Home / افيئر / !ٻوڏ ستايلن جي نالي تي دُڪانداري
above article banner

!ٻوڏ ستايلن جي نالي تي دُڪانداري

گذريل سال جي ٻوڏ سبب دربدر ٿيندڙ لکين ماڻهن جي لڏپلاڻ کان وٺي ڪئمپن ۾ ڪسمپري واري سموري عمل کي نه صرف ميڊيا ماڻهن تائين پهچايو، پر شهرن ۾ رهندڙ کوڙ سارن سماجي ڪارڪنن ۽ غيرسرڪاري ادارن (NGOs) ۾ نوڪري ڪندڙ سفيد پوش نوجوانن سڄي ماجرا کي مختلف وسيلن سان عوام آڏو پڌرو ڪيو، پر هاڻ جڏهن ٻوڏ ستايل خلق جي خاموشي سان پنهنجن علائقن ڏانهن واپسي ٿي چڪي آهي ۽ متاثر ٿيل خاندانن جياپي جي جدوجهد جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي ۽ غيرسرڪاري ادارن جي ڪم جي طريقئه ڪار تي نظر رکڻ لاءِ نه ته ميڊيا جي دلچسپي رهي آهي ۽ نه ئي ڪو مثبت بحث ڇڙي سگهيو آهي.

جيتوڻيڪ جڏهن ٻوڏ آئي هئي ته تقريبن اڌ سنڌ ٻڏي پئي هئي بکيا اڃيا خاندان جان جي حفاظت لاءِ ننڍن وڏن شهرن ڏانهن ڀڳا هئا. اها خبر انهن ماڻهن کي آهي جن عورتن جا زيور ۽ مال متاع کپائي ڀاڙو ڪري ڪنهن ڪيمپ ۾ پهتا هئا. ان وقت هڪ عام بحث اهو به هو ته ٿورو وقت کانپوءِ اها بکي ۽ اڃي خلق ملڪ ۾ تباهي مچائي ڇڏيندي. علائقي ۾ ڏوهه وڌي ويندا ۽ ماڻهو ملڪيتن تي قبضا ڪرڻ شروع ڪندا، پر وقت ثابت ڪيو ته اهي اندازا غلط ثابت ٿيا ۽ مسڪين ماڻهن باوجود ذلت آميز زندگي جي پرامن طريقي سان پنهنجا واهڻ وسايا. ڏٺو وڃي ته ٻوڏ سبب متاثر ٿيندڙ خاندانن ۾ اڪثريت انتهائي غريب ماڻهن جي هئي جن وٽ تعليم ۽ دولت ٻنهي جي شديد کوٽ هئي، پر باوجود بکن ۽ اڃن جي انهن ڪنهن فيڪٽري، بينڪ ۽ بنگلي تي حملو نه ڪيو. ان جي ابتڙ حڪومتي نمائندن سرڪاري آفيسرن۽ سفيد پوش پڙهيل لکيل ماڻهن ٻوڏ کي غنيمت سمجهي متاثرن لاءِ ايندڙ پيسي ۽ سامان کي پنهنجي لاءِ استعمال ڪيو.

جيڪب آباد جا اهي پڙهيل لکيل نوجوان پاڻ سان گڏ ليپ ٽاپ ۽ پرنٽر کڻي ڪراچي جي هوٽلن ۾ اچي ترسيا هئا، جڏهن ٻوڏ جو پاڻي شهر ۾ داخل ٿي رهيو هو. سندن موقف هو ته اسان شهرن ۾مختلف حڪومتي ادارن ۽ NGOs کي پروپوزل ڏيڻ آيا آهيون ته ٻوڏ متاثرن جي ڪهڙي نموني مدد ڪري سگهجي ٿي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اڃا پاڻي شهر ۾ داخل ٿيو ئي نه هو ته نوجوانن اندازو لڳايو ته اسپتالون ۽ اسڪول ڪري پوندا ان ڪري بچاءَ، کاڌي پيتي ۽ رهائش جو بندوبست ڪجي هنن کي اسڪولن جي تعمير جو کٽڪو وڌيڪ هو. اها صرف جيڪب آباد جي ڪهاڻي ناهي ٻوڏ جتي ماڻهن کي دربدر ڪيو اتي هر گهر ۾ NGO ٺهرائي وئي رات پيٽ ۾ پروپوزل ڊزائن ٿيا ۽ پڙهيا لکيا همراهه بجاءِ ماڻهن جي مدد ڪرڻجي پروجيڪٽن جي چڪر ۾ لڳا رهيا.

سڀ کان بدترين صورتحال جيڪا ٻوڏ واري دور ۽ بعد ۾ سامهون آئي سا هئي ماڻهن مان رضاڪاراڻي جذبي جو ختم ٿي وڃڻ. ڳوٺن جي اٻوجهه ماڻهن جن جي زندگي جو گاڏو ئي هڪٻئي جي مدد Social Volunteers تي هوندو آهي. انهن کان پيسن جي عيوض جذبو خريد ڪيو ويو. NGOs ۾ ڳرين پگهارن تي ڪم ڪندڙ نوجوانن شايد ان پهلو تي سوچيو به نه ته ڳوٺاڻن جي بي غرض ۽ بي لوث جذبي جي اهميت ڇا آهي؟ جوهي ۾ سولنگين جي ڳوٺ ۾گهر ٺاهيندڙ هڪڙي ننڍي عمر جي ڇوڪري کان پڇيم ته سڄي ڏينهن ۾ گهڻا ڪلاڪ ڪم ڪندو آهن. چيائين ته ٻه ٽي ڪلاڪ ڪم ڪري باقي ڏينهن آرام ڪندو آهيان ڇوته مان پنهنجو گهر تعمير ڪري رهيو آهيان، جنهن لاءِ پيسا هڪڙي NGO ڏنا آهن، مٿان وري مزوري جا پيسا به ڏين ٿا ان ڪري ڪم کي اينگهائي رهيو آهيان، جيئن منهنجي ڏهاڙي کري رهي.

شڪارپور جي ڳوٺ ابڙا ۾ چاليهارو کن مردن کي اوطاق تي ويٺل ڏسي پڇيم ته ڏيو خبر سڀ گڏجي ويٺا آهيو. جواب مليو ته صبح کان هڪڙي NGO جي انتظار ۾ ويٺا آهيون، جن واعدو ڪيو آهي ته هو اسان کي ڳوٺ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ پيسا ڏيندا.

معلوم ڪرڻ تي خبر پئي ته هڪڙي بين الاقوامي NGO ماڻهن کي Cash for work تحت پيسا ڏئي رهي آهي، جنهن ۾ ڪم جو تعين ڳوٺاڻا پاڻ ڪندا. دلچسپ حقيقت اها آهي ته ڳوٺاڻن پئسا وٺي بجاءِ پنهنجا گهر گهاٽ ٺاهڻ، روڊن ۽ رستن تي ابتيون سبتيون ڪوڏرون وهائي ڏينهن پئي گذاريو.

توهان ٻهراڙي ۾ وڃي ڏسو ڳوٺ ۾ هزارن جي تعداد ۾ پلاسٽڪ جا ٺاهيل Toilet هر هنڌ ڏسڻ ۾ ايندا جنهن کي استعمال ڪير به نه ٿو ڪري. جڏهن ته ان جي ابتڙ جتي ماڻهن کي پيئڻ جي پاڻي جي ضرورت آهي، بجاءِ جو ڳوٺ ۾ نلڪا هڻي ڏيڻ جي NGOs وارن ماڻهن کي هزارين رپين جون منرل واٽر جو بوتلون پئي ورهايون. شڪارپور ۾ 25 هزار منرل واٽر جون بوتلون جيڪي اس ۾ خراب ٿي ويون ويون، سي گٽر ۾ وهائڻ لاءِ مزدورن کي پئسا ڏنا ويا. بلڪل ان ئي عرصي ۾ جيڪب آباد جي شهرن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ ۽ ٽينڪرن جي هڙتال سبب هزارين شهرين جي هٿن ۾ ٿانو هئا ۽ پاڻي جي هڪڙي هڪڙي ڦڙي تي جهيڙا ٿي رهيا هئا.

جيتوڻيڪ ٻوڏ ماڻهن کي پريشان نه ڪيو، پر ڪئين اهڙا علائقا آهن، جتي ٻوڏ کان پوءِ بهترين فصل ٿيا آهن. ماڻهن پنهنجي زندگي وري شروع ڪري ڇڏي آهي. انهن علائقن ۾ حڪومت جي ادارن پاران ته ڪجهه به نه ڏنو ويو آهي، پر NGOs ڪنهن حد تائين اڃا به موجود ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. مسئلو ترجيحن جو آهي، جيتوڻيڪ هر پروجيڪٽ ۾ هڪڙو عنصر شراڪتي ترقي جو آهي. پر عملي طرح ڏٺو ويو آهي ته شراڪتي ترقي جا صلاح مشورا ڳوٺن جي ماڻهن جي بجاءِ شهرن ۾ ويٺل سفيد پوش طبقو ڪري ٿو جيڪي ڳوٺ جي زندگي جي ضرورتن جو تعين شهرن جي زندگي سان ڪن ٿا. نتيجي جي طور تي لابارو ڪندڙ عورتن کي صفائي سٿرائي جي تربيت ڏيندي هن کي Toilet استعمال ڪرڻ جا فائدا ٻڌايا وڃن ٿا.

ٻوڏ دوران ۽ ٻوڏ کان پوءِ واري عرصي ۾ سڀ کان وڌيڪ جنهن شئي جي ڪمي محسوس ڪئي وئي سا هئي ادارن جي وچ ۾ معلومات جي فراهمي ۽ هڪٻئي سان صلاح مشورا. جڏهن ته شراڪتي ترقي جي نالي تي مقامي ڳوٺاڻن کي منصوبابندي واري عمل ۾ نظرانداز ڪرڻ. حقيقت ۾ ٻوڏ کان پوءِ بين الاقوامي تنظيمن ۽ ٻاهرين امداد جي نتيجي ۾ ڪروڙين رپين جا فنڊ مليا، پر کوڙ سارن منصوبن ۾ پيسو اجاين خرچن ۾ ضايع ڪيو ويو، جنهن سان ڊگهي مدي واري ترقي جو ڪو تعلق نه ٿو ڏسڻ ۾ اچي. جڏهن ته سڀ کان بدترين عمل جنهن ڳوٺاڻن کي مدد جي نالي تي پنڻ سيکاريو سو آهي، ماڻهن کان سندن رضاڪاراڻي جذبي جو پيسن تي سودو، اڪثر ڏسڻ ۾ آيو آهي ته ماڻهن پنهنجا گهر اڏڻ بند ڪري ڇڏيا آهن، صرف ان آسري تي ته مقامي NGOs انهن کي دلاسا ڏنا آهن ته هنن لاءِ فنڊ وٺي اچبو، فنڊ ملي نه ملي پر ماڻهن ۾ ٻين تي ڀاڙڻ وارو عمل ضرور وڌيو آهي.

ان سڄي صورتحال ۾ سياسي پارٽين ۽ مقامي رضاڪارن جي جتي شديد ضرورت هئي اتي انهن جي غيرموجودگي کي محسوس به ڪيو ويو. ان ايمرجنسي واري عرصي ۾ ضرورت ان عمل جي به هئي ته غريب ماڻهن کي مالڪي جو احساس ڏيارجي ۽ هنن سان ڏکئي دور ۾ گڏجي حالتن جو مقابلو ڪرڻ سيکارجي ها، پر بدقسمتي سان رضاڪاراڻي جذبي تحت اڀرندڙ قيادت جي بجاءِ نوجوانن پيسن عيوض ڪم ڪري موقعو ضايع ڪيو ۽ ماڻهن ۾ بجاءِ حالتن جو مقابلو ڪرڻ جي ٻين تي ڀاڙڻ جو درس ڏنو، پري نه وڃو هن سال جي ٻوڏ وري مٿان آهي. غور سان جائزو وٺبو ته ٻوڏ جو مقابلو ڪرڻ جي بجاءِ اسان جي مقامي نوجوانن جي قيادت نقصانن جا انومان لڳائي ڪروڙين رپين جا پروجيڪٽ وٺڻ جي تياري ۾ رڌل ملندا.

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو