Home / افيئر / !لياري: ويڙهاڪ گروپ دوبدو
above article banner

!لياري: ويڙهاڪ گروپ دوبدو

جنهن به وڪي ليڪس جو اهو انڪشاف پڙهيو هوندو ته ڪراچي ۾ هٿياربند ۽ ڪرمنل گروپ نه صرف عددي لحاظ کان پوليس کان وڌيڪ آهن، پر انهن وٽ جديد هٿيار به آهن، ان سان گڏ انهيءَ رپورٽ ۾ متحده جي ڏهه هزار هٿياربند ويڙهاڪن ۽ 25 هزار ريزور لشڪر جو ذڪر به ڪيو ويو آهي. هن رپورٽ ۾ پ پ جي ڪارڪنن خاص ڪري ڪراچي جي پوئتي پيل علائقي لياري بابت چيو ويو آهي ته حڪومت انهن کي به وڏي تعداد ۾ هٿيار فراهم ڪيا آهن. هن رپورٽ ۾ سني تحريڪ کي وڌيڪ خطرناڪ گروپ قرار ڏنو ويو آهي.ان رپورٽ ۾ لياريءَ جي مختلف گروپن جي نالن ۾ ڏوهن جي دنيا انتهائي خطرناڪ ڏوهارين جي پروفائل پيش ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي آهي.

لياريءَ جي هر پاڙي ۾ جوا جو اڏو، علائقي جي ڪيترن ئي حصن ۾ منشيات جو ڪاروبار هلندڙ آهي ۽ هتي هر اهو ڏوهه ٿئي ٿو، جيڪو متحدا کان وٺي مختلف جماعتون ڪن ٿيون.

عام طور تي لياري ۾ ٽي وڏا گروپ سمجهيا ويندا آهن، پر هتي وڏن گروپن جا ڪجهه ننڍا گروپ به آهن. سموري لياريءَ تي اڳوڻي امن ڪاميٽي جو غلبو سمجهيو وڃي ٿو ۽ اها ئي اڇي ڪاري جي مالڪ آهي. اڳوڻي امن ڪاميٽي جي سربراهه عزير جان بلوچ جي هٿن ۾ آهي. هو هڪ ٽرانسپورٽر جو پٽ آهي. پر رحمان بلوچ جي مارجي وڃڻ کانپوءِ عزير جان بلوچ هن جي ويجهن عزيزن ۾ شامل هو، ان ڪري کيس چڱ مڙسي جو پٽڪو ٻڌرايو ويو.

لياري ۾ اڳوڻي امن ڪاميتي جو وڏو مخالف گروپ حاجي لالو ۽ غفار ذڪريءَ جو سمجهيو وڃي ٿو، جنهن کي هينئر ڌڪي پاسيرو ڪيو ويو آهي. حاجي لالو سان گڏ غفار ذڪري سرگرم رهيو آهي ۽ هينئر لالو آزاد ٿي ويو آهي ۽ ان جو پٽ جيل ۾ آهي. سندس ضمانت منظور ٿيڻ جي باوجود کين هڪ خاص حڪمت عمليءَ تحت سينٽرل جيل ڪراچيءَ ۾ رکيو ويو آهي. انهن کي هڪ خاص موقعي تي ميدان ۾ لاهڻ لاءِ تياريون شروع ٿي ويون آهن. هن ويل ٽيون طاقتور گروپ لياري ٽائون جو اڳوڻو ناظم رئوف بلوچ جو سمجهيو وڃي ٿو، جنهن جي حڪومتي ايوانن ۾ به چڱي چوکي رسائي آهي. هن جو وڏو ڪاروبار ڪاري ڌن جو آهي. هن جا لڳ لاڳاپا ايترائي آهن، جيترا رحمان بلوچ جا هئا.

هن وقت بلاول هائوس جي اڳوڻي سيڪيورٽي چيف اڪرم بلوچ جو نئون گروپ سامهون آيو آهي. جنهن تي اهي الزام لڳي رهيا آهن ته لياري جي اڳوڻي امن ڪاميٽي جي سربراهه عزير بلوچ تي حملي ۾ ملوث رهيو آهي. ان کانسواءِ مختلف بم ڌماڪن ۾ به اهو گروپ ملوث سمجهيو وڃي ٿو. اڪرم بلوچ جيڪو رحمان بلوچ جو ويجهو مائٽ آهي، اهو پنهنجن مائٽن کان ناراض آهي ۽ ان کانسواءِ کيس ڪجهه بااثر ڌرين جي پٺڀرائي به حاصل آهي.

هي جيڪي گروپ سرگرم آهن، انهن وٽ هٿيارن جي ڪا به کوٽ ناهي. لياريءَ ۾ سياسي طور تي گهڻي سرگرم رهندڙ هڪ جهوني اڳواڻ ٻڌايو ته هنن گروپن هٿيارن جا گودام قائم ڪيا آهن ۽ انهن وٽ ايڏا خطرناڪ هٿيار موجود آهن، جيڪو اهي صرف ڇهن کان ستن ڪلوميٽرن تائين فائر ڪري سگهن ٿا ۽ اهي هٿيار ٽي سو ميٽرن تائين انساني آباديءَ کي تباهه ڪري سگهن ٿا.

هينئر لياريءَ ۾ جيڪي به گروپ سرگرم آهن، انهن کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪڙا ڪرمنلز ۽ سياسي ڪارڪنن جي وڏي فوج رکن ٿا ته ٻيا وري صرف ڏوهن جي دنيا ۾ وڌيڪ سرگرم آهن. اڳوڻي امن ڪاميٽي اهي ٻئي ڪم ڪري ٿي. غفاري ذڪريءَ بابت اطلاع آهن ته ان جا سياسي طور تي متحدا سان لڳ لاڳاپا آهن.

متحدا سان لاڳاپيل هڪ اهم ڪردار غالم پشني جو آهي، جنهن کي رحمان بلوچ جي حياتي دوران ڀڄايو ويو ۽ اهو بلديا ٽائون ۾ رهي رهيو هو. هينئر غلام پشني ٻيهر علي هوٽل واري علائقي ۾ سرگرم ٿيو آهي. چون ٿا ته ڪڇي رابطا ڪائونسل جيڪا پڻ لياري مسئلي ۾ اهم فيڪٽر بڻيل آهي، ان پشني کي داخل ڪرايو، پر هاڻ هو انهن جي ڪنٽرول مان نڪري ويو آهي. دريا آباد واري علائقي ۾ پشني ڪمپائونڊ آهي، جتي وڏي بلڊنگ ۾ ڪيترائي اپارٽمينٽس آهن. اهي سمورا خالي ڪرايا ويا.

ڪڇي رابطا ڪائونسل کي لياريءَ ۾ سنڌين جو نمائندو سمجهيو وڃي ٿو، پر هي به ڪرمنلز ۽ ڀتاخورن تي ٻڌل گروپ آهي. ان سان ڪجهه سنڌي قومپرست به رابطي ۾ آهن، جيڪي لياريءَ جي ويڙهه کي سنڌي ۽ بلوچ ٽڪراءَ جو رنگ ڏئي رهيا آهن.

جيستائين اڳوڻي امن ڪاميٽيءَ جو واسطو آهي ته ان جي وڏن ويڙهاڪن ۾ بابا لاڏلا ۽ جهينگو جا ٻه وڏا گروپ آهن، جيڪي پاڻ ۾ ٺهيل ناهن. انهن جو ٽيون گروپ ڪلاڪوٽ ۾ رهندڙ استاد تاجو آهي، جنهن وٽ ٽي سئو کان وڌيڪ هٿياربند آهن. ان کي به وڏي قوت سمجهيو وڃي ٿو. لياري ۾ ويڙهه ڪرائڻ لاءِ به رٿابندي ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ هڪ اڳوڻو مملڪتي وزير به شامل آهي، جنهن جي لياري ۾ آمد تي پابندي لڳائي وئي آهي. جيڪڏهن لياري ۾ ويڙهه شروع ڪرائي وڃي ٿي ته سڄي علائقي ۾ باهه لڳي ويندي. ان جو گهڻو نقصان عام ماڻهوءَ کي ٿيندو. هينئر تائين ان ويڙهه ۾ گذريل پنجن سالن کان هزارين ماڻهو مري چڪا آهن. لياري تي ڪنٽرول ڪنهن به گروپ جو ٿئي، نقصان عام ماڻهوءَ جو ٿيڻو آهي. هن سموري ويڙهه ۾ پيپلز پارٽي جيڪا وڏي طاقت آهي، اها مسئلي کي حل ڪرائڻ بدران پاڻ مسئلو بڻيل آهي.

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو