون، سرڪار کي به مجبور ڪيو ويو ته اها پئسا ڏئي ته جيئن طارق عالم جو جگر ۽ گردو ٻئي تبديل ڪيا وڃن. سرڪار راضي به ٿي پر اها ئي روايتي سستي ۽ ٽال مٽول، يو اسان جهڙي ٽين دنيا جي ملڪن جو الميو جتي ماڻهو جو جياپو ڏاڍو مشڪل آهي، ان 21 صدي ۾ اسان جي ملڪ ۾ گردي جي پيوندڪاري کانسواءِ ٻي ڪنهن به عضوي جي پيوندڪاري ڪو نه ٿي ٿئي. طارق کي ان آپريشن لاءِ پرڏيهه وڃڻو هو، ان لاءِ لکين رپيا کپندا هئا ۽ ڪيتري ئي ڪاغذي ڪارروائي بيمار کي علاج ترت ۽ گهر ويجهو ملڻ گهرجي، افسوس جو اهو ٿي نه سگهيو، سڀ کان وڏو ڏک اهو ته طارق هڪ سچو اديب هيو، ڪو پئسي وارو سيٺ يا راشي آفيسر ڪو نه هيو جو فورن جهاز جي ٽڪيٽ ڪٽرائي اڏامي وڃي علاج ڪرائي اچي. ڪجهه ڏينهن اڳ طارق زندگي مان مايوس ٿي ويو هو ۽ پنهنجي گهر ڄامشورو واپس پنهنجي ٻارن ۽ خاندان ۾ وڃڻ جو ڏاڍو ضد ڪيائين، مون چيومانس ته ليکڪ ٻين کي همت ٻڌرائيندا آهن. تون ڇو ٿو مايوسي واريون ڳالهيون ڪرين. وراڻي ڏنائين ته هو به ته انسان آهي، ٿڪجي به سگهي ٿو، مايوس به ٿي سگهي ٿو، چيائين ته مون کي گهر وڃڻ جي اجازت ڏيو، بهرحال طارق جي طبيعت پوءِ خراب ٿيندي وئي ۽ ساهه کڻڻ جي هٿرادو مشين جي سهاري زندگي سُرڻ لڳي. عضون ساٿ ڇڏي ڏنو، دل بيهڻ لڳي، ساهه گهُٽجڻ لڳو، مشين به پنهنجو اثر وڃائڻ لڳي. جڏهن دل، جگر ۽ ڦڦڙن ساٿ ڏيڻ کان نابري واري ڇڏي ته زندگي هٿن مان نڪري ويندي آهي، اهڙي طرح جهڙي طرح طارق اسان جي هٿن مان نڪري ويو. خوشي جي ڳالهه اها آهي ته طارق ڄم ۽ موت جي وچ واري عرصي ۾ ايترو ڪجهه ڪري ويو جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي زندهه رکڻ لاءِ ڪافي آهي ۽ پوءِ انسان امر ٿيو وڃي. هر ذي شعور ذهن ۾ طارق هميشه زنده رهندو.

شايد اهو انهي ڪري پيو ٿئي جو امير ۽ سرندي وارا پنهنجو علاج ٻاهران دنيا مان ڳرا پسئا خرچ ڪري ڪرايو اچن، انهن کي ڪا مجبوري ڪونهي، سموريون پريشانيون اڻهوند وارن لاءِ آهن. اڄ تائين ڪيترائي طارق، ڪيترين ئي مائرن جا ڳڀرو پٽ، عورتن جا ور، ڀينرن جا ڀاءُ ۽ ڀائرن جون ڀينرون، ٻارڙن جا ماءُ پيءُ فقط انهي ڪري زندگي کان هٿ ڌوئي ويا، ڇاڪاڻ ته جگر، دل، لبلبي ۽ گردن جي پيوندڪاري نه ڪرائي سگهيا. اها ئي اڻهوند.دنيا چنڊ تي پهتي آهي اسين اُتي ئي اوائلي دور جي مسئلن ۾ ڦاٿل آهيون. طارق بچي سگهيو پئي جيڪڏهن جگر جي تبديلي جو آپريشن هن ملڪ ۾ ٿيندو هجي ها، زندگي بچائيندڙ سمورا آپريشن ۽ سمورو علاج هر ماڻهو کي مفت بغير ڪنهن فرق جي ملڻ گهرجي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو