Home / افيئر / !اسرائيلي عدالت طرفان ڪتي کي موت جي سزا
above article banner

!اسرائيلي عدالت طرفان ڪتي کي موت جي سزا

اسرائيل ۾ هڪ يهودي مذهبي عدالت ڪـُتي کي موت جي سزا جو حڪم ڏنو آهي. عدالت جي خيال ۾ اهو ڪتو سيڪيولر وڪيل جو ٻيو جنم آهي، جنهن سندس ججن جي ويهارو سال اڳ بي عزتي ڪئي هئي. ويب سائيٽ وائي نيٽ موجب اهو واقعو بيت المقدس جي انتهائي قدامت پسند يهودين جي علائقي ميٽريم ۾ ان وقت پيش آيو جڏهن ڪتو عدالت ۾ داخل ٿيو، جڏهن ڪتي کي عدالتي احاطي مان ڪڍڻ جون سموريون ڪوششون ناڪام ٿيون، تڏهن هڪ جج کي ياد آيو ته ڪيئن نه هن هڪ وڪيل کي بددعا ڏني هئي ته خدا ان جي روح کي ڪتي جي جسم ۾ داخل ڪري ڇڏي. ان تي عدالت ڪتي کي پٿر هڻي مارڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ليڪن ڪتو ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. واضح رهي ته يهودي عقيدي موجب ڪتي کي ناپاڪ سمجهيو ويندو آهي، جڏهن ته يهودي ٻيهر زنده ٿيڻ جي نظريي تي به يقين رکن ٿا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو