Home / افيئر / !گل شڪر: لوڪ ڏاهپ جو خزانو
above article banner

!گل شڪر: لوڪ ڏاهپ جو خزانو

اسانجي لوڪ ادب ۽ عوامي ورثي ۾ ايترا خزانا آهن جو اسان فخريه انداز ۾ اهو چئي سگهون ٿا ته اسان پنهنجي لوڪ ادب ۾ خوشحال ۽ پاڻڀرا آهيون. پر ان بابت چوڻ جي ڳالهه اها آهي ته ان جي سرجڻ ۽ تخليق ڪرڻ ۾ بيشڪ ڪيئي صديون لڳيون هونديون پر ان کي ميڙڻ، سهيڙڻ ۽ ڇنڊي ڦوڪي ڪاڳر تي لکي، ڇپائي محفوظ بڻائڻ ويهين صديءَ ۾ ئي ممڪن ٿي سگهيو هو. اهو به انهيءَ ڪري جو ويهين صديءَ ۾ سنڌ کي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو ۽ انجنيئر عبدالوهاب سهتو جهڙا جاکوڙي ۽ پاڻ ارپيندڙ محقق ۽ نقاد مليا آهن. جن پنهنجو نور نچوڙي، اسانجي لوڪ ورثي کي محفوظ ۽ سڀني جي پهچ ۽ پڙهڻ لائق بڻايو آهي.

انهي سلسلي ۾ انجنيئر عبدالوهاب سهتي ڏيڍ صدي اڳ ديوان ڪيول رام سلامت راءِ آڏواڻي جو پهاڪن جو سهيڙيل ڪتاب “گل شڪر” تازو نئين ترتيب ۽ تدوين ڪري ٻيهر ڇپايو آهي. گل شڪر اسانجي لوڪ ادب جي فن پهاڪي جو هڪ خزانو آهي. جنهن ۾ لڳ ڀڳ 570 پهاڪن جي سمجهاڻي ڏنل آهي. عبدالوهاب سهتي جي غير معمولي محنت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو جو پراڻو ڇپيل گل شڪر لڳ ڀڳ 200 صفحن تي پکڙيل هو. جڏهن ته نئين سر ترتيب ۽ تدوين ٿيل گل شڪر 446 صفحن تي پکڙيل آهي. يعني ٻيڻ کان به ڪجهه سرس آهي.

عبدالوهاب سهتي نه رڳو پهاڪن جو ن معنائون نئين سر ويهي لکيون آهن، پر ڪتاب جي هندي زده ٻوليءَ کي به ويهي سڌاريو ۽ سنواريو آهي، ۽ انهي سان گڏوگڏ پهاڪن جي مفهوم جي به عام فهم موجب سمجهاڻي ڏني آهي. نه فقط اهو پر مثال جي طور تي آيل فارسي شعرن، هندي دوهن، هندي ٻوليءَ جي چوڻين جو به تز سنڌي ترجمو ڪري اسانجي آڏو رکيو آهي. اها محنت تقريبن نئين ڪتاب لکڻ کان به ڪجهه سرس آهي. ڇاڪاڻ جو نئين ڪتاب جي ليکڪ طور ان جون حد بنديون پاڻ طئي ڪري سگهي ٿو. جڏهن ته ڪنهن ٻئي جي ڪيل ڪم جي نئين سر ترتيب ۽ تدوين ان مخصوص دائري ئي ۾ ڪري سگهبي آهي.

اسان جو دوست عبدالوهاب سهتو پيشي جي لحاظ کان ته پبلڪ هيلٿ ۾ انجنيئر آهي پر سندس شوقن ۽ دلچسپيءَ جو مرڪز سنڌ جو لوڪ ادب آهي. ان ۾ به سندس نظر پهاڪن تي وڃي بيٺي آهي. جنهن لاءِ سنڌي ۾ چوندا آهن ته “پهاڪا ڪلام جا ڏيئا.”يعني جيئن اوندهه ۾ ڏيئي جي غير معمولي اهميت هوندي آهي، ايئن گفتگو ۾ پهاڪو، ان جي حُسن ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيندو آهي.انهي ڪري پهاڪو، نه رڳو اسانجي سماج، ريتن رسمن، اميري غريبي، اٿڻي ويهڻي جو عڪس هوندا آهن پر انهن ۾ خلق جي ڏاهپ، زنده دلي ۽ ڀيڙا جا پڙلاءَ به نظر ايندا آهن. اهڙي انتهائي اهم ۽ دلچسپ لوڪ صنف تي شايد گذريل ويهن سالن کان ذڪر ڪيل ليکڪ تحقيق ڪرڻ ۾ رڌل آهي.

جديد دور جي ڪهاڻيڪارن ۾ شمار ٿيندڙ عبدالوهاب جي اسانجي اها خبر ناهي ته ڪهاڻيءَ هن کي ڇڏي ڏنو يا هن ڪهاڻي کان علحدگي اختيار ڪئي، پر سندس ڪچهري ڪيئي ڪهاڻين جهڙي ۽ ڀوڳن، چرچن، لطيفن ۽ دلچسپ پهاڪن سان ڀريل هوندي آهي ۽ اها به پڪ اٿئون ته هاڻي نه پهاڪا هن جي جند ڇڏيندا ۽ نه هو پاڻ آجي ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو.

عبدالوهاب گل شڪر کان سواءِ به ورجيسن ۽ پهاڪن جا چار ڪتاب سهيڙي ڇڏيا آهي. اهو ڪم گهڻي ڀاڱي سنڌ جي ٻهراڙي جي ڳوٺن ۽ هارين نارين جي حافظي ۽ زندگين ۾ محفوظ ٿيل ورثي مان هٿ ڪري اسان آڏو آندو آهي، جنهن لاءِ هو جس لهڻي لهڻي ٿو.

“گل شڪر” جي نئين ترتيب تدوين ٿيل ايڊيشن هر سنڌي اديب، محقق ۽ نقاد جي ذاتي لائبرري ۾ رکڻ جهڙو ڪتاب آهي، جنهن کي سٺي ڪاغذ، بهترين ڇپائي ۽ پڪي جلد سان ڇپائي پڌرو ڪرڻ تي سنڌي ساهت اڪيڊميءَ جو روح روان نازسنائي تعريف جو مستحق آهي.

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو