Home / افيئر / !چين جو آمريڪا کي سامونڊي حدن جي تڪرار بابت چتاءُ
above article banner

!چين جو آمريڪا کي سامونڊي حدن جي تڪرار بابت چتاءُ

 

چين آمريڪا کي خبردار ڪيو آهي ته اهو سائوٿ چائنا سي (South china sea) جي حدن جي حوالي سان پيدا ٿيندڙ تڪرار ۾ ٻين ملڪن کي بيجنگ خلاف ڀڙڪائڻ کان پري رهي. هن اهو پڻ چيو آهي ته واشنگٽن هروڀرو پاڻ کي تڪرار ۾ ملوث ڪري پاڻ لاءِ خطرو نه کڻي. چين جي نائب پرڏيهي وزير چوئي ٽيانڪي جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن آمريڪا هڪ ڊگهي عرصي کان جاري تڪرار ۾ نه پوي ته بهتر ٿيندو. ان هوندي به هن اها ڳالهه تسيلم ڪئي ته اوباما لاءِ انتهائي ضروري علائقي ۾ جهازراني جي آزادي آمريڪا جي مفاد ۾ آهي. هن اهو پڻ چيو ته مختلف ملڪ باهه سان کيڏي رهيا آهن ۽ اميد آهي ته اها باهه آمريڪا طرف نه وڌندي. هن چيو ته چين ويٽنام سميت ڪنهن به ملڪ سان تڪرا ۾ وڃڻ نٿو چاهي.

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو