Home / افيئر / !هيرا ته ڏسو
above article banner

!هيرا ته ڏسو

سنڌ جو عظيم شاعر، دانشور ۽ نثر نويس شيخ اياز ويهين صديءَ جي سنڌي ادب تي سج بڻجي چمڪيو هو. غير معمولي مطالعي، ذهانت ۽ پورهئي وارو اهڙو انسان هو، جيڪي ڪنهن چواڻي ته اهڙا فرد قومن کي تحفي طور ملندا آهن ۽ سزا طور کسجي ويندا آهن. اياز به اهڙن امر انسانن منجهان هو. هڪ اهڙو لال جيڪي هر قوم جي جهوليءَ ۾ چئن پنجن کان وڌيڪ نه هوندا آهن.

ته ان اياز نه رڳو اسانجي ٻوليءَ جي جهوليءَ ۾ لازوال نظم، گيت، غزل وڌا پر 24 ڪرات سون جهڙو نثر به لکيو. نديءَ جي روانيءَ جهڙو سندس نثر، ان جو تشبيهون، محاورا ۽ مڪالما جيڪي جڏهن به پڙهڻ ويهجي ٿو ته وقت، بک ۽ آس پاس جي سڌ ئي نٿي رهي.

ان لاءِ زوال نثر مان خاڪن جا موتي چونڊي نوجوان شاعر بخشل باغي هڪ ڪتاب جي مالها ٺاهي آهي. ۽ ان کي “هيرا ته ڏسو” جي نالي سان سنڌيڪا اڪيڊمي ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.

هيراته ڏسو ڪتاب اياز جي نثر کي هڪ هنڌ سهيڙڻ جي بهترين ڪوشش آهي. خاص طور تي سندس هڪ صنف يعني خاڪن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ ڇپايو ويو آهي.

اياز جو اسانجي ادب ۾ انهي ڪري به وڏو احترام آهي جو هن اسان کي نه رڳو عالمي ادب کان روشناس ڪيو، عالمي ادب جا، Trends ۽ روايتن ۽ تخليقي سرچشمن سان به پوريءَ طرح واقفيت ڪرائي. ڪيترائي دنيا جا عظيم اديب، ناول نگار ۽ دانشور اهڙا آهن جن جي نالي کان به اياز آگاهه ڪيو هو. ته گهڻ پڙهيو اياز جنهن جي عالمي ادب تي دسترس ڪنهن به شڪ گمان کان هٿ پري آهي. انهيءَ جا هي خاڪا بار بار پڙهڻ جهڙا آهن جنهن ۾ هن اسان سان عالمي ادب جا ڪيترائي هيرا متعارف ڪرايا آهن. مختصر انداز ۾ لکيل هي خاڪا پنهنجي اندر ۾ عجيب جاذبيت ۽ جامعيت رکن ٿا، جو پڙهڻ شروع ڪرڻ کان پوءِ رکڻ لاءِ دل ئي نٿي چوي. مان هن ڪتاب کي سنڌي ۾ هڪ مختصر قسم جي انسائيڪلو پيڊيا يا بايوگرافڪل ڊڪشنري چوندس، جنهن کي بار بار پڙهي ۽ چڪاسي سگهجي ٿو.ان هن ڪتاب جو هر محقق توڙي ادب دوست وٽ هجڻ لازمي آهي.

انهيءَ سان گڏوگڏ مون کي اهو به لڳي ٿو ته تڙ تڪڙ ۾ سهيڙيل هن ڪتاب ۾ڪجهه ڪميون ۽ غلطيون رهجي ويون آهن اميد ته اهي هن ڪتاب جي ٻئي شماري ۾ نه هونديون.

پهرين ڳالهه ته هن خاڪن جي ڪتاب مان چار شيون ڪڍي ڇڏڻ گهرجن جيڪي ڪنهن به صورت ۾ خاڪا نه آهن. اهي آهن. انارڪزم_ رقص_ درويشان گوا ۽ مسرت پسندي.

ٻي ڳالهه ته هي ڪتاب گهڻن حوالن کان اڌورو آهي.

اياز جا اهي خاڪا جيڪي فقط انٽرويو ۽ تقريرون ٻئي جلد ۾ آهن. مثال طور پير حسام الدين راشدي ۽ محمد عثمان ڏيپلائي تي لکيل آهن. اهي به اچڻ گهرجن ها.ٻي ڳالهه ته اياز جي شاعريءَ جي مهاڳن ۾ ڪجهه يونان جي اديبن جا خاڪا آهن، اهي به جدا ڪري هن ڪتاب جي زينت بنائي شامل ڪجن ها.

انهيءَ کانسواءِ اياز جا برسات اخبار ۾ ڇپيل خاڪا به هن ڪتاب ۾ ضرور شامل ڪرڻ گهرجن. ڇاڪاڻ جو انهن خاڪن جي تمام وڏي اهميت آهي. نه رڳو اهو پر اياز، برسات جي ايڊيٽوريل ۾ به سبطه حسن، فيض احمد فيض، جالب ۽ جالبي تي جيڪي خاڪا لکيا آهن اهي به هن ڪتاب ۾ اچڻ گهرجن. ان کان سواءِ برسات ۾ منهنجي پسند جا اديب جي سري سان اياز ،ڪازان زاڪس، پابلو نرودا، سولزي نشن، هيمنگوي، ۽ ٻين تي لکيل خاڪا به هن ڪتاب جي ڇاپي ۾ ضرور شامل ڪرڻ گهرجن، اهڙي ريت اسانجي لائق پڙهندڙن کي اياز جا سمورا لکيل خاڪا هڪ ئي جلد ۾ ميسر ٿي سگهندا. جن جي اسانجي ادب ۾ شايد اها اهميت وڃي بيهندي جو انهن تي P.H.D جي ٿيسز لکي سگهجي ٿي.

“هيرا ته ڏسو” ڪتاب ته ڇڏيو پر اهي خاڪا جيڪي ڪيتن ڪر موڙيا جڏهن جي ٻئي ۽ ٽئين جلد ۾ ڇپيل آهن. اهي مون ورائي ورائي ويهي پڙهيا آهن. هاڻي جڏهن اهي گڏي هڪ ڪتاب ۾ سموئي ڇپائي ۽ پڪي جلد سان ڇاپي آندو ويو آهي، ته ان کي ڪنهن ڏاهپ سان ڀريل ڪتاب وانگر بار بار ۽ هتان هتان پڙهڻ لاءِ دل ٿي چوي.

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو