Home / شوبز / “هيروئن” جي هيروئن ڳورهاري ايشوريا؟؟؟
above article banner

“هيروئن” جي هيروئن ڳورهاري ايشوريا؟؟؟

گذريل ڪيتري ئي عرصي کان فلمي خبرن جو محور بڻيل ڊائريڪٽر مڌر ڀنڊارڪر جي فلمن “هيروئن” جي هيروئن بابت مونجهاري جي پڄاڻي ٿي وئي آهي، پر ان پڄاڻيءَ ڊائريڪٽر مڌر ڀنڊارڪر کي مايوسيءَ ۾ وجهي ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ ته وڏي عرصي کان ايشوريا راءِ بچن کي “هيروئن” جي هيروئن بنائڻ جا خواب ڏسندڙ مڌر ڀنڊارڪر جا سپنا ان وقت چڪنا چُور ٿي ويا، جڏهن کيس خبر پئي ته ايشوريا راءِ بچن 5 مهينن جي ڳورهاري آهي. ايشوريا راءِ جو پيٽ سان هجڻ هونئن ته گهڻن لاءِ خوشيءَ خبر آهي، پر فلم جي ڊائريڪٽر تي اها خبر ڇپ بڻجي ڪري آهي. “مون لاءِ هي پراجيڪٽ هڪ خواب آهي، مون هن فلم تي رت ست ڏنو آهي، منهنجي خواهش هئي ته فلم جو مک ڪردار ايشوريا ڪري، پر کانئس هن حالت ۾ شوٽنگ ڪرائي نٿي سگهجي.” ڊائريڪٽر مڌر ڀنڊارڪر هڪ انٽرويو ۾ چيو پئي. هوڏانهن ايشوريا راءِ جو چوڻ آهي ته سندس به خواهش هئي ته هوءَ اهو ڪردار نڀائي، پر قمست کي شايد اهو منظور ناهي. ڊائريڪٽر مڌر ڀنڊارڪر جي فلم “هيروئن” بابت گذريل 13 مئي تي ڪينز ۾ اعلان ڪيو ويو هو، جنهن جي شوٽنگ 7 جون تي شروع ٿيڻي هئي، پر ايشوريا جي غيرموجودگي هن فلم جو مستقبل اونداهو بڻائي ڇڏيو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو