Home / ڪرنٽ افيئر / !ڪراچي ۾ دهشتگردي: سرڪاري پارٽين وچ ۾ اکٻوٽ جاري
above article banner

!ڪراچي ۾ دهشتگردي: سرڪاري پارٽين وچ ۾ اکٻوٽ جاري

“ڪراچيءَ ۾ يا هڪ وڏي رتوڇاڻ ٿيڻ واري آهي يا ته اردو ڳالهائيندڙن جي نمائنده جماعت مٿان اندروني دٻاءُ ايترو آهي جو في الحال شهر ۾ ٺاپر ڪرڻ لاءِ سڀ ڳالهيون مڃي رهي آهي.” هي ڊائلاگ ڪندڙ هڪ اهم اڳواڻ جا لفظ آهن، جيڪو هميشه ايم ڪيو ايم خلاف ڳالهائيندو آهي. گورنر هائوس ۾ ٻن ڏهاڙن تائين ٿيل لاڳيتين ڳالهين کانپوءِ شهر مان جهنڊا لاهڻ، وال چاڪنگ مٽائڻ جو سلسلو جاري آهي، پر اُن سان گڏ ٽارگيٽ ڪلنگز يا ماڻهو مارجڻ جو سلسلو پڻ جيئن جو تيئن جاري آهي. پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي هڪ دفعو وري کير کنڊ ٿي ويون. گذريل ٽن سالن کان سندن رسڻ، پرچڻ ۽ کير کنڊ ٿيڻ جو سلسلو به جاري آهي. سرڪار ۾ شامل ٽئي ڌريون ڪڏهن هڪ ٻئي کي نيچ ڏيکارينديون آهن ڪڏهن کير کنڊ ٿي وينديون آهن. اصل جنگ بهرحال ڪراچي تي سياسي قبضاگيري جي آهي. سڄي ويڙهه ۾ “سنڌي” الائي ڪٿي آهي.

عوامي نيشنل پارٽي سنڌ جو صدر شاهي سيد کليل لفطن ۾ چوي ٿو ته هي ويڙهه اصل ۾ پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي آهي. يعني سنڌين، بلوچن ۽ ايم ڪيو ايم جي آهي. جڏهن ته پيپلز پارٽي جا ڪيترائي اهم اڳواڻ ٿا چون ته هي اردو ڳالهائيندڙن جي نمائندگي ڪندڙ ايم ڪيو ايم ۽ پشتو ڳالهائيندڙن جي نمائندگي ڪندڙ اي اين پي جي جنگ آهي. ڇو ته سرڪار ۾ ٻئي شامل آهن ۽ ڪراچيءَ ۾ رهندڙ ٻئي ڌريون تلخ حقيقت آهن. ان ڪري حڪومت ٻنهي اتحادين کي گڏ کڻي هلي رهي آهي. ڪراچي شهر ۾ جاري ٽارگيٽ ڪنگز ۾ تنهي پارٽين جا ڪارڪن ۽ عهديدار مارجن پيا، ان کان وڌيڪ عام بي گناهه ماڻهو مارجي رهيا آهن. ڪنهن علائقي ۾ پشتو ٻوليءَ وارو مارجي ٿو ته ردعمل ۾ اردو ٻوليءَ وارو مارجي ٿو. ڪٿي بلوچ مارجي ٿو ته ڪٿي سنڌي، شهر ۾ ڪير به محفوظ ناهي. ڪراچي ۾ رت جي راند جاري آهي ۽ جاري رهندي. ڇو ته هن راند جو ڪو به انت نظر نٿو اچي. ڏهه مهينا اڳ وزيراعليٰ هائوس ۾ وزيراعطم جي موجودگيءَ ۾ ڪراچي ۾ دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ هڪ ضابطئه اخلاق تي صحيحون ڪيون ويون هيون. ڏهن مهينن تائين ان ضاباطه اخلاق تي عمل ڪو نه ٿيو،پر ڌرين کي ٻيهر 6 آگسٽ 2010ع تي صحيحون ڪيل ضابطه اخلاق ياد اچي ويو. هن ضابطئه اخلاق تي صحيحون ڪندڙ سڀ غيرسنڌي آهن. رحمان ملڪ، راشد رباني، افراسياب، رضا هارون شامل آهن. تڏهن سنڌ جو گهرو وزير ذوالفقار مرزا هو، جيڪو پڻ ضابطه اخلاق تي صحيح ڪندرن ۾ شامل نه هو ۽ صحيح ڪرڻ وقت سنڌ جي نمائندگي رحمان ملڪ ڪري رهيو هو. سو ظاهر آهي ته ڄاڻايل ضابطئه اخلاق تي عمل ڪو نه ٿيڻو هو سو ڪو نه ٿيو ۽ گذريل ڏهن مهينن ۾ ڪراچي شهر ۾ سوين ماڻهن کي قتل ڪيو ويو. هلندڙ هفتي يعني جون جي ٻئي ۽ ٽئين هفتي ۾ روزانو سراسري ڏهه يارنهن ماڻهن کي قتل ڪيو ويو ۽ ڏهه ڏهاڙن ۾ سئو ماڻهو قتل ٿي ويا. سنڌ اندر پوليس ۽ رينجرز جي ناڪاميءَ جا ته سوين مثال آهن. تازو سنڌ ۾ واجد درني کي نئون آءِ جي مقرر ڪيو ويو آهي. واجد دراني پاڻ سنڌ ۾ تڪراري ماڻهو رهيو آهي.

شهيد بينظير ڀٽو جي وزارت اعظميٰ دوران سندس ڀاءُ مير مرتضيٰ کي 70 ڪلفٽن سامهون ساٿين سميت قتل ڪيو ويو هو. تڏهن واجد دراني ايس ايس پي سي آءِ ڊي هو ۽ اها ڳالهه عام هئي ته مير مرتضيٰ ڀٽو تي سادن ڪپڙن ۾ پوليس اهلڪارن فائرنگ ڪئي هئي. 7 پوليس آفيسرن جا نالا ايف آءِ آر ۾ شامل ڪيا ويا هئا، جن مان ڪجهه گرفتار به ٿيا هئا. واجد دراني پڻ انهن پوليس آفيسرن ۾ شامل آهي. مير مرتضيٰ ڀٽو ڪيس کانپوءِ سندن ترقيون ٿينديون رهيون. ڪجهه عرصو اڳ هو ڪراچي ۾ ڊي آءِ جي ٽريفڪ هو ۽ آءِ جي اسلام آباد طور مقرر هو، اسلام آباد مان کيس بدلي ڪري سنڌ آندو ويو. سنڌ ۾ نئين آءِ جي لاءِ سنڌي ڳالهائيندڙ پوليس آفيسر مشتاق شاهه جو نالو پهرين نمبر تي هو ۽ واجد دراني جو نالو ٻئي نمبر تي پر اسلام آباد جي اسٽيبلشمينٽ کي مشتاق شاهه پسند ناهي. ان ڪري وزيراعظم کي صرف واجد دراني جي سمري موڪلي وئي. جيتوڻيڪ سنڌ سرڪار کي پڻ واجد دراني بدران مشتاق شاهه جي آءِ جي ٿيڻ جو اطلاع ڏنو ويو هو، پر عين ٽائيم تي واجد دراني جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيو. ذريعن موجب واجد درانيءَ چارج وٺڻ کانپوءِ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان ملاقات ڪري پڇيو ته “سرڪار ڇا حڪم آهي؟” کيس ٻڌايو ويو ته ٽارگيٽ ڪلنگز کي روڪڻو آهي. ان کانپوءِ پوليس آفيسرن سان ٿيل گڏجاڻي ۾ ڪيترن ئي سينيئر پوليس آفيسرن واجد دراني کي ٻڌايو ته سائين ٽارگيٽ ڪلنگز ۾ ته ٽنهي پارٽين جا ماڻهو ملوث آهن، اها ڪيئن ختم ٿيندي؟ اهڙي ريت واجد دراني جي اچڻ سان ڪو وڏو فرق نه پوندو، نئين آءِ جي سنڌ جي مقرري کانپوءِ جڏهن 19هين جون تي رحمان ملڪ ڪراچي آيو ته شهر ۾ ان ڏينهن 15 ماڻهن کي قتل ڪيو ويو. اهو سندس استقبال هو.

هاڻي ته اڳوڻي وزير داخلا ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا به بدين ۾ چيو ته ڪراچي ۾ امن ناهي ته رحمان ملڪ کان پڇيو وڃي. رحمان ملڪ لاءِ مشهور آهي ته “الف” سان شروع ٿيندڙ سمورا سگهارا سندس حامي آهن. رحمان ملڪ چوي ٿو “الله، آمريڪا، آرمي، آصف، الطاف، اسفند” سڀ ساڻس گڏ آهن، ان ڪري کيس ڪير به ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي. هن ڪراچي ۾ اچي سنڌ سرڪار پاران بجيٽ ۾ رينجرز جا ختم ڪيل الائونس ٻيهر بحال ڪرائڻ جو اعلان ڪيو. 17 سالن ۾ پهريون ڀيرو سنڌ سرڪار رينجرز جي خرچن ۾ ڪٽوتي ڪئي ۽ وفاق کان رينجرز جي خرچن لاءِ اڌ پئسا گهريا، ڇو ته رينجرز ڪراچي شهر جي بينظير پارڪ ۾ هڪ نوجوان کي سرعام قتل ڪيو هو. اخلاقي طور سنڌ سرڪار دٻاءُ مان نڪرڻ لاءِ رينجرز جو خرچ گهٽائي ڇڏيو. سنڌ اسيمبليءَ جو بجيٽ اجلاس اڃا هلي رهيو آهي ته رحمان ملڪ رينجرز جي حمايت ۾ پهچي ويو. هن سڄي صورتحال ۾ رينجرز ۽ پوليس به ڌر آهن، ڇو ته ڪراچي مان جڏهن به رينجرز کي هٽائڻ جي ڳالهه ٿيندي آهي ته شهر جون حالتون خراب ٿي وينديون آهن. هاڻي ته ڪا به سياسي ڌر رينجرز کي هٽائڻ جي ڳالهه به نه ٿي ڪري، پوءِ به حالتون ٺيڪ ناهن. رينجرز جي موجودگي جي 17 سالن اندر سنڌ ۾ ڪڏهن به امن قائم ڪو نه ٿيو آهي. هزارين ماڻهو ان دوران ماريا ويا. پوءِ به رحمان ملڪ هر حال ۾ سنڌ ۾ رينجرز کي رکڻ ٿو چاهي. ڪراچي ۾ رت جي راند جاري آهي. سرڪار ۾ شامل ٽيئي پارٽيون عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ سان پنهنجا ماڻهو به مارائي رهيون آهن. ڪراچي ۾ دهشتگردن خلاف سرڪار جي رٽ ڪٿي به نظر نه ٿي اچي.

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو