Home / ڪرنٽ افيئر / هيلوڪي ٻوڏ ڪهڙي تباهي آڻي سگهي ٿي؟
above article banner

هيلوڪي ٻوڏ ڪهڙي تباهي آڻي سگهي ٿي؟

يو اين ڊي پي هڪ بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته هلندڙ سال به پاڪستان اندر 20 کان 50 لک ماڻهو ٻوڏ هٿان متاثر ٿي سگهن ٿا. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته هن سال به گذريل سال جهڙي ٻوڏ اچڻ جو انديشو آهي. ان خيال جي پٺيان في الحال ڪا سائنسي ثابتي موجود ناهي، تنهن ڪري اُنهن خيالن تي ڪو سنجيده تبصرو ڪرڻ مشڪل آهي. البته هڪ ڳالهه اهم آهي ته گذريل سال جي ٻوڏ سبب جوڙيل انفرا اسٽرڪچر صحيح طور بحال نه ٿيو ته پوءِ شايد درياهه جو رواجي چاڙهه به هاڃيڪار ثابت ٿي سگهي ٿو. هينئر تائين سنڌ ۾ ٻوڏ سبب تباهه ٿيل بندن جي مرمت جو ڪم مڪمل ٿي نه سگهيو آهي. صوبائي حڪومت 14 ارب رپين جي ڪاٿي سان 76 رٿائون تجويز ڪيون هيون پر وفاقي حڪومت رڳو 5 ارب رپيا ڏيڻا ڪيا، جنهن سبب سنڌ سرڪار باقي رٿائن کي ڇڏي 41 اهم ترين مرامتي رٿائن کي مڪمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. صورتحال اها آهي ته 30 جون جي مقرر تاريخ تائين انهن مان مس اڌ رٿائون مڪمل ٿي سگهيون ۽ باقي رٿائن کي مڪمل ٿيڻ ۾ اڃا ٻه هفتا وڌيڪ گهربل هوندا. گذريل سال جي تجري آهر ته جولاءِ جي اڌ تائين ڪنهن وڏي چاڙهه جو انديشو ناهي پر اهو هروڀرو اڻٽر به ناهي.

انهن ڪمن جي معيار بابت آبپاشي کاتي پاران بندن جي مرامتي ۽ بحالي واري ڪم لاءِ مقرر ڪيل ڪنسلٽنٽ نامور پاڻي ماهر ادريس راجپوت جو چوڻ آهي ته اهو ڪم تسلي بخش نه ٿيو آهي ۽ آبپاشي کاتي جي ڪامورن ڪرپشن ڪئي آهي. ان ڏس ۾ ڪجهه ڪامورا هٽايا به ويا آهن پر ظاهر آهي ته بندن جي مرمت ۽ بحاليءَ وارو ڪم اطمينان جوڳو ناهي ۽ ان جو مقصد اهو ٿيو ته درياهه ۾ غير معمولي نه پر جيڪڏهن آبڪلاڻي جو ٿورو به غيررواجي چاڙهه آيو ته ٻوڏ جو خطرو هوندو. هونءَ به جيڪڏهن گذريل سال جي ٻوڏ کي ڏسجي ته اها ڪا تاريخ يا ويجهي ماضيءَ جي وڏي ۾ وڏي ٻوڏ ته ڪا نه هئي پر ان جي باوجود ا ن غير معمولي تباهي پکيڙي. 1976ع ۾ 12 لک ڪيوسڪ جي ٻوڏ سنڌ مان گذري چڪي آهي پر ان ۾ ايتري ڀيانڪ بربادي نه ٿي جيتري گذريل سال 11 لک ڪيوسڪ جي ٻوڏ سبب ٿي آهي. 2010ع جي ٻوڏ ۾ ٽوڙي بند جو ٽٽڻ سواءِ انتظار ۽ سياسي نااهلي جي ٻيو ڪجهه به نه هئو. ٻوڏ اچڻ کان ڇهه مهينا اڳ 4 فيبروري 2010ع تي انڊس رور ڪميشن جي اجلاس ۾ ڄاڻايو ويو ته جيڪڏهن ٽوڙي بند کي مضبوط نه ڪيو ويو ته تمام وڏو هاڃو ٿيڻ جي امڪان کي رد نه ٿو ڪري سگهجي. واپڊا جي چيئرمين شڪيل دراني سپريم ڪورٽ مان قائم ڪيل جيوڊيشل ڪميشن آڏو پنهنجي بيان ۾ ڄاڻايو ته پهرين آگسٽ تي فضائي معائني دوران هن ٽوڙي بند ۾ اونها ۽ ويڪرا ڏار پاڻ ڏٺا هئا. جن مان ٻوڏ کان اڳ ڪيل حفاظتي انتظامن جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ٻوڏ کان ڇهه مهينا اڳ پتو هئو ته ان بند جي حالت خراب آهي ۽ جولاءِ جي آخري ڏهاڪي کان خيبر پختونخواهه مان خطرناڪ وهڪرو روانو ٿي چڪو هئو ان جي باوجود ان بند جي مرامت ۽ سارسنڀال ۾ اها سنجيدگي نه هئي. ان کي هٿ وٺي ٻوڙڻ نه چئجي ته ٻيو ڇا چئجي؟ آبپاشي جي نااهل ۽ ڪرپٽ ڪاموراشاهي ۽ سنڌ جي موقعي پرست سياسي ۽ حڪمراني وارو ڍانچو ان برباديءَ جا سڌا سنوان ذميوارآهن. ساڳي طرح هيڏي برباديءَ جو منهن ڏسڻ کان پوءِ جيڪڏهن بندن جي مرامت ۽ بحاليءَواري ڪم جو اهو حال آهي ته پوءِ هن سال جي ٻوڏ ۾ به وڏي نقصان جي امڪان کي رد نه ٿو ڪر ي سگهجي. گذريل سال جهڙي نقصان کان بچڻ لاءِ ٿوري مدي واري حل طور بندن جي مرامت ۽ بحالي ٿيڻ واري ڪم تي ته ڳالهه ٻولهه ضرور ٿيڻ گهرجي پر ٻوڏ کي خوفناڪ بنائيندڙ ٻين اهم رخن کي به نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي. منهنجي ذاتي راءِ ۾ سنڌ اندر ٻوڏ جي تباهيءَ جي بنيادي ڪارڻ دريائي ٻيلن جي بربادي ۽ ٻوڏ واري وهڪري جي پيٽ ۾ ڪيل قبضا آهن. انهن ٻنهي بنيادي ڪارڻن ٻوڏ کي ايترو خطرناڪ بنايو. سنڌ ۾ دريائي ٻيلا جهڙي طرح سياسي قيادتن ۽ وڏيرن گڏجي صاف ڪرايا آهن ان جو ڪو حساب ڪتاب ئي نه ٿو ٿئي. هزارين ايڪڙن تي ٻيلا وڍرائي درياهه جي پيٽ اندر غيرقانوني زمينداريون ڪري دريائي وهڪري کي جهڙيءَ ريت سوڙهو ڪري ان جا لنگهه روڪيا ويا آهن ان سان دريائي وهڪري جي رواجي رواني متاثر ٿي، جنهن پنهنجا لنگهه ٺاهڻ لاءِ بندن تي غير معمولي دٻاءُ وڌو. ساڳي طرح گذريل ٻن ٽن ڏهاڪن اندر جهڙي طرح درياهه جي پيٽ ۾ ڪچي اندر پڪيون آباديون قائم ڪيون ويون آهن، انهن پڻ دريائي وهڪري جا رخ تبديل ڪيا آهن. درياهه اندر انساني آبادين توڙي زراعت جي ايڏي وڏي نظام کي جيڪڏهن سرڪار جي سياسي ۽ انتظامي ڍانچي جي سرپرستي حاصل نه هجي ته انهن جو وجود ممڪن نه هجي ها. اهو سڀ ڪجهه سياسي قيادتن جي خواهش ۽ آشيرواد هيٺ انتظامي مشينريءَ جي مدد سان سالن کان جاري آهي. جيڪڏهن سنڌ اندر سياسي حڪمراني عوام دوست هجي ها ته اها انتظامي مشينريءَ کي نه رڳو اهڙا ڪڙا عمل ڪرڻ کان روڪي ها پر ساڳي وقت انتظامي مشينري کي احتساب هيٺ به آڻي سگهي ها پر جيئن ته اهو سڀ ڪجهه سياسي ۽ انتظامي مشينريءَ جي ملي ڀڳت سان ٿي رهيو آهي، تنهن ڪري ان کي روڪڻ ذري گهٽ ناممڪن ٿي پيو آهي. ان ڪاروهنوار جي نتيجي ۾ گذريل سال ٻوڏ ايتري وڏي تباهي آندي ۽ جيڪڏهن دريائي وهڪري جي پيٽ ۾ حددخلين جو اهو سلسلو ختم نه ٿيو ته مستقبل ۾ ايندڙ ننڍيون ۽ وچوليون ٻوڏون وڏي تباهي آڻي سگهن ٿيون.

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو