Home / افيئر / !فرانس ۾ برقعو پائڻ تي ڏنڊ
above article banner

!فرانس ۾ برقعو پائڻ تي ڏنڊ

 

فرانس ۾ برقعي پائڻ تي پابندي واري قانون جو شڪار ٿيندڙ پهرين عورت Hind هن وقت وڌيڪ پريشانين جو شڪار ٿي وئي آهي. اهو ان ڪري جو برقعي سان کيس عدالت ۾ پيش ٿيڻ وقت پڻ روڪيو ويو. پئرس جي ٻهراڙي واري علائقي سان تعلقي رکندڙ Hind ۽ Najet نالي عورتن کي مئي مهيني ۾ برقعي تي پائڻ تي پابندي خلاف نڪتل ريلي ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. 31 ورهين جي هند جڏهن پنهنجي ڪيس جي شنوائي خاطر عدالت پهتي ته کيس منهن تان نقاب هٽائڻ لاءِ چيو ويو ۽ جڏهن هن ايئن ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته کيس عدالت ۾ داخل ٿيڻ ۽ جج سامهون پيش ٿيڻ کان روڪيو ويو. واضح رهي ته مذڪوره ٻنهي عورتن تي برقعو پائڻ جي ڏوهه 200 ڊالرن کان وڌيڪ ڏنڊ پڻ وڌو ويو هو.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو