Home / شوبز / !ڪرشما ڪپور کي ڪرينا جي رِيس
above article banner

!ڪرشما ڪپور کي ڪرينا جي رِيس

اڄڪلهه بالي ووڊ نگريءَ ۾ اهي خبرون گردش ڪن پيون ته 90ع واري ڏهاڪي ۾ نوجوانن جي دلين جون ڌڙڪنون تيز ۽ ساهه منجهائي ڇڏيندڙ اداڪاره ڪرشما ڪپور بالي ووڊ ۾ ٻيهر واپس اچڻ واري آهي. خبرون آهن ته ڪرشما ڪپور ڊائريڪٽر وڪرم ڀٽ جي فلم “ڊينجرس عشق” وسيلي موٽ کائيندي، جڏهن ته فلم “گهائل” جي ٻين پارٽ ۾ هوءَ سني ديول سامهون نمودار ٿيندي. پر خبرون اهي به آهن ته اداڪار سني ديول ڪرشما ڪپور سان گڏ ڪرڻ کان لنوائي رهيو آهي. ڪجهه سال اڳ سني ديول جي پروڊڪشن هيٺ ٺاهيل هڪ فلم ۾ ڪرشما ڪپور شامل هئي، پر سني ديول ۽ فلم جي ڊائريڪٽر وچ ۾ تڪرار سبب ان فلم مان ڪرشما کي ڪڍي اداڪاره اُرميلا ماٽونڊڪر کي شامل ڪيو ويو هو، جنهن بعد سني ديول جي اداڪاره ڪرشما ڪپور سان ڪا نه لڳي. هونئن ڪرشما جي ننڍي ڀيڻ ڪرينا ڪپور ته بالي ووڊ تي ڌاڪو ڄمايو ويٺي آهي، لڳي ٿو ڪرينا جي ڪاميابي ڏسي ڪرشما ڪپور کي به رِيس ٿي پئي آهي، ڏسجي ته ڪرشما ڪپور جي بالي ووڊ ۾ واپسي کيس ڪهڙيون ڪامابيون ٿي ڏياري..

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو