Home / افيئر / !بدين سمورو سائي ۾ ورتل
above article banner

!بدين سمورو سائي ۾ ورتل

واپڊا ۽ ورلڊ بئنڪ جي پيدا ڪيل ايل بي او ڊي جي ڀيانڪ سامونڊي طوفانن، خوني ٻوڏن ۽ خوفناڪ زلزلن جو سڌي طرح نشانو بڻجي تباهه ٿيل بدين ضلعي جي ڏاکڻي سامونڊي پٽي واري علائقي ۾ انتهائي خطرناڪ ۽ موتمار بيماري هيپاٽائٽس بي- سي ڪاري ڪامڻ قهر ڪري ڇڏيا. چند سالن ۾ سوين معصوم انسان ان بيماري وگهي موت جو بک بڻجي ويا ۽ هزارين ماڻهو بيماري ۾ مبتلا ٿي موت جو انتظار ڪرڻ لڳا. ڪاري ڪامڻ جنهن ٿوري ئي عرصي ۾ مسڪين ماروئڙن جا ويڙها ويران ڪري ڇڏيا آهن ته پويان سندن ڪٽنب جا بچيل سمورا بيواهه ۽ يتيم ٿي ويل معصوم ٻار پڻ ڪاري ڪامڻ ۾ وٺجي ويا آهن. ڪاري ڪامڻ واري موت جو نشانو بڻيل هڪ اهڙو بدنصيب ڳوٺ ڪڍڻ شهر لڳ تماچي بجير جو آهي. جتي هيلتائين گذريل چئن پنجن سالن جي مختصر عرصي ۾ 14 معصوم انسان ڪاري ڪامڻ وگهي بنا ڪنهن علاج جي تڙپي تڙپي موت جو کاڄ بڻجي ويا، جنهن ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا جيڪي چار ڀارتي فوت ٿي ويا آهن. انهن ۾ هڪ پيءُ پيرسن هارون بجير، ان جي هڪ گهر واري صاحبان، ان جا ٻه نوجوان شادي شده پٽ لطيف ۽ بلاول شامل آهن. جنهن ۾ بلاول گذريل مهيني ۾ فوت ٿي ويو آهي. باقي فوت ٿيل ڳوٺاڻن ۾ مينهل پٽ ڪارو بجير، ڄمار 70 سال، خدا بخش پٽ رمضان بجير 25 سال، 15 ورهين جي زليخان ڌيءُ رمضان جيڪي پاڻ ۾ ڀيڻ ڀاءُ هئا. 35 ورهين جو حاجي پٽ رحيم، 24 ورهين جي مسمات املان زال عالي بجير، 37 سالن جو عثمان پٽ رحيم، 35 ورهين جي مسمات سُخان زال عثمان، جيڪي زال مڙس هئا. هن فوتين جو وري جيئري بچيل سڄو يتيم خاندان ان ساڳي ڪاري ڪامڻ ۾ مبتلا ٿي ويو آهي. انهن فوتين جي خاندان جي جن ڀاتين جي هيل تائين ڪاري ڪامڻ هيپاٽائٽس بي ۽ سي جي خطرناڪ وچڙندڙ بيماري جي تشخيص ٿي سگهي آهي انهن ۾: 30 ورهين جو مريض الهه بخش پٽ رمضان بجير جنهن جو 25 ورهين جو ننڍو ڀاءُ خدا بخش اڳ ۾ فوت ٿي ويو آهي ۽ انهن ٻنهي جي 20 ورهين جي هڪ ڀيڻ زاهدان ڌيءُ رمضان ۽ فوتي بلاول جا ٻه نوجوان پٽ، 24 ورهين جو رجب، 20 ورهين جو محمد علي، 22 ورهين جي هڪ ڌيءُ نوران زال رفيق، بيماري ۾ وٺجي ويا آهن ۽ ٻين مريضن ۾ 45 ورهين جي مسمات اجيمت زال طالب، 25 ورهين جي امينا زال شير محمد، 30 ورهين جي لالان زال مبارڪ، 40 ورهين جي سومل زال سومار، 50 سالن جو يعقوب پٽ عليم، 25 ورهين جي ميمي زال عليم، 35 ورهين جو شفيق محمد پٽ آدم بجير، 20 ورهين جي سڀاڳي زال حسين، 21 سال جو نور احمد پٽ وسايو، 22 ورهين جو جبار پٽ وسايو، جيڪي ٻئي پاڻ ۾ ڀائر آهن ۽ ڳو ٺ جي نيڪ مرد تماچي بجير جا ٽي پٽ هر هڪ 25 ورهين جو خالق ڏنو، 22 ورهين جو خان، 20 ورهين جو حاجي، 19 ورهين جي زاهدان زال خان، 25 ورهين جو رسول بخش پٽ مبارڪ، 17 ورهين جو غلام پٽ طالب ۽ 25 ورهين جو هوٽل جو مزدور عليم پٽ عثمان جيڪو پنهنجي اکين کان معذور پيءُ ۽ اٽڪل 15 گهر جي ڀاتين جو اڪيلو سهارو آهي هو ڪڍڻ شهر جي حسن بخاري واري هوٽل تي ڏهاڙي پورهيو ڪري پنهنجي آڪهه جو پيٽ پاليندڙ اهو پورهيت نوجوان عليم بجير، گذريل ٻن مهينن کان هوٽل تان غائب آهي، جنهن لاءِ معلوم ٿيو آهي ته اهو ڪاري ڪامڻ هيپاٽائٽس سي ۾ مبتلا ٿي گهر ۾ بستري داخل ٿي ويو آهي. ان خطرناڪ بيماري جو ڪو به علاج نه ٿيڻ ڪري بيماري جي شدت تمام گهڻي وڌي وڃڻ ڪري هو هلڻ کان به لاچار ٿي ويو آهي. سندس معصوم ٻار فاڪا ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. ان بات وڌيڪ اهو پڻ معلوم ٿيو آهي ته سندس گهر واري ۽ ڪجهه ٻار پڻ ڪاري ڪامڻ ۾ وٺجي ويا آهن ۽ ان غريب پورهيت جي حياتي سخت خطري ۾ ٻڌائي وڃي ٿي. اهڙي طرح ڳوٺ تماچي بجير جنهن جا 14 معصوم انسان هيلتائين ڪاري ڪامڻ وگهي موت جو شڪار ٿي ويا آهن ۽ اٽڪل 21 معصوم ڳوٺاڻا جن جي بيماري هيل تائين سڃاڻپ ٿي ويئي آهي. غربت سبب ڪاري ڪامڻ جو ڪو به علاج نه ٿيڻ ڪري انهن سڀني مريضن جي زندگي پڻ سخت خطري هيٺ آهي. جڏهن ته هن ڳوٺ جي وڌيڪ سڀني ڳوٺاڻن جي ڪاري ڪامڻ جي رت جون گهربل ٽيسٽون نه ڪرائڻ ڪري اها بنيادي ڄاڻ ئي نه آهي ته هن ڳوٺ جا باقي ڪيترا ڳوٺاڻا هن خطرناڪ وچڙندڙ بيماري کان هيل تائين بچي سگهيا آهن.

ان سلسلي ۾ ڊبليو ايڇ او، جي ڊسٽرڪٽ آفيسر ڊاڪٽر عبدالستار چانڊيو افيئر طرفان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته کيس لڳي ٿو ته ڳوٺ تماچي بجير کي ڪاري ڪامڻ ايتري حد تائين وڪوڙي ويئي آهي، جو مشڪل سان هن ڳوٺ جو ڪو فرد ڪاري ڪامڻ هيپاٽائٽس بي ۽ سي کان بچي سگهيو هجي. ڊاڪٽر ستار صحت کاتي سنڌ حڪومت ۽ بدين جي چونڊيل عوامي نمائندن کي اپيل ڪئي آهي ته ڳوٺ تماچي بجير جي سڀني ڳوٺاڻن جي هنگامي طور تي رت جي چڪاس ڪرائي وڃي، جنهن ۾ جيڪي به ماڻهو هيل تائين ڪاري ڪامڻ کان محفوظ هجن انهن کي هيپاٽائٽس بي جا ٽڪا هنيا وڃن ۽ بيماري ۾ مبتلا ٿيل مريضن جو فوري طور تي علاج ڪري انهن جون حياتيون بچايون وڃن ۽ اهو عمل بدين ضلعي ۽ خاص طور تي تباهي هيٺ آيل بدين جي سڄي سامونڊي پٽي جي سڀني ڳوٺن ۽ شهرن ۾ شروع ڪيو وڃي. جتي ڪاري ڪامڻ تمام تيزيءَ سان پکڙجي رهي آهي. ڊاڪٽر ستار ڳوٺ تماچي بجير ۾ ڪاري ڪامڻ وگهي ٿيل موتن ۽ هن ڳوٺ ۾ خطرناڪ حد تائين ڪاري ڪامڻ جي پکڙجڻ جو سبب عطائي ۽ ٻين ڪن بي رحم ڊاڪٽرن طرفان مريضن کي استعمال ٿيل پراڻيون سرنجون انجيڪشن ذريعي لڳائڻ ٻڌايو۽ ٻيو ذريعو ڏاڙهي ۽ وار ٺهرائڻ لاءِ حجامن طرفان هڪ ئي بليڊ گهڻن گراهڪن تي استعمال ڪرڻ به هن موتمار بيماري جي پکڙڻ جو خاص ڪارڻ آهي. ساڳي ڳالهه سول اسپتال بدين جي سينيئر ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر محمد رحيم راهمون افيئر کي ٻڌائيندي چيو ته بدنصيب ڳوٺ تماچي بجير جا مسڪين اٻوجهه ڳوٺاڻا پنهنجي بي سمجهي ۽ بيخبري جي ڪري علاج ڪرائڻ لاءِ وڌيڪ انجيڪشنون هڻائڻ جا بيحد شوقين آهن. اهي گهڻو ڪري عطائي ڊاڪٽرن کان علاج ڪرائيندا آهن، جتي اهي پنهنجي معصوم ٻارڙن کي پڻ هڪ کان وڌيڪ انجيڪشنون هڻائڻ جي گهر ڪندا آهن ۽ سڄي ڳوٺ کي ڪاري ڪامڻ جي وڪوڙجڻ جو اهو ئي مک ڪارڻ آهي ته اهي عطائي ڊاڪٽرن کان استعمال ٿيل سرنجون مريضن کي گهڻي تعداد ۾ هڻائين ٿا. اهي ٻئي علائقي جا ناليوارا ڊاڪٽر ڪاري ڪامڻ جي تيزيءَ سان پکڙجڻ جا ٻيا اهم سبب هيٺيان ٻڌائين ٿا. ڏندن ۽ جراحي جي استعمال ۾ ايندڙ اوزارن جو وائرس کان پاڪ نه هجڻ. غيرمحفوظ، جنسي ميلاپ، هڪ ئي سئي سان ڪن ۽ نڪ ٽوپڻ، بيمار مريض کي بنا Screening ڪرايل رت لڳائڻ، جسم تي مختلف فيشن وارا نشان لڳائڻ ۽ ماءُ کان حمل ۽ ٿڃ پيارڻ ذريعي پڻ ڪاري ڪامڻ، ٻارن ۾ منتقل ٿي سگهي ٿي. ڪاري ڪامڻ جي هي خوفناڪ بيماري بدين ضلعي ۽ خاص طور تي بدين جي سامونڊي پٽي ۾ هيل تائين ڪيتري پکڙي آهي؟ هن وقت ان جو تناسب ڇا آهي؟ واري سوال تي هي ٻئي ڊاڪٽر ڏڪي وڃن ٿا ۽ چون ٿا ته اسان کي جنهن به مريض ۾ شڪ لڳي ٿو ۽ اسين انهن جي رت جون ٽيسٽون ڪرايون ٿا ته انهن سڀني ۾ ڪاري ڪامڻ هيپاٽائٽس بي ۽ سي ضرور هجي ٿي ۽ اهي ٻئي ڊاڪٽر ان ڳالهه تي پڻ متفق راءِ آهن ته بدين جي هن علائقي ۾ ڪاري ڪامڻ سي جو تناسب هيپٽائٽس بي کان گهڻو وڌيڪ آهي، جيڪا پڻ هڪ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي.

ڪاري ڪامڻ کان سخت متاثر ٿيل سانحي واري ڳوٺ تماچي بجير جي نيڪ مرد تماچي بجير رابطو ڪرڻ تي افيئر کي ٻڌايو ته ٽي سال اڳ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي حڪم تي صحت کاتي بدين جي هڪ ٽيم سندس ڳوٺ ۾ پهچي ڳوٺاڻن جي رت جون ٽيسٽون ڪيون، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ڪاري ڪامڻ جا مريض ظاهر ٿيا، پر انهن مريضن جو سرڪاري طرح سان ڪو به علاج نه ڪيو ويو، جنهن ڪري هيلتائين 14 ڳوٺاڻا موت جو شڪار ٿي ويا ۽ 22 ڄڻا ان مرض ۾ مبتلا آهن. غربت سبب انهن جو ڪو به علاج نه ٿي رهيو آهي ۽ وڌيڪ ڳوٺاڻن جي رت جون ٽيسٽون ٿي نه سگهيون آهن. هن چيو ته ڪاري ڪامڻ جون ٽيسٽون ۽ ان جو علاج تمام گهڻو مهانگو هجڻ ڪري سندس ڳوٺ جي ماڻهن جي نسل ڪشي ٿي رهي آهي. ڪو به سندن واهر ڪرڻ وارو ناهي. سول اسپتال بدين ۾ وزيراعظم طرفان قائم ڪيل ڪاري ڪامڻ جي بچاءُ ۽ روڪ پروگرام جي هاڻوڪي انچارج ڊاڪٽر رمضان منڌرو جنهن فقط ٽي مهينا اڳ مذڪوره مرڪز جي چارج سنڀالي آهي، ان رابطو ڪرڻ تي “افيئر” کي ٻڌايو ته 2009ع کان قائم ٿيل آهن. سينٽر ۾ هيلتائين هيپٽائٽس سي جا ڪل فقط 1281 مريض ۽ بي جا فقط 140 مريض رجسٽرڊ ڪيا ويا آهن، جن مان هيپٽائيٽس جي 870 ۽ بي جي فقط 70 مريضن ڪورس مڪمل ڪيو آهي، هن چيو ته ڪاري ڪامڻ جون گهربل سموريون ٽيسٽون ۽ علاج مفت ۾ ڪيو وڃي ٿو، پر شرط اهو آهي ته اهڙا مريض هن سينٽر تائين پهچن. هن چيو ته هيپاٽائٽس سي جي مريض کي 6 مهينن تائين لڳندڙ 72 سين سميت بي جي مريضن جي علاج جا ڪيپسول پڻ هنن وٽ وڏي مقدار ۾ موجود آهن، پر اسان وٽ مريض گهٽ تعداد ۾ پهچي رهيا آهن، جڏهن ته بيماري تيزيءَ سان پکڙجي رهي آهي. ڊاڪٽر رمضان اعتراف ڪيو ته بدين جي سامونڊي پٽي ۾ ڪاري ڪامڻ جو تناسب تمام وڌيڪ آهي. اتي جي سڀني ماڻهن جي بلڊ اسڪريننگ ڪرائڻ تمام لازمي آهي، پر اسان وٽ ڳوٺن ۾ وڃي هزارين مريضن جي رت جي چڪاس ڪرائڻ جا وسيلا ناهن.

الله بچايو جمالي

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو