Home / افيئر / بلوچستان جي ويران چمن جو ڇا ٿيندو؟
above article banner

بلوچستان جي ويران چمن جو ڇا ٿيندو؟

بلوچستان ۾ ڪيترائي سال رپورٽنگ ڪرڻ دوران مون کي هن صوبي جي شهرن ۽ ماڻهن م ڪيترائي ڀيرا اداسي ۽ ويراني ڏسڻ ۾ آئي آهي، پر هن دفعي هن صوبي جا شهر ۽ ماڻهو مون کي اڳي کان وڌيڪ ويران ۽ اداس نظر آيا. رستي تي ويندي جڏهن آر سي ڊي شاهراهه خضدار ۾ هڪ ڏيڍ ڪلاڪ لاءِ ساهه پٽڻ واسطي گاڏي بيٺي تي مون کي بلوچستان جو ٽيون وڏو شهر عجيب ويراني جو شڪار لڳو. مشهور هوٽل چمروڪ (جنهن تي آر سي ڊي شاهراهه تي سفر ڪندڙ اڪثر بسون ۽ ٻيون مسافر گاڏيون بيهنديون آهن) جي ڪائونٽر تي ويٺل همراهه کان جڏهن ان ويران ۽ ماڻهن جي چرپر ۾ بنهه گهٽ هجڻ جو معلوم ڪيم ته سندس چوڻ موجب امن امان جي صورتحال سبب نه رڳو هن موسم ۾ سنڌ مان هتي ايندڙ ماڻهن جو تعداد 90 سيڪڙو گهٽجي ويو آهي، پر هن شهر جا سکيا ستابا ماڻهو ۽ سياسي سماجي ۽ قبائلي شخصيتون به هت نه رهڻ ۾ پنهنجي عافيت سمجهن ٿا. سندس چوڻ هو ته خاص طرح خضدار جي ڪاليجن جا اهي ڇوڪرا ۽ سياسي تنظيمن جا گروپ جيڪي ٽولا ٺاهي شهر جي هوٽلن ۽ مختلف هنڌن تي نظر انيدا هئا، سي هاڻي اڻلڀ ٿي ويا آهن ۽ جڏهن کان مختلف سياسي پارٽين خاص طرح قومپرست پارٽين جي ڪارڪنن جا تشدد ٿيل لاش ويرانين مان ملڻ لڳا آهن، تڏهن کان هن شهر جا عوامي هنڌ به ويران ٿي ويا آهن. خضدار شهر جي اها ويراني مون کي شهر جي پکيڙ سان گڏ هلندڙ روڊ سان پڻ ڏسڻ ۾ آئي، جتي ايف سي جي چار پنج چيڪ پوسٽن ٽرڪنگ اسٽيشنن کان سواءِ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو پنڌ يا سائيڪل تي هلندي نظر ٿي آيو.

ساڳي قسم جي ويراني ڪوئيٽا شهر ۾ پڻ ڏسڻ ۾ آئي. شهر ۾ ٻه ڏينهن اڳ نامعلوم هٿياربندن هٿان مارجي ويل پروفيسر غلام حسين عرف صبا دشتياري جي قتل خلاف بلوچستان يونيورسٽي ۽ ڪوئيٽا شهر جي بلوچ اڪثريتي علائقن ۾ احتجاج ۽ سوڳ واري ڪيفيت هئي. پروفيسر صبا دشتياري بلوچستان يونيورسٽي ۾ اسلاميات ۽ ٿيولاجي جو استاد هو. فلاسافي ۽ اسلاميات جي مضمونن مٿان عبور رکندڙ پروفيسر صبا دشتياري پنهنجي ڪٽر قومپرست ۽ انتهائي سيڪيولر خيالن سبب ساڳئي وقت تمام گهڻو پسنديده ۽ اڻوڻندڙ شخص هو. هو بلوچستان سماج جي قومپرست ڌرين ۽ بلوچ شاگرد تنظيمن لاءِ نظريادان، فلسفي، شاعر، تاريخ دان ۽ تربيت ڏيندڙ هڪ عظيم استاد ۽ اڳواڻ هو، جڏهن ته سندس خيالن سان اختلاف ڪندڙ هم منصب ۽ آس پاس جا ماڻهو کيس ملحد ۽ ڪٽر بلوچ قومپرست طور مخاطب ٿيندا هئا. پروفيسر صبا دشتياري بلوچ اديبن ۽ قومپرستن جي انهي ڪڙم ۾ شامل هيو، جن وٽ صاف گوئي، بي باقي ۽ بي خوف زندگي گذارڻ هڪ وٿ جيان هوندي آهي. توڙي جو بلوچستان ۾ هاڻي رڳو بندوق کڻي مزاحمت ڪندڙ ئي نشاني تي نه آهن ۽ حبيب جالب جي قتل کانپوءِ ٽارگيٽ ڪلنگ جي نئين رخ جو نشانو اهڙا ماڻهو به بڻجي رهيا آهن، جن جو قلم ۽ زبان به خطرو سمجهيا وڃن ٿا. پروفيسر صبا دشتياري جيڪو پنهنجي شخصيت ۾ ٻين انيڪ خوبين سان گڏ گفتار جو پڪو ۽ ڀوڳائي شخص پڻ هو، هميشه پنهنجن دوستن کي چوندو رهندو هيو ته هو بستري ۾ دست ۽ الٽي جي بيماري ۾ نه مرندو، پر رستن تي هلندي هلندي “بلوچ ڪوٽا” واري گولي کيس نشانو بڻائيندي.” ڪوئيٽا جي مشن روڊ تي اسپتال هلائيندڙ سندس هڪ ڊاڪٽر دوست کان جڏهن پروفيسر صبا دشياري جي حادثاتي موت بابت ڄاڻڻ چاهيم ته هن پڻ ساڳي ڳالهه ڪئي ته هو پنهنجي موت جي پيش گوئي کلندي کلندي ڪندو رهندو هو. ڊاڪٽر چواڻي، “هڪ اهڙو پروفيسر جيڪو ڪردار کان وانجهيل معاشري ۾ انتهائي ايماندار هجي، پنهنجي قومپرست ۽ آزادي پسند نظرين سان رياست کي ۽ مذهبي فلسفي سان مولوين کي چيڙائيندو هجي، وطن فروش ۽ ويڪائو سردارن جو ناقد هجي ۽ بلوچستان جي نوجوان کي روڊن، رستن، پارڪن ۽ هوٽلن ۾ ليڪچر ۽ سبق ڏيندو هجي، سو پنهنجي موت جو سامان ته گهڻي وقت کان ئي گڏ ڪري رهيو هو.” ڪوئيٽا ۾ امن امان جي صورتحال هڪ ڊگهي عرصي کان خراب هجڻ سبب اڪثر بلوچ سياسي اڳواڻ، دانشور، صحافي ۽ قوماپرست فڪر سان واڳيل اديب هڪ ڏهاڪي کان پنهنجي روايتي زندگي جا معمول تبديل ڪري چڪا آهن. ان ڪري اڪثر بلوچ قيادت ڪوئيٽا يا وري پنهنجن اباڻن شهرن بدران ڪراچي يا اسلام آباد ۾ نظر اچي ٿي. پروفيسر صبا دشتياري انهن آخري چند بلوچ قومپرستن مان هو، جن خطري باوجود پنهنجو معمول ڪڏهن به تبديل نه ڪيو. 2 جون واري ڏينهن به هو پنهنجو روايتي “جاگر” پائي گودڙي ڪلهي ۾ وجهي سرياب روڊ کان شهر جي مکيه علائقي جناح روڊ وڃي رهيو هو ته نامعلوم موٽرسائيڪل سوارن کيس گولين جو نشانو بڻايو. سندس قتل واري رات انصارالسلام نالي تنظيم واقعي جي ذميواري قبولي ڪندي پروفيسر جي مذهبي “ڪافراڻي” نظرئي کي قتل جو سبب قرار ڏنو. پروفيسر غلام حسين “صبا دشتياري” جي قتل ٿيڻ بعد بلوچستان جي پراسرار سياسي فضا ۾ جيڪا تشدد سان پڻ ڀرپور آهي، هڪ وڌيڪ ڏکوئيندڙ باب جو واڌارو ٿيو آهي ۽ رياست ۽ صوبي جي وچ ۾ وڇوٽيون ڀرجڻ بدران اڃا وڌيون آهن. بلوچستان جي قومپرست پارٽين خاص طرح آزادي پسند قومپرست پارٽين ان عمل کي رياستي ڪارروائي قرار ڏيندي پنهنجو روايتي ردعمل ظاهر ڪيو آهي، جنهن ۾ پروفيسر جي قتل تي ڪنهن انڪوائري جي مطالبي بدران ان کي هڪ وڌيڪ قرباني قرار ڏنو ويو آهي.

ڪوئيٽا ۾ ترسڻ بدران باقي ڪجهه ڏينهن به شٽرڊائون ۽ ڦيٿاروڪ سبب هڪ هنڌ محصور ٿي گذارڻا پيا. اڃا پروفيسر صبا دشتياري جي قتل تي احتجاج مس ماٺو ٿيو هو ته شهر ۾ جي يو آءِ نظرياتي جي سڏ تي پاڪ ڪتاب جي مبينا بي حرمتي خلاف مڪمل شٽرڊائون ۽ ڦيٿاروڪ ڪئي وئي. شهر جي ميزان چوڪ واري علائقي ۾ بجلي جي تار ۾ وچڙيل عربي عبارت (بعد ۾ جنهن لاءِ سرڪاري طور وضاحت ڪئي ئي ته عربي ۾ لکيل ٻئي ڪنهن ڪتاب جو ورق هيو) ملڻ کانپوءِ مڇريل ماڻهن انهيءَ مهل علائقي ۾ ڀڃ ڊاهه شروع ڪئي ۽ شهر جي مصروف ڪاروباري علائقي ۾ بيٺل گاڏين ۽ موٽرسائيڪلن کي ڏنڊابردار ماڻهن ايستائين پئي زور آزمائي ڪئي جيستائين ايف سي ۽ پوليس موقعي تي نه پهتي. جي يو آءِ نظرياتي، جي يو آءِ (ايف) مان ٽٽل هڪ ننڍڙو گروپ آهي، جنهن جي اڳواڻي مولانا عصمت الله ۽ مولوي نور محمد ڪري رهيا آهن، جيڪي هاڻوڪي توڙي اڳوڻي اسيمبلين جا ميمبر پڻ رهيا آهن. هي جماعت طالبان توڙي القاعده جي مڪمل ۽ اعلانيل حمايت ڪري ٿي ۽ مولانا عصمت الله قوي اسيمبلي ۾ اهو واحد ماڻهو هو، جنهن اسامه بن لادن جي موت تي اسيمبلي ۾ دعا گهرڻ جي ڪوشش ۽ مطالبو ڪيو هو.

ايندڙ ٻه ڏينهن پشتون خواهه عوامي ملي پارٽي جو وارو هيو جنهن زوب کان ڊيرا غازي خان ٽرانسميشن لائين واسطي بجيٽ ۾ پئسا نه رکڻ خلاف احتجاج جو سڏ ڏنو. پشتونخواهه ميپ طرفان هڪ ڊگهي عرصي کان پوءِ ڪنهن احتجاج جو سڏ ڏنو ويو آهي، ان ڪري پارٽي جي ڪوئيٽا توڙي سمورن پشتون علائقن ۾ اثر هئڻ ڪري ٻه ڏينهن مڪمل هڙتال ڪئي وئي.

هڙتالن جي انهن ڏينهن دوران جڏهن معلومات جو ذريعو رڳو ٽي وي ۽ اخبارون هيون ته منهنجي نظر 6 جون واري انگريزي اخبار ڊان ۾ ڇپيل وڪي ليڪس جي انهي ڪيبل تي پئي جيڪا 2006ع ۾ آمريڪي سفير ڪروڪر ان وقت بلوچستان جي صورتحال تي پنهنجي حڪومت کي اماڻي هئي. توڙي جو اها ڊپلوميٽڪ ڪيبل 2006ع ۾ نواب بگٽي واري واقعي کان اڳ جي اماڻيل آهي، پر ان وقت جي صورتحال ۽ اڄوڪي بلوچستان جي صورتحال ۾ ڪو گهڻو فرق نظر نه اچي رهيو آهي. آمريڪي سفير طرفان پنهنجي حڪومت کي ٻڌايو پئي ويو ته پاڪستان جي سرڪار بلوچستان ۾ ٻه رُخي، يعني لٺ ۽ چٺ واري پاليسي تي هلي رهي آهي. جنهن ۾ بلوچ علحدگي پسندن کي ڏنڊو ۽ باقي وسيع بلوچ آبادي کي پيڪيچز ذريعي راضي ڪيو پيو وڃي. ڪيبل ۾ آخري راءِ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سرڪار جا غلط قدم ۽ ماضي ۾ ڪيل واعدن ۽ اعلانن کي پاڻي نه ڏيڻ سبب سمورا حڪومتي منصوبا صوبي ۾ نتيجا نه ڏيئي رهيا آهن. صوبي جي پسماندگي ۽ سمورن شعبن ۾ پٺتي هجڻ ظاهر ڪري ٿو ته اهو خال تڏهن ئي ڀرجي سگهجي ٿو جڏهن عام بلوچ آبادي تعليمي ۽ معاشي لحاظ سان ملڪ جي ٻين حصن جي برابر نه ٿي اچي، ان عمل لاءِ ڪيترائي سال گهربل آهن. عبوري طور تي صوبي ۾ استحڪام پئدا ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته باغي سردارن ۽ مزاحمت ڪارن کي راضي ڪرڻ لاءِ اثرائتا سياسي قدم کنيا وڃن ته جيئن بلوچ عوام جي پنهنجي صوبي جي وهنوار هلائڻ ۽ پنهنجي وسيلن تي مالڪي هجڻ وارو احساس پئدا ٿي سگهي. جيتوڻيڪ حڪومت طرفان انهن معاشي قدمن جو بلوچستان تي تمام محدود اثر ٿي رهيو آهي، پر لڳي رهيو آهي ته انهن قدمن ۽ اعلانن سان حڪومت پاڪستان جي باقي عوام کي اهو تاثر ڏيئي رهي آهي ته اسلام آباد ملٽري وارو آپشن استعمال ڪرڻ کان اڳ هر طرح جون ڪوششون ڪيون آهن.”

2006ع ۾ آمريڪي سفير طرفان موڪليل ان خط ۽ بلوچستان جي هاڻوڪين حالتن ۾ ڪو وڏو فرق ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي. توڙي جو موجوده حالتن ۾ بلوچستان اندر ۽ ملڪ ۾ هڪ چونڊيل عوامي حڪومت آهي، ڪالهوڪي مشرف سرڪار جيان اڄ به بلوچستان لاءِ مختلف پيڪيج ۽ بجيٽ سڌارن جو اعلان ڪيو پيو وڃي، پر خاص طرح بلوچ عوام ۽ عام طرح صوبي جي سموري آبادي ۽ سرڪار وچ ۾ وڇوٽيون وقت سان گڏ وڌي رهيون آهن. 18هين آئيني ترميم، آغازِ حقوق بلوچستان جهڙن اصلاحي قدمن شروعاتي ڏينهن ۾ ته هتان جي اهڙين سياسي ڌرين جيڪي اڃا به ڳالهين ۽ سياسي پارلياماني طريقي کي مسئلن جو حل سمجهن ٿيون، تن اندر هڪ اميد پئدا ڪئي هئي، ساڳئي وقت بلوچستان جي چونڊيل حڪومت جي هيانءَ تي پڻ هڪ ڇنڊو پيو هو، وفاق طرفان ڏنل آغاز حقوق بلوچستان پيڪيج ذريعي ملندڙ نوڪرين، اين ايف سي ايوارڊ ۾ بلوچستان جي وڌي ويندڙ مالي حصي ۽ بلوچستان حڪومت مٿان چڙهيل 27 ملين جو اوور ڊرافٽ وفاق طرفان پنهنجي مٿان کڻڻ جهڙن قدمن کي صوبائي سرڪار هڪ سال تائين ڳڻائيندي رهي. ان کانسواءِ گوادر پورٽ جي مالڪي ۽ رڪوڊڪ منصوبي جي انتظام ۾ صوبائي حڪومت جي مرضي هلائڻ جهڙا قدم به صوبائي حڪومت پنهنجي حاصلات واري لسٽ ۾ ڳڻائي رهي آهي. انهن سمورين دعوائن ۽ ڪاميابين باوجود ڪالهوڪي سرڪار ۽ اڄوڪي سرڪار جي حڪمراني هيٺ هلندڙ بلوچستان ۾ جيڪا هڪ جهڙائي آهي، سا آهي هڪ پاسي معاشي پيڪيجز جا اعلان ۽ ٻئي پاسي نه ختم ٿيندڙ ٽارگيٽ ڪلنگز، احتجاج، ماڻهن جو لاپتا ٿيڻ ۽ سرڪاري ملڪيتن مٿان حملا، صوبي ۾ جهيڙيندڙ پارٽين ۽ گروپ ته پري جي ڳالهه آهي، هاڻوڪي پ پ حڪومت بلوچستان جي انهن وڇٿرين سياسي جماعتن کي به مڪمل پرچائڻ ۾ ناڪام وئي آهي، جن طرفان سڌي يا اڻ سڌي طرح بلوچستان لاءِ اعلانيل وفاقي پيڪيجز جي آجيان ۽ حمايت ڪئي آهي.

بلوچستان اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر ۽ نيشنل پارٽي جي مرڪزي ڪاميٽي جي ميمبر رحمت بلوچ سان اتفاقي طور ڪنهن تقريب ۾ ملاقات ٿي، ان مختصر ڪچهري ۾ جڏهن رحمت بلوچ کان پڇيم ته بلوچ سياسي قيادت گم آهي، خاص طرح توهان جي پارٽي جا اڳواڻ ته ڪوئيٽا اچڻ جو نالو ئي نٿا وٺن؟ رحمت بلوچ پنهنجي مخصوص انداز ۾ کلندي هن وراڻيو ته “بلوچ قيادت گم نه ٿئي ته ڪاڏي وڃي، هر پاسي کان مارجون ٿا، خبر نه آهي، ڪير پيو ڪنهن کي نشانو بڻائي، سندس اشارو حبيب جالب ۽ صبا دشتياري سميت نيشنل پارٽي ۽ بي اين پي مينگل جي انهن مقامي اڳواڻن ڏانهن هيو، جن کي قتل ڪرڻ بعد مختلف ڪاغذي تنظيم جن جو اڳ نالو نشان ئي نه ٻڌو ويو هو، طرفان ذميواري قبول ڪئي وئي. مون جڏهن کانئس پڇيو ته ڇا توهان سميت ٻيون اهڙيون پارٽيون جيڪي حڪومتي پيڪيجز ۽ ريفارمز جي حمايت ڪري چڪيون آهن، مايوس آهيو؟ ته سندس جواب هائوڪار ۾ هيو. رحمت بلوچ موجب 18 آئيني ترميم تي صحيحون ڪرڻ باوجود بظاهر بلوچستان ۾ انهن آئيني سڌارن نه اختيارن ۾ توازن پئدا ڪيو آهي ۽ نه وري صوبي جي سياسي فضا ۾ ماٺار آئي آهي. نتيجي ۾ اهڙين سڀني سياسي ڌرين ۽ فردن لاءِ مشڪلاتون پئدا ٿيون آهن، جيڪي سمجهي رهيا هئا ته آئيني ۽ معاشي سڌارن ۽ اختيارن جي منتقلي ذريعي مسئلي جو حل ڪڍي سگهجي ٿو.

بلوچستان ۾ رهڻ دوران مختلف ماڻهن سان ٿيل ڪچهرين مان اهو پڻ معلوم ٿيو ته صوبائي حڪومت ۽ بلوچستان مان چونڊيل نمائندا ڪيئن تيزيءَ سان پنهنجي مقبوليت ۽ حمايت وڃائي رهيا آهن. نواب اسلم رئيساڻي جي اڳواڻي ۾ هلندر حڪومت هاڻي رڳو سندس وزيرن سميت ايس ايم ايس ۾ مقبول آهي، جن ۾ ماڻهو اڪثر وڏي وزير ۽ سندس وزيرن مٿان ٽوٽڪا ۽ لطيفا ٺاهي هڪ ٻئي ڏانهن موڪلين ٿا. وڏي وزير جو اڪثر وقت اسلام آباد ۾ گذرڻ جو ذڪر گاديءَ واري شهر ۽ هنڌ هنڌ هلي رهيو آهي، سندس وزير ۽ صوبائي ڪامورا شاهي به بنا ڪنهن رنڊڪ جي رشوتن جا رڪارڊ قائم ڪري رهي آهي. “سفارش ۽ رشوت اڄوڪي بلوچستان جي انتظامي وهنوار جا سڀ کان وڏا اوزار آهن.” سيڪريٽريٽ ۽ حڪومتي معاملن تي رپورٽنگ ڪندڙ هڪ پشتون صحافي دوست ڪچهري دوران گهڻو وقت ان ڳالهه کي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. دلچسپ ڳالهه هي آهي ته نجي ڪچهرين ۾ صوبائي حڪومت اندر ڪرپشن ۽ بدعنوانين جا سوين مثال ڏيندڙ مقامي صحافي پنهنجن پنهنجن ادارن کي اهڙو ڪجهه به رپورٽ نه ٿا ڪن. بلوچستان اندر صحافتي ڪم وارن سالن دوران مون جيڪا ڳالهه هميشه بلوچستان جي اخبارن ۽ اتان ٽي وي چئنلز لاءِ رپورٽ ٿيندي ڏٺي سا هئي واقعاتي رپورٽنگ. بلوچستان جون اڪثر وڏيون اردو ۽ انگريزي اخبارون انويسٽيگيٽو اسٽوريز ۽ اوپينين پيجز کان وانجهيل هونديون آهن. آءٌ هڪ هفتي تائين بلوچستان جي مخلتف اخبارن جا ايڊيٽوريل پنا ۽ اوپينين جاچيندو رهيس ته جيئن هاڻوڪين حالتن بابت آگاهي وٺي سگهجي، پر 99 سيڪڙو اخبارن ۾ مضمون ٻئي هنڌان اڌارا کنيل هئا، جنهن ۾ بلوچستان بابت هڪ لفظ به ڇپيل نه هيو. ڪجهه مقامي ڪالم نگار ۽ صحافي قوم پرست ڌرين جي همدرد اخبارن ۾ لکن ٿا، جنهن کي پڻ اڻ ڌريو ۽ اڻ پورو چئي سهگجي ٿو، بهرحال بلوچستان ۾ مروج حالتن ۾ اتان جا صحافي سکي ويا آهن ته “سرڪار ۽ سردار ” کي نه ڇيڙڻ ۾ ئي سندن بهتري ۽ بچاءُ آهي. ان ڪري بلوچستان بابت جيڪو به ڪجهه ڇپجي ٿو، سو ملڪ کان ٻاهر يا وري ٽي وي ۾ ويٺل اهڙن اينڪرن واتان ٻڌجي ٿو، جيڪي ان تجزئي جي دٻ سهڻ جي سگهه رکن ٿا.

10 ڏينهن بلوچستان ۾ رهڻ ۽ مختلف ماڻهن سان ڪچهرين باوجود آءٌ هن صوبي ۾ جاري غيريقيني صورتحال ۽ ان جي نتيجي ۾ اڳتي هلي ڇا ٿيندو، واري جواب کي هميشه جيان هٿ نه ڪري سگهيس، ماڻهن ۾ مايوسي ۽ شهر ۾ هر وقت پيڇو ڪندڙ خوف هن صوبي جي پراسرار سياسي فضا کان هر ڏينهن وڌيڪ “ڳجهه” ڏانهن وٺي وڃي رهيو آهي. ڪوئيٽا شهر ۾ ايف سي هٿان پرڏيهين کي سرعام گوليون وسائي قتل ڪرڻ جو واقعو ۽ ان جي نتيجي ۾ پئدا ٿيل دهشت ماڻهن کي ماٺ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. واقعي جي جانچ لاءِ جوڙيل ٽربيونل ۾ شاهدي ڏيندڙ صحافي ۽ پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر پوليس هٿان مار کائي رهيا آهن، پنهنجن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندڙ ينگ ڊاڪٽر 15 ڏينهن کان اسپتالون بند ڪري روڊن تي آهن، صبا دشتياري جي قتل بعد بلوچستان يونيورسٽي کليل هوندي به ڄڻ بند آهي، هزارا ڪميونٽي جڳ مشهور باڪسر ابرار حسين جو لاش کڻي روڊن تي احتجاج ڪري رهي آهي، روڊن ۽ بازارن ۾ هلندڙ ماڻهو ۽ مشين گن جي ٽريگر تي هٿ رکي موبائيل ۾ گهمندڙ ايف سي اهلڪار پنهنجي پنهنجي حصي جي خوف ۾ مبتلا آهن. ۽ ٻئي طرف بلوچستان حڪومت مالي سال 2001ع جي بجيٽ ٺاهڻ ۾ رڌل آهي هڪ اهڙي بجيٽ جيڪا اڳ جيان هڪ دفعو ٻيهر خوشحالي جو سبب بڻبي، بلوچستان جي عوام جي نه پر 65 چونڊيل نمائندن جي خوشحالي-

 

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو