Home / افيئر / !لياري: ٻوري بند لاشن کان لڏپلاڻ تائين
above article banner

!لياري: ٻوري بند لاشن کان لڏپلاڻ تائين

ڪراچيءَ جي ماءُ لياري اڄڪلهه پنهنجي نافرمان اولاد جي لچاين ۽ ڏنگاين جي ڪري اجڙي رهي آهي. هي اهڙي ماءُ آهي، جيڪا ڄڻ قديم وسندِيءَ جي اٺ چوڪ تي امن جي خيرات گهرندي هجي. لياري واسي جيڪي صدين کان هڪ برادريءَ جو گلدستو هئا، ان گلدستي کي چوواٽي تي اڇلائي، لتاڙيو پيو وڃي. هينئر جنهن جي هٿ ۾ ڪلاشنڪوف آهي، جيڪو سگهارو آهي، اهو ئي حڪمراني ڪري ٿو!

هڪڙي ڀيري فاطمه ڀٽو کان جڏهن لياريءَ بابت پڇيو ويو ته هوءَ چئي رهي هئي ته هن کي جڏهن به موقعو ملندو آهي، هوءَ لياريءَ جو رخ ڪندي آهي، کيس لياري واسين جي ڪميونٽي سينس گهڻو متاثر ڪيو آهي. پر ڪميونٽيءَ سينس هاڻ مختلف برادرين ۽ رنگن جي ماڻهن ۾ ورهائجي ويو آهي. نفرت جو ٻج سڀني کي اندران ئي اندران کوکلو ڪري ڇڏيو آهي.

ڪجهه سالن کان لياريءَ ۾ گن ۽ ڪلاشنڪوف ڪلچر جو راڄ آهي. هينئر تائين مختلف ڪرمنل گئنگن هٿان واٽ ويندي ٻن هزار کان وڌيڪ ماڻهو موت جو راڪاس ڳڙڪائي چڪو آهي. اهو ڏينهن خالي ناهي، جنهن ڏينهن هٿ پير ٻڌل لاش نه ملندا هجن. ڪنهن کي اغوا ڪري ٽارچر ڪري سندس لاش ڪنهن گند جي ڍير تي اڇلايو نه ويندو هجي. هتي هاڻ ڪو به ٻڙڪ ٻاهر ڪڍي نٿو سگهي.

ڪامريڊ ڪريم بخش، ڪنهن زماني ۾ لياري نوجوان تحريڪ جو حصو هو، هاڻ ان جي مٿي جا وار اڇا ٿي ويا آهن. هو هاڻ رڳو پراڻن دوستن سان ڪچهريون ڪندو آهي، يا وري پنهنجي پراڻي اڌ ڀڳل گهر جي ڪنڊ تي گٽر ڀرسان فوٽ پاٿ تي ويٺو اوڀاريون لهواريون ڪندو آهي. ڪامريڊ کان مون اهو ئي پڇيو ته هو لياريءَ کي ڪيئن ٿو ڏسي ته چوڻ لڳو: پراڻي لياري ته هاڻ خواب ۾ به ڏسي نٿي سگهجي. گذريل ڪجهه سالن کان لياريءَ مان پنجويهن کان چاليهه هزار ماڻهو لڏپلاڻ ڪري ويا آهن! منهنجي پاڙي جا ڪيترائي گهر خالي ڪرايا ويا، جتان هاڻ عجيب غريب شڪلين وار ا ماڻهو نڪرن ٿا، اڌرات جو ڦڙڦوٽ پئي ٿي ۽ هو مشڪوڪ سرگرميون ڪن ٿا!

مون هن کان پڇيو ته ڪامريڊ هي لڏپلاڻ ڪري ويل هزارين ماڻهو ويا ڪيڏانهن؟

چيائين: پهريان ته توکي لياريءَ م رهندڙ برادرين بابت سمجهڻو پوندو، هي تاثر درست ناهي ته لياريءَ ۾ رڳو بلوچ آباد آهن. گذريل ٻن ڏهاڪن کان لياري ۾ تمام وڏيون Demographic Changes آيون آهن. ورهاڱي کان اڳ به لياري غريب ماڻهن جو علائقو هئي، پر هتي سنڌين ۽ بلوچن کانسواءِ پٺاڻ، اردو ڳالهائيندڙ، هزاري وال، هندڪو، ميانوالي، بنگالي، بهاري، افغاني ۽ مارواڙين جو وڏو انگ رهي ٿو.

مون ساڳيو سوال هڪ جهوني بلوچ کان پڇيو. هو حيدرآباد سازش ڪيس ۾ به ملوث ڪيو ويو هو. مون کانئس معلوم ڪيو ته واقعي لياريءَ مان وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ٿي آهي؟ هن ٻڌايو: ها بلڪل ٿي آهي. نوا لين. ريڪسر، موندرا محلا، بغداديءَ جي مکڙا ڳلي، درياءَ آباد، ڪلري، عيد ولين، علي محمد محلا، ڀنڊ محلا ۽ ٻين ڪيترن ئي علائقن مان ماڻهو لڏپلاڻ ڪري ويا آهن.

اهي ڪهڙيون برادريون آهن، جيڪي لڏپلاڻ تي مجبور ٿيون؟ مون پڇيو. چوڻ لڳو: گهڻا متاثر بلوچ ۽ سنڌي ئي ٿيا آهن. بلوچ ان ڪري ته وڙهندڙ گروپ ساڳي ٻولي ڳالهائين ٿا. سنڌين جا مٽ مائٽ ٻين علائقن ۾ آهن، ان ڪري اهي اوڏانهن لڏي ويا آهن. ااهي سمورا ماڻهو ويا ڪيڏانهن؟ چوڻ لڳو: هي ماڻهو پنج سئو ڪوارٽر، مشرف ڪالوني، ماڙيپور ٿنڊي سڙڪ، حب چوڪي، مواڇ ڳوٺ، سومار ڳوٺ، ملير، شرافي ڳوٺ، ساڪران، گڏاپ، گلشن اقبال، ناظم آباد، گلستان جوهر، صفوران ڳوٺ ويا آهن.

ڪنهن زماني ۾ لياريءَ بابت انگر اکر گڏ ڪرڻ لاءِ لارڊز نالي هڪ گروپ قائم ڪيو ويو هو، ان گروپ سان لاڳاپيل عمر بلوچ سان مون ملاقات ڪئي. کانئس ساڳيو ئي سوال ڪيو ته هن نگريءَ جو ڇا ٿيندو؟ جنهن جا بندوق باز مالهي آهن؟

هو ڪافي دير خاموش ٿي ويو، ڄڻ مون تي شڪي ٿيو هجي. ڪجهه سوال جواب ڪرڻ کانپوءِ معلومات شيئر ڪرڻ لاءِ راضي ٿيو.

چيائين: لياري ٽائون ته ڇهه لک آبادي تي ٻڌل آهي، پر لياري جي مجموعي آبادي 17 لک آهي.

پڇيومانس: يارنهن لک ماڻهو ڪيڏانهن ويا، ڇا اهي سمورا لڏپلاڻ ڪري ويا؟ چوڻ لڳو: هڪ لک تائين ماڻهو ضرور لڏپلاڻ ڪري ويا آهن، پر اهي اڳوڻي آمر مشرف جون مهربانيون آهن، هو اسان کي متحده جي جهوليءَ ۾ وجهي ويو. پڇيم: هاڻ ته لياري وارن جي حڪومت آهي، پوءِ تبديليون ڇو نٿا آڻيو؟ چيائين: پ پ جي قيادت بزدل آهي ۽ متحده کين بليڪ ميل ڪريو ويٺي آهي! عمر بلوچ ڳالهه جاري رکندي چيو ته پاڪستان ۾ آباديءَ ۾ واڌ جو تناسب ٻه سيڪڙو، ڪراچيءَ ۾ 4 سيڪڙو ۽ لياريءَ ۾ 6 سيڪڙو آهي! هتي هر ماڻهوءَ لاءِ قبر جيتري جاءِ آهي، جيڪا ڇهه فوٽ مس ٿيندي!

ڪراچيءَ جو سنڌين لاءِ محفوظ علائقو لياري سمجهيو ويندو هو. ان دور ۾ جڏهن گلشن حديد اڃا اڏاوت هيٺ هو، شانتي نگر به نئين نويلي هئي، سچل ڳوٺ، ماروئڙا ڳوٺ جو اڃا وجود ئي نه هو، پر هاڻ لياري سنڌين لاءِ ويڳاڻو علائقو ٿي ويو آهي. هاڻ انهن سمورن گهرن ۽ فليٽن جا تالا ڀڳا ويا آهن، جيڪي خالي ڪرايا ويا. انهن اپارٽمينٽن ۽ گهرن جي مسواڙ ۽ ايڊوانس اهي ئي وٺن ٿا، جيڪيقبضا مافيا جي نالي سان ڄاتا وڃن ٿا

 

الهه بخش را‎ٺوڙ

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو