Home / ويندي ويندي / رنگين فوٽو ڇپائڻ جي خودمختياري
above article banner

رنگين فوٽو ڇپائڻ جي خودمختياري

صوبائي خودمختياري جنرل ايوب خان جي خواهش هئي، جنرل يحيٰ اها بنگالين کي ڏيڻ پئي چاهي، جنرل ضيااءَ لحق ڀٽي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ بلوچن کي صوبائي خودمختياري نه ملڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ جنرل مشرف 1999ع جي آڪٽوبر انقلاب کان پوءِ جهاز تان لهڻ کان پوءِ اڌرات جو ڪيل خطاب ۾ صوبن کي خودمختياري نه ملڻ تي وڏي ڏک جو اظهار ڪيو هو. گذريل هفتي سوا کان اخبارن ۾ شايع ٿيندڙ اشتهارن کان پوءِ معلوم ٿيو ته صوبائي خودمختياري جو خواب ۽ سراب ميان رضا رباني جي ڪوششن سان حقيقت ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. هاڻ ملڪ ۾ صوبا خودمختيار آهن. اڪثر جنرل پهنجي قبرن ۾ آرامي آهن. سندن روح ملڪي مفاد جو تعين ڪندا رهن ٿا.

صوبائي خودمختياري الائي ڇا ٿيندي آهي، ڇو ته جيڪا شيءِ اسان ڏٺي ئي ڪانهي ان جي باري ۾ بيان ڇا ڪريون؟ سنڌ 1936ع کان اڳ بمبئي صوبي جي هڪ ڊويزن هئي، 1936ع ۾ ڌار صوبو بڻي ۽ کيس 1935ع جي گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ هيٺ صوبائي خودمختياري ڇو. سنڌ کڻي انگريزن جي غلامي ۾ هئي، دهلي ۾ ويٺل انگريز وائسراءِ برطانيه ۾ ويٺل انگريز راڻي ۽ وزير اعظم کان هدايتون وٺي هيٺ صوبن جي گورنرن کي ڏيندو هئو ۽ انگريز گورنر صوبن تي فرعونن وانگر حڪومت ڪندا هئا. 1937ع کان 1947 تائين سنڌ ۾ صوبائي حڪومت رهي جنهن ۾ ڪڏهن مسلم ليگ جي ته ڪڏهن مسلم ليگ مخالف ڌڙي جي سرڪار رهي. انگريزن جي غلامي واري سنڌ جي اسيمبلي پنهنجي انتظامي ڪمن ۾، ٽيڪس، وڻج واپار، قدرتي وسيلن ۽ بندرگاهن بابت پاڻ فيصلو ڪندي هئي. سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ سيشن ٿيندا هئا. اسيمبلي فيصلا ڪندي هئي ته ڪيتري ڍل اوڳاڙجي ۽ انگريزن سان جنگ ۾ ڪيترو تعاون ڪجي، ڪيترو انڪار ڪجي. کڻي جو سنڌ علامي ۾ هئي ۽ سنڌ جي ريموٽ ڪنٽرول واري بٽڻ تي هٿ انگريز وائسراءِ ۽ گورنر جو هو، پر سنڌ جي صوبائي سرڪار سنڌ جي ڀلائي بابت پاڻ سر اهڙا ته فيصلا ڪيا جو جڏهن 1947ع ۾ ملڪ ٺهيو پئي ته سنڌ جي خزاني ۾ 9 ڪروڙ جي رقم بچت ۾ هئي، جيڪا نئين ملڪ هلائڻ لاءِ مرڪزي سرڪار کي دان ۾ ڏني وئي، پر نئين ٺهيل ملڪ ۾ سنڌ کي جيڪا خودمختياري ملي تنهن ڪانگريس ۽ انگريزن سان خودمختياري جي سوال تي وڙهندڙ سنڌي قيادت جا هوش ئي ٺڪاڻي تي لڳائي ڇڏيا. لياقت علي خان سنڌي مسلم ليگين سان اها ڪار ڪئي جو کين انگريز گونرر جا فوٽو فريم ڪري ديوار تي لڳائڻ جي اڪير ٿيڻ لڳي.

سٺ سال کان مٿي جو عرصو گذري ويو، سنڌ جي آبادي جو توازن بگڙجي ويو، سنڌ جي اسيمبلي ۾ سنڌي ميمبرن جو انگ گهٽجندو ۽ غيرسنڌي ميمبرن ۽ وزيرن جو وڌندو رهيو، جتي ملڪ جي پارليامينٽ ئي لانگ بوٽن جي مارچ کان محفوظ ناهي، اتي سنڌ اسيمبلي جي ڇا اوقات آهي؟ صوبن جي حقن جي حفاظت ايتري ئي آهي، جيتري ملڪ ۾ عورتن ۽ اقليتن جي. کڻي جو آئين ۾ سندن باري ۾ ڀليون ڳالهيون ٿيل هجن، پر حقيقت ته اها ئي آهي جيڪا روز اخبارن ۾ رپورٽ ٿيندڙ واقعن ۾ نظر اچي ٿي: غيرت ۽ توهين جي تلوار سدائين مٿان ٽنگيل.

سنڌ جي ڪوئلي جا فيصلا ڊاڪٽر ثمر مبارڪ ڪري ۽ تيل ۽ گئس جا معاهدا اسلام آباد ۾ ويٺل ڪامورا ته صوبن جي خودمختياري جو تعين ڪرڻ ڪو ڏکيو ڪونهي. اين ايف سي، ارسا، سي سي آءِ ۽ اهڙن ٻين فورمن تي سنڌ جي نمائندن کي دانهن ڪرڻ جو ته اختيار آهي، پر فيصلا هميشه ملڪي مفاد ۾ ئي ٿيندا رهندا.

۽ ملڪي مفاد جو تعين ڪا پارليامينٽ نه پر اسٽيبلشمينٽ ڪري ٿي، جنهن ۾ نمائندگي جو حق سنڌ کي في الحال ته ڪونهي، مستقبل ۾ متان اتي ڪو اسان جو به نمائندو ويهي.

سو، جيستائين ملڪي مفاد جو تعين اسٽيبلشمينٽ ڪندي رهندي ۽ اتي سنڌ کي نمائندا ڪانهي تيستائين سنڌ جي خودمختياري تي ڳالهائڻ ڇا، سوچڻ به فضول آهي. باقي نالي ۽ فوٽو ڇپائڻ لاءِ رنگين اشتهارن ڇپائڻ جي عياشي ڪرڻ جي خودمختياري ته ڪنهن به سنڌين کان ناهي کسي. اسان به رونشي ۾ خوش آهوين.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو