Home / افيئر / !مصر، فلسطين سان لڳندڙ سرحد رافع کولي ڇڏي
above article banner

!مصر، فلسطين سان لڳندڙ سرحد رافع کولي ڇڏي

تازو مصر غزه سان لڳندڙ پنهنجي سرحد رافع ڪراسنگ کولي ڇڏي آهي، جنهن سان فلسطيني شهرين لاٰءِ مصر جي آمدرفت سولي ٿي ويندي. رافع ڪراسنگ چئن ورهين کان بند هئي ۽ هاڻي ان تي لاڳو پابندين ۾ نرمي ڪئي وئي آهي. ٻارن ۽ عورتن کي آزاداني طريقي سان اچڻ وڃڻ جي اجازت هوندي. اهڙي ريت چاليهن ورهين کان وڌيڪ عمر وارا ماڻهو به اچي وڃي سگهندا. ليڪن ارڙهن کان چاليهه ورهين جي ماڻهن کي اچڻ وڃڻ لاءِ پرمٽ جي ضرورت پوندي. 2007ع ۾ غزه ۾ فلسطيني گروپ حماس جي چونڊن ۾ فتح کانپوءِ غزه جو علائقو مڪمل طور تي گهيري ۾ هو ۽ مصر به رافع ڪراسنگ وسيلي آمدرفت بند ڪري ڇڏي هئي. فلسطيني هاڻي مصر ۾ ڪم ڪار جي سلسلي ۾ اچڻ وڃڻ لاءِ آزاد هوندا. اسرائيل جو چوڻ آهي ته سرحد کلڻ سان هٿيارن جي سپلاءِ شروع ٿي ويندي. مصر انتظاميه جو چوڻ آهي ته اهي سخت چيڪنگ رکندا. مصر طرفان سرحد کولن مان لڳي ٿو ته حسني مبارڪ جي اقتدار ختم ٿيڻ کانپوءِ مصر جي پاليسين ۾ تبديلي اچڻ شروع ٿي وئي آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو